آمريڪي ريپر فيشن ايبل اعليٰ ٽيڪنالاجي ماسڪ تيار ڪري ورتي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)پوري دنيا ۾  جڏهن ڪورونا جا وار جاري آهن  ته ٻئي طرف ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين ايجادن جي ترقي پڻ عروج تي آهي.آمريڪي ريپر ۽ صنعتڪار ول آءِ ايم ملٽي نيشنل ڪمپني هنيليل سان گڏ هڪ اسٽيٽ آف دي آرٽ چهري ماسڪ ’ سپر ماسڪ‘ متعارف ڪرائي ڇڏي.سپر ماسڪ هڪ اهڙي پراڊڪٽ آهي ، جيڪا تحفظ ، ڊزائن ۽ افاديت جو مجموعو آهي آءِ ايم وڌيڪ چيو ته ماسڪ جو مقصد نڪ ۽ وات کي ڍڪڻ سان گڏوگڏ ساهه جي فراهمي کي آسان بڻائڻ آهي. آمريڪي ريپر جي مطابق ، ماسڪ منفرد پيٽرٽ فلٽر سان ٺاهيو ويو آهي ۽ اسان ان کي ٺاهڻ ۾ فخر محسوس ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته اسان سپر ماسڪ ۾ فيشن ۽ حفاظت کي گڏ ڪيو آهي ۽ رپورٽن مطابق ماسڪ جي قيمت 299 رپيا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو