مشرف غداري ڪيس جي فيصلي تي بيان ڏيندڙ وزير عدالت طلب

پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس جي فيصلي بابت وفاقي وزيرن جي مبينا توهين آميز بيانن تي وفاقي وزيرن ۽ وزيراعظم جي معاونن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزيرن جي توهين آميز بيانن جي خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس روح الامين ۽ جسٽس اعجاز ڪئي.جسٽس اعجاز روح الامين رمارڪس ڏيندي چيو ته جن توهين عدالت ڪئي آهي اهي ايندڙ ٻڌڻي تي پاڻ پيش ٿين.ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل عامر جاويد عدالت کي درخواست ڪئي ته ڌرين جي طرفان اسان ڪيس ۾ پيش ٿينداسين ۽ دليل ڏينداسين.جسٽس روح الامين درخواست رد ڪندي حڪم ڏنو ته توهين عدالت ڪندڙ پاڻ پيش ٿين ته پوءِ توهان کي به ٻڌنداسين.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي وزيرن کي پاڻ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو