خورشيد شاهه خلاف نيب ڪيس جي ٻڌڻي 27 تائين ملتوي

سکر (جيرام داس ) سکر نيب ڪورٽ ۾ سيد خورشيد شاهه ۽ سندس ساٿين خلاف ڪمائي کان وڌيڪ ملڪيت رکڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي نيب بيورو سکر پاران سيد خورشيد شاهه کي اين آئي سي وي ڊي اسپتال مان ايمبولينس ذريعي نيب ڪورٽ پهچايو ويو جتي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا سيد خورشيد شاهه سندس  ٻن گهر واري پٽن سميت 18 ماڻهن خلاف نيب بيورو سکر پاران هڪ ارب 23 ڪروڙ رپين جو ريفرنس داخل ڪيو ويو هو عدالت پاران نيب ۽ سيد خورشيد شاهه جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد 27 اپريل تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو