ڀٽ شاهه جي نگري ۽ استادن ۾ جهيڙو

ڀٽ شاهه جي نگري ۽ استادن ۾ جهيڙو

تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

علم انسان جي ٽين اک آهي، جيڪا روشني واري لاٽ شاگرد کي مُهيا ڪرڻ ۾ هو تمام وڏو ڪردار ادا ڪندا آهن، اهو عظيم ۽ شان وارو رشتو استاد ۽ شاگردن وچ ۾ والدين ۽ اولاد جهڙو به رهي ٿو، گڏوگڏ استاد پيشي جو ذڪر ڪجي ته يقينن هو هڪ پيغمبري پيشو آهي، جنهن کي نه رڳو هن دنيا ۾ پر آسمانن ۽ عرش عظيم تي به بلند مقام حاصل آهي.معاشري ۾ اها ڳالهه عام طور چئي ويندي آهي ته جنهن به فيلڊ ۾ اڪثريت گهڻائي ٿي ويندي آهي ته ان ۾ وقت جي رفتار سان تعارف ته رهي ٿو پر معيار گهٽجڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، جنهن پٺيان اصل ڪارڻ رڳو اڪثريت نه پر پنهنجو پاڻ کي نه سڃاڻڻ به هجي ٿو، انسان جي وڏي ۾ وڏي عقلمندي اِها آهي جو هو پهريان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي، هن معاشري جو حصو ٿي رهي، آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن هن پيغمبري پيشي سان وابسته اُستاد پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي وٺن ها ته شايد اڄ اسان وٽ ڪو عظيم انقلاب برپا ٿي چڪو هجي ها پر ان تي جيترو ڏک ڪجي سو گهٽ آهي جو علم جي روشني سان ٽين اک ڏيندڙ اهي استاد پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ بدران سندن تنظيم پ ٽ الف پهريون ڀيرو لطيف جي نگري تان جهيڙي ۽ ڇڪتاڻ جو جيڪو پيغام ڏنو آهي، اهو استادن کي نٿو جڳائي. ان حوالي سان ميڊيا ۾ آيل رپورٽن موجب استاد تنظيمن جي ٻن گروپن وچ ۾ مرڪزي اليڪشن ٿي رهي هئي، جتي آيل سڀني ميمبرن پاران مقابلو ڪندڙ ٻن گروپن لڪي شاهه پئنل ۽ ڀٽائي پئنل کي ووٽ ڏنا ۽ دستور موجب جڏهن هڪ ڌر پاران اليڪشن کٽڻ جو اعلان ٻڌو ويو ته هو خوشي وچان هليا ويا ۽ هارايل گروپ جي حامي استادن ان وقت اليڪشن ڪرائيندڙ چيئرمين ۽ سندن ميمبرن مٿان تشدد ڪيو، جنهن سان هنگامي واري صورتحال ۽ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي، ايتري تائين جو معاملو قانون نافذ ڪندڙ اداري تائين وڃي پهتي، جنهن پهچي ڇڪتاڻ تي ڪنٽرول ڪرايو.سڄي سنڌ اندر پرائمري اُستادن جي تنظيم پ ٽ الف وچ ۾ اِهڙي افسوسناڪ واقعي بابت چيو پيو وڃي ته مرڪزي اليڪشن ۾ ٽوٽل 360 استاد ميمبر اڳواڻن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، جنهن ۾ پهرين ڏنل نتيجي موجب لڪي شاهه پئنل جي سڀني اميدوارن جنهن ۾ صدارتي اميدوار غلام رسول مهر ۽ پئنل کي ٽوٽل 179 ووٽ مليا، جڏهن ته مقابلي ۾ ڀٽائي پئنل جي صدارتي اميدوار شفيع محمد سٺيو جيڪو اڳ به پ پ الف جو مرڪزي صدر رهيو آهي، تنهن کي 175 ووٽ مليا. مجموعي طور ڏسجي ته ٻنهي گروپن وچ زبردست ۽ قابل تعريف مقابلو ٿيو آهي پر پيش آيل واقعي تي جيترو به افسوس ڪجي سو گهٽ آهي. کٽڻ يا هارائڻ اِهو مقابلي جو بنيادي پهلو هوندو آهي. جيڪڏهن هن ڌر طرفان واقعي ئي اهڙي طرح کٽيو ويو آهي جيئن اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين جيڪو به استاد آهي جتي عبدالخالق ڀنگوار جو چوڻ آهي ته لڪي پئنل جي اميدوارن کين حراسان ڪيو ۽ زبردستي رزلٽ شيٽ تي ڪاميابي جون صحيحون ورتيون ويون آهن، خير ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت ٿي سگهي ٿي اُهو ته انڪوائري کانپوءِ ئي معلوم ٿيندو، پر هتي هڪڙي ڳالهه وائکي ۽ چٽي ٿي پئي آهي ته ڪنهن به اليڪشن جي جڏهن ڳڻپ ٿيندي آهي ته ٻنهي گروپن جا ماڻهو موجود هجن ٿا، استاد تنظيم جي اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين جيڪو يقينن هر فرض شناس انسان شخصيت جو مالڪ ضرور آهي پر اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته آخر جڏهن ڳڻپ ٿي رهي هئي ته پوءِ انهي دوران ڀٽائي پئنل جا اميدوار يا سندن حامي ڪٿي هئا جو لڪي پئنل گروپ مٿان زبردستي اعلان ڪرائڻ جو الزام هنيو ويو آهي، جيڪڏهن کٽيل گروپ طرفان ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا“ جي زور سان اهڙو اعلان ڪرايو ويو ته پوءِ ڀٽائي پئنل جي حامي استادن کي ته اُن وقت ئي اکيون کولڻ گهرجن ها. جڏهن اتي اليڪشن ڪميشن چيئرمين يا ان جي ميمبرن کي ڌمڪائي نتيجو ورتو پئي ويو.اِها ڳالهه به سواليه نشان آهي ته پنهنجي گروپن جي وچ ۾ هڪ گروپ ڪيئن زبردستي اعلان ڪرائي سگهي ٿو، خير اُستاد تنظيم وچ ۾ پيش آيل اهڙي افسوسناڪ واقعي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين ڏنل زبردستي نتيجي کي رد ته ڪري ڇڏيو آهي پر انهي مقدس پيشي سان وابسته اُستاد تنظيم به هڪ دفعو بيچني واري صورتحال ڀوڳي پئي، تنهن ڪري آئون چوندس ته هن مقدس پيشي سان لاڳاپيل اُستاد تنظيم کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها، جيئن ڀٽائي جي نگري تي ٻن گروپن وچ ۾ ويڙهه ٿي ۽ ماڻهن ڏانهن ان جو منفي پيغام ويو. منهنجو شهيد بابا به اُستاد ٿي رهيو، جيڪو ان وقت جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ ۽ ڪنهن تعارف جو محتاج نه هو، هو اُستاد انتظار حسين ڇلگري جو سدائين سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪندو هو ۽ سندس چوڻ هو ته هن شخصيت جي هن تنظيم مان الڳ ٿيڻ بعد استاد تنظيم جو اڳتي هلڻ ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيندو، بعد ۾ ٿيو به ائين! جيئن ته مون شروعاتي سٽن ۾ واضح ڪيو آهي ته جنهن به فيلڊ ۾ گهڻائي ٿي ويندي آهي ته ان جي اهميت تي به ان جو اثر پوندو آهي، بهرحال هتي اسين ڳالهه پيا ڪريون استاد شخصيت نالي جي ته اُستاد اُهو عظيم انسان آهي، پر ان ڳالهه تي مون کي تمام گهڻو افسوس ٿيو ته پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل استادن ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن عمل استاد جهڙي عظيم رتبي کي ڇيهو رسايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو