ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو فوت، وڏي وزير پاران تعزيت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ناميارو اديب ۽ استاد پروفيسر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو وفات ڪري ويو. هو وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ پروفيسر هو ۽ دل جي دوري سبب 48 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪالهه پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي پوسٽ به رکندو رهيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته ادب ۽ تعليم ۾ سندس خدمتون وڏي عرصي تائين ياد رکيون وينديون. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جون سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون ناقابل فراموش آهن. وڏي وزير کيس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.

پهنجو تبصرو موڪليو