صبا قمر پاڻ جيتري مضبوط مرد جي مستحق آهي,فنڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره صبا قمر جي آسٽريلوي بلاگر عظيم خان سان شادي جي فيصلي کان انڪار تي فنڪارن رد عمل ڏيندي اداڪاره جي لاءِ  نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.صبا قمر گذريل ڏينهن اوچتو پنهنجي مڱيندي عظيم خان سان شادي  ڪرڻ جي فيصلي کي ملتوي ڪري ڇڏيو هو. هن شادي کان انڪار جو ڪوبه سبب نه ٻڌايو هو صرف ايترو چيو هو ته هاڻ مان شادي نه ڪري  رهي آهيان ۽ عوام کي درخواست آهي ته اهي هن فيصلي ۾ منهنجو ساٿ ڏين.صبا قمر جي ان فيصلي کان پوءِ پاڪستان شوبز انڊسٽري جي فنڪارن ان جي فيصلي جي تعريف ڪندي کيس هڪ مضبوط عورت قرار ڏنو آهي. ياسر حسين انسٽا اسٽوري شيئر ڪندي لکيو آهي ته جيتري مضبوط صبا قمر آهي هو اوتري ئي مرد جي مستحق آهي ۽ اهو ياد رکو ته مراد ڏاڙهي يا مڇ سان نه پر پنهنجي سچائي ۽ ايمانداري سان مرد بڻجندو آهي.هن صبا قمر کي مضبوط رهڻ جي تلقين به ڪئي. اداڪاره ماهره خان، آئمه بيگ، بلال عباس خان به صبا قمر جي فيصلي جي تعريف ڪئي ۽ ان جي لاءِ مستقبل ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو