ميانمار ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ميانمار ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ ا سيڪيورٽي ڪائونسل جو  هنگامي اجلاس طلب طلب ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ذريعن موجب ، سلامتي ڪائونسل جو ورچوئل اجلاس ميانمار ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ صورتحال جو جائزو وٺندو.ٻئي طرف آمريڪي صدر جو بائيڊن ميانمار ۾ فوجي بغاوت ۽ اقتدار تي قبضي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ جمهوريت جي بحالي جو مطالبو ڪيو آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊين ميانمار تي ٻيهر پابنديون لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ، جڏهن ته برطانيه سياسي اڳواڻن کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته فوج ڪالهه ميانمار ۾ اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ ڪيترن ئي اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو ، جن ۾ ڊي فيڪٽو اڳواڻ آنگ سان سوچي شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو