پلاٽ تي قبضو ڪندڙن کي ڏنڊ ۽ قيد جي سزا

سکر (جيرام داس ) سکر جي عدالت زمين تي قبضي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدار ڀائرن کي پنج پنج سال قيد ۽ 50پنجاهه پنجاهه هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. سکر جي ففٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڏهرڪي واسي ديال داس جي 5 ايڪڙ زمين تي قبضي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدار ڀائرن غلام نبي سميجو ۽ عبدالستار سميجو کي 5قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ۽ جوابدارن کي هٿڪڙيون هڻائي سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو آهي. عدالت فريادي ديال داس جي زمين تان قبضو به ختم ڪرائڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو