ڪرپشن ڪيس ۾ عباس جکراڻي ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو

سکر (جئيرام داس )احتساب عدالت ڪرپشن ريفرنس ۾ ميونسپل ڪاميٽي جيڪب آباد جي اڳوڻي چيئرمين عباس جکراڻي ۽ ٻين جوابدار تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت جي جج نيب جي چارج شيٽ جوابدارن کي پڙهي ٻڌائي ۽ جوابدارن صحت جرم کان انڪار ڪيو. نيب سکر جوابدارن تي ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۽ تعليم کاتي جيڪب آباد ۾ ڪرپشن ڪري ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ جو ريفرنس داخل ڪيو ھو. گذريل سال نيب کين گرفتار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو