شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾

تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

اُها گهڙي به هڪ عجيب لمحو هُئي، جڏهن باک ڦٽيءَ مهل سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ طرف خيريت جون دُعائون کڻي اچي رهيا هُئا، پکي پرندا، جيت جڻا به پنهنجي ننڊ پوري ڪري سجاڳ ٿيڻ لڳا هئا، سياري جي ٿڌ سبب بستري جي گرم رضائي کي ڇڏڻ تي دل نه پئي ڪيو پر معمول مطابق پنهنجي پورهئي سان ته وڃڻو هو پر اچانڪ موبائل تي نظر پئي ته اهو سائلينٽ هجڻ ڪري وائبريٽ ڪري رهيو هو، ڪال اٽينڊ ڪرڻ وقت هڪ ساٿي دوست رڳو روئيندو ئي رهيو ته مون کي اِهو ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته سائين لاڙڪاڻي ڪهڙي مهل هلندئو؟ آئون انهي ڏکوئيندڙ واقعي کان بي خبر ئي هُيس پر حافظ عبدالله سمون مون کي چند منٽن جي خاموشي کانپوءِ ٻڌايو ته ظالمن ظلم جي انتها ڪندي سنڌ جي ڪونڌر پٽ کي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو آهي، اچانڪ خبر ٻڌڻ کانپوءِ يقينن ڪيفيت ڪهڙي ٿي هوندي سان وضاحت ڪبي ته ساڳيو ئي سور جاڳي پوندو، ڇوته سنڌ جي سورهيه پٽ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سان منهنجي آخري ملاقات ۽ چند منٽن واري خير و عافيت جي ڪچهري ۽ ڳالهه ٻولهه واقعي کان ڪجهه ڏينهن پهريان حيدرآباد جي پريس ڪلب ٻاهران ٿي هئي. موت ته برحق آهي جيڪو ڪنهن به سبب هڪڙي ڏينهن هر انسان کي ضرور اچڻو آهي، پر ڪي اهڙا واقعا به هوندا آهن، جيڪي وقت کان اڳ اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي هليا ويندا آهن، سنڌ ڪيئي سورهيه، بهادر پٽ جنميا، جيڪي تاريخ جو حصو آهن ۽ جيستائين هي دنيا قائم آهي تيستائين يقينن انهن سورهيه پٽن کي ڪير به نه وساري سگهندو، سونهاري سنڌ جي انهن سورهيه پٽن ۾ مفتي علي محمد حقاني جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو بهادر سپوت شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو به هڪ هيو، پاڻ هڪ ناليوارو عالم دين سان گڏوگڏ قومپرستي ۾ ڪنهن تعارف جو نه محتاج هو بلڪه هڪ دلير شخصيت جو مالڪ هيو، آئون گذريل ٻن کان ٽن شمارن ۾ اِهو واضح ڪري چڪو آهيان ته منهنجي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سان پهرين ملاقات سندس مدرسي، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ واقع آهي، اتي ٿي هئي جتي آئون عيد گڏجاڻي پروگرام ڪرائڻ لاءِ کانئس پروگرام وٺڻ ويو هُيس، جتي هن وڏي خلوص جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ڊائري منهنجي هٿ تي رکي چيو ته سيپٽمبر جي مهيني ۾ جيڪا وڻئي سا تاريخ لکي ڇڏ، آئون صبح جو ڏهين وڳي اچي توهان وٽ پهچندس، تنهن دؤر ۾ ڪو موبائل سسٽم وغيره ڪونه هوندو هو، رڳو خط و ڪتابت جو دؤر هو، ڊاڪٽر صاحب کان مون جڏهن موڪلائي پير ڳوٺ طرف روانو ٿيس ته هن آخر ۾ چيو ته ادا انهي تاريخ جي وچ ۾ مون کي خط ضرور لکي موڪلجو ته جيئن اها پڪ پوي ته ساٿين جو پروگرام يقينن آهي. ڪشمور ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ بڊاڻي ۾ اُهو شير سنڌ جو پهريون پروگرام هو، جنهن پروگرام دؤران سندس پارٽي جا چڱا ڀلا ذميوار ماڻهو ڪنڊائتا به ٿي ويا هئا پر مون سان گڏ سائين بشير احمد شر، حفيظ الله ڪنڀر ۽ ڏاڏا در محمد سانگي سميت ڪافي دوست پروگرام کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پنهنجي مهمان جي انتظار لاءِ واجهائي رهيا هئاسون، نيٺ پوري ٽائيم تي سنڌ جو بهادر پٽ ۽ انهي عيد گڏجاڻي پروگرام جو خاص مهمان پنهنجي منزل ماڻي سنڌو درياهه جي ڪپ تي قائم انهي ننڍڙي ڳوٺ اچي پهتو، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي تقرير، ليڪچر يقينن اڄ بي لاڀ آهي، پاڻ وٽ نه رڳو قرآن ۽ حديثن جي لفظن جي کاڻ هئي، مثالن، دليلن ۽ ثبوتن سان ڳالهيون ته خبر ناهي ته سندس دماغ جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ سمايل هيون جو هو روانگي وانگي چوندو ويندو هو ۽ اڄ هن بهادر پٽ جو ڪو مثال ئي ڪونه ٿو ملي. شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو مذهبي پروگرامن کان هٽي ڪري هن ديس ڌڻين جو ڪيس نه رڳو سنڌ ڌرتي تي وڙهيو پر اُها گونج گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ان وقت گونجي اُٿي هئي جڏهن مئل گهوڙي ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ جو سگهارو آواز سينيٽ ۾ به گونجي اٿيو هُيو، جيتوڻيڪ انهي سينيٽ ۾ ته ٻيا به سنڌ ڄاوا سينيٽر موجود هئا پر چپ چورڻ لاءِ به دل کپندي آهي، پر اُها ديس ڌڻين سان محبت جو اظهار ۽ وفاداري جو ثبوت پهريون سگهارو آواز شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو هو. سنڌ ڌرتي تي مختلف وقتن تي ٿيندڙ وار هجن، صوفين جي امن واري ڌرتي تي بدامني جو اِشو هجي ايتري تائين جو سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري سان پيش ايندڙ تڪليفن جون گهڙيون هجن، هي هڪ مذهبي عالم دين سڀ پنهنجون مصروفيتون ڇڏي هر ڏکي گهڙي ۾ پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجو ڪيس سمجهي ڪڏهن به وقت سر پهچڻ ۾ دير ڪونه ڪيائين.ڊاڪٽر خالد محمود سومرو نهايت هڪ شفيق انسانيت جو مالڪ هو، سندس مهمان نوازي، خلوص سان ملڻ پيار سان ڳالهائڻ پنهنجائپ ڏيکارڻ جو ته ڪو مثال ئي نه آهي، جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اهم ذميواري کيس مختلف وقتن تي ملندي رهي ۽ پاڻ تنظيم اندر نه رڳو عهديدار پر هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو، جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي لکين ڪارڪنن ۽ پنهنجن عزيزن مٽن مائٽن سان گڏوگڏ مون جهڙن دوستن کان وڇڙندي 6 سال ٿيڻ وارا آهن، يقينن جڏهن واقعو اکين اڳيان تري ٿو اچي ته اڄ تائين اهو محسوس ٿيندو آهي ته ڇا واقعي ئي ڀائو اسان کان ڌار ٿي چڪو آهي، يا اهو ڪو خواب پيا ڏسون ۽ ها! بشير احمد شر صاحب، واقعي ئي ڀائو پاڻ کان موڪلائي چڪو آهي، يقينن اڄ اسين انهي پنهنجي وفادار، حوصلو پيدا ڪندڙ دوست جسماني طور تي ته اسان کان جدا ٿي چڪو آهي پر اڄ به هو اسان جي دلين ۾ موجود آهي ۽ سندس قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ اسان جا حوصلا بلند آهن، هر گهڙي شهيد جي وارثن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ آهيون. دعا آهي ته الله رب العزت شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ڪيل ديني دُنيوي خدمتن جي صدقي مغفرت فرمائي.

پهنجو تبصرو موڪليو