نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪاروائي ملتوي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي مفرور قرار ڏيڻ جي ڪاروائي کي  شاهدن جي بيانن ڏيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.جسٽس امير فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي مشتمل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ العزيزيا ۽ ايوان فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ نيب جي اپيل تي نواز شريف جي بريت خلاف ٻڌڻي ڪئي وئي جڏهن ته ساڳي عدالت العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس ۾ احتساب عدالت کان مليل  سزا کي وڌائڻ لاء نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف کي هڪ اشتهار ذريعي طلب ڪيو هو پر هو عدالتي حڪمن باوجود پيش نه ٿيو.پرڏيهي آفيس پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته نواز شريف ڄاڻي واڻي عدالت ۾ پيش نه ٿيو .اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تائين نواز شريف کي مفرور قرار ڏيڻ جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي آهي  ۽ چيو  اهو اطمينان ڪرڻو آهي ته نواز شريف کي حڪم نامو ٻڌائڻ جي هرممڪن  ڪوشش ڪئي وئي آهي .ياد رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف گذريل سال 19 نومبر کان لنڊن ۾ رهائش پذير آهي جتي هن جوعلاج ۽ طبي معائنو هلي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو