ڪنڌ ڪوٽ (ن سنڌيار)ڪشمور ضلعي اندر ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ايس ايس پي امجد شيخ ، ڪرنل جاويد اصغر سنڌ رينجرس سنڌي ادبي سنگت ڪنڌڪوٽ ، ڪشمور آرٽ ڪانونسل ۽ باشعور شهرين پاران 26 ، 27 ۽ 28 فيبروري مني اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ علمي ، ادبي ،ثقافتي ميلو ، راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش جي پروگرام جي تياري حوالي سان هڪ اهم اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ضلعي جي وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي عملدارن ، ضلعي سان واسطو رکندڙ اينجيوز ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي چيو ته ڪنڌڪوٽ ضلعي جي عوام کي تفريحي فراهم ڪرڻ لاء علمي ، ادبي ،ثقافتي ميلو ، راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش فيسٽيول منعقد ڪيو ويندو۔ هن چيو ته سمورن کاتن جي سربراهن کي هن فيسٽيول ۾ حصو وٺڻ گهرجي ۽ فيسٽيول منعقد ڪرڻ لاء مڪمل سهڪار ڪيو وڃي ان موقعي تي آرگنائيزر ڪميٽي جي ميمبر چيو ته هن فيسٽيول ۾ آرٽ ڪانونسل جي تقريب سگهڙن جون ڪچهريون ادبي ڪانفرنس ،ميوزڪ پروگرام ، مشاعرو ، ڊراما ،گهوڙن جي ڊوڙ ، ڏاندن جي ڊوڙ ، ملاکڙو ، راڳ رنگ جون محفلون، ڪراٽي ۽ جم جا پروگرام پڻ منعقد ڪيا ويندا هن ۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي چيو ته هر کاتو پنهنجو پنهنجو اسٽال لڳائين ۽ بهترين اسٽال لڳائڻ تي انعام پڻ ڏنو ويندو هن فيسٽيول ۾ ٻيو ڏينهن عورتن لاء مخصوص ڪيو ويو آهي ۔ سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي پڻ سختي سان عمل ڪيو وڃي.
