لاهور(بيورو رپورٽ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر فخرزمان جون ڪورونا ٽيسٽ سميت ٻيون ٽيسٽون ڪليئر اچڻ کان پوءِ گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. فخر زمان قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ جي نيوزيلينڊ رواني ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ بخار ۾ مبتلا ٿيو هو جنهن کان پوءِ هو نيوزيلينڊ جي دوري کان ٻاهر ٿي ويو هو ۽ کيس آئسوليشن ۾ موڪليو ويو هو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي موجب فخرزمان جو ڪورونا 19 ٽيسٽ ناڪاري آيو آهي.جڏهن ته بخار سبب لاڳاپيل ڪرايل ٻيون ٽيسٽون به ڪليئر آيون آهن. سموريون ٽيسٽون ڪليئر اچڻ کان پوءِ فخرزمان کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. پي سي بي موجب فخرزمان جي طبيعت هاڻ بهتر آهي. فخر زمان جي رواني ٿيڻ کان اڳ جهڙي طرح جي طبيعت هئي اها ٽريول گائيڊ لائنز موجب سفر ڪرڻ جي اهل نه هئي.ياد رهي ته فخرزمان جي ڪورونا سميت ٻيون ٽيستون گذريل ڏينهن ٿيون هيون. پاڪستان ڪرڪيٽ اسڪواڊ سومر جي صبح لاهور کان سڌو سنئون دبئي، نيوزيلينڊ روانو ٿيو هو ۽ ڊگهي سفر کان پوءِ ڪرائسٽ چرچ پهچي چڪو آهي.
گهوٽڪي جي 30 غير حاضر استادن خلاف ڪاروائي
’اسمبلين ۾ عوام جا نه پر اسٽيبلشمينٽ جا نمائندا ويٺا آهن‘
ميزائيل پرزن جي سپلائي، آمريڪا جي 4 ڪمپنين تي پابندي
نئون قرض پروگرام: آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي درخواست منظور
ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب تباهي، فوتين جو انگ 61 ٿي ويو
ننڍي چونڊ دوران موبائل ۽ انٽرنيٽ معطل ڪرڻ جي سفارش
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
علامه اقبال ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري