دادو(ن سنڌيار) دادو فرسٽ ايڊيشنل سيشن ماڊل ڪورٽ جي فاضل جج قاضي شاهه محمد اظهر جي عدالت ۾ سنڌ جي نياڻي اُم رباب چانڊيو ۽ ڪيس جو فريادي پرويز احمد چانڊيو پيش ٿيا، جڏهن ته جوابدار ڌر مان نواب سردار خان چانڊيو ۽ نواب برهان خان چانڊيو، عبدالستار چانڊيو، سڪندر چانڊيو، علي گوهر چانڊيو پيش ٿيا عدالت فريادي ڌر جي وڪيل صلاح الدين پنهور ۽ جوابدار ڌر جي وڪيلن آصف علي سومرو، اطهر عباس سولنگي جا ڪيس ۾ دليل ٻڌڻ عدالت پاران ڪيس جي شنوائي 17 آڪٽومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.ياد رهي ته اُم رباب جي ڏاڏي، والد ۽ چاچي کي سرداري نظام جي مخالفت ۽ سماجي نيٽ ورڪ ٺاهڻ تي قتل ڪيو ويو هو.










