ميڊيڪل دوائن جون ڪمپنيون ۽ امير ڊاڪٽر

تحرير زبير احمد ڪلوڙ

اڳئين زماني ۾ اگر ڪو انسان بيمار ٿيندو ھيو ته ان جي علاج لاءِ يوناني دوائون يا ديسي ٽوٽڪا استعمال ڪيا ويندا هئا، انھيء دور ۾ ديسي ٽوٽڪن ۽ يوناني دوائن کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي هئي، بيمار ٿيندڙ ماڻهن کي ڊاڪٽر ڏي وڃڻ بجائي حڪيمن ڏانهن وڃڻو پوندو ھيو جتي ھر انسان جو سٺي ريت علاج ٿيندو ھيو ۽ انهي علاج تي پيسن جو خرچ نه ھئڻ برابر ٿيندو ھيو، اڄ جي دور ۾ اگر ڪو انسان بيمار ٿئي ٿو ته ان مٿان ان جا وارث لکين روپيا خرچ ڪري ٿا ڇڏين، آخر ڇو لکين روپيا خرچ ٿين ٿا ان جي ڪھڙي وجه ٿي سگهي ٿي، ان جون ڪافي وجه آهن  ھن دور ۾ ڊاڪٽرن جون فيسون سون بجاءِ ھزارن روپين ۾ پھچي ويون آهن جيڪا غريب عوام ڪونه ڀري ٿي پئي سگهي ۽ ان سان گڏوگڏ ميڊيڪل اسٽور تي جيڪا ٽيبليٽ ھڪ روپي ۾ ملندي ھئي سا ڏھن روپين ۾ ملڻ لڳي آهي، مھنگائي ته آهي ئي آهي مگر ان مھنگائي ۾ دوائن جي ريٽ جي اضافي ۾ پڻ ڊاڪٽرن ۽ دوائون ٺاھيندڙ ڪمپنين وارا پڻ ڀاڳين ڀائيوار آهن اڪثر اوهان پنھنجن پنهنجن شھرن ۾ ڏٺو ھوندو ته ميڊيڪل ڪمپنين سان واسطو رکندڙ انھن جا ملازم درجنن جا درجن اوهان جي شھرن جي گِھٽين ۾ نظر ايندا ھوندا، ۽ ڊاڪٽرن وٽ نظر ايندا ھوندا، اھي پنھنجا پنهنجا نيا پراڊڪٽ کڻي ڊاڪٽرن وٽ پھچندا آهن جتي ڊاڪٽرن کي انھيء ڳالھ تي زور وجھندا آهن ته ھي دوا به مريضن کي لکي ڏيو، ان جي بدلي ڪمپني ڇا ڏيندي، اوهان حيران ٿي ويندو ته دوائن واريون ڪمپنيون آخر ڊاڪٽرن کي ڇا ڏينديون ھونديون اوهان اڪثر دوستن جي دل ۾ اھو ئي خيال ھوندو آھي ته ڊاڪٽرن کي دوائن جون ڪمپنيون ڪجهه به نٿيون ڏين،غلط اھي ڪمپنيون ڊاڪٽرن کي گھڻو ڪجھ ڏئي رھيون آھن،جنهن منجهه مختلف گاڏيون گھر بنگلا ۽ لکين روپيا ادا ڪنديون آهن، انهيءَ لالچ ۾ اچي ڊاڪٽر روزانو جي بنياد تي ايندڙ نئي نئي قسم جون دوائون لکڻ تي مجبور ٿي پون ٿا،جنهن ۾ عطائي ڊاڪٽر گھڻا ملوث آهن، انھي ڪري غريب عوام پسجڻ تي مجبور ٿي پوي ٿي،سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن جو حال ته اوهان جي سامهون آهي جتي اڪثر ڊاڪٽر ڊيوٽي چور ھوندا آھن ۽ اھي ڊيوٽي چور ڊاڪٽر پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ تي ويھي عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽندا رھندا آھن سرڪاري اسپتالن ۾ جتي غريبن لاءِ علاج نالي ڪا شئي موجود ناهي، لکين روپين جون دوائون سرڪاري اسپتالن ۾ اچن ٿيون مگر اھي دوائون اتان جي اسپتالن جي عملي جي ملي ڀڳت سان ميڊيڪل اسٽورن تي وڪاميون وڃن ٿيون سرڪاري اسپتالن ۾ غريب کي پيناڊال گوري به ڪونه ٿي ملي، مگر اھو ئي غريب شخص جڏهن پرائيويٽ ڪلينڪ تي ويندو آهي ته اتي ڪاسائي جي روپ ۾ ويٺل ڊاڪٽر ھڪ ته ان غريب ماڻهو کان وڏي فيس وصول ڪن ٿا تنهن کان علاوه پرچن جا پرچا دوائون جا ٿا لکي ڏين,جيڪا غريب عوام وٺي ڪونه ٿي سگهي اگر ڪو ويچارو غريب پنهنجي پياري جي حياتي بچائڻ لاءِ دوائون خريد ڪندو آهي ته ھو پنھنجي گھر جا زيور، جائيداد، گھر جا قيمتي سامان ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ وڪڻي پنهنجي پياري جي حياتي بچائڻ خاطر ھر چيز داعو تي لڳائي ڇڏيندو آهي،۽ ان جو علاج ڪرائيندو آهي وزيراعظم پاڪستان عمران خان ماضي ۾ ته وڏا وڏا واعدا ڪيا ھئا ھاڻي وقت اچي ويو آهي ته اھي واعدا پورا ڪري ۽ غريب عوام کي رليف فراهم ڪري ۽ انهيءَ دوائن جي ڪمپنين خلاف عملي ڪارروائي ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ انهيءَ ڊاڪٽرن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي جيڪي عوام جو رت چوسي ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن موجوده حڪومت جي ته خبر ناهي جو انھن خلاف نوٽيس وٺندي يا ڪونه مگر ان تي نيب سميت ٻين ادارن کي انھن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گھرجي ته جيئن غريب عوام تان ڪجهه بار گھٽجي سگهي، اگر انهن ميڊيڪل ڪمپنين ۽ امير ڊاڪٽرن خلاف ايڪشن نه ورتو ويو ته اھو ھميشہ لاءِ غريب عوام لاءِ عذاب بڻيل ھوندو،عوام کي به ان تي ميدان ۾ اچڻ گھرجي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گھرجي،اگر ان تي عمل نه ٿيو ته غريب عوام اڳ جيان پسجندي رھندي،

پهنجو تبصرو موڪليو