اڌ چوري واپس، بائنانس پاران رقم ڪڍائڻ جي سهولت بحال

اڌ چوري واپس، بائنانس پاران رقم ڪڍائڻ جي سهولت بحال

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي سڀ کان وڏي ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينج بائنانس چيو آهي ته هو آچر تي رقم ڪڍڻ جي سهولت ٻيهر بحال ڪندو، جڏهن ته ڪمپني پنهنجي پليٽ فارم تان دنيا جي سڀ کان وڏي ڊجيٽل چوري دوران چوري ٿيل 6 ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي ٽوڪنن مان 95 سيڪڙو جو بندوبست ڪري ورتو آهي. ايف بي آءِ ان واقعي جو تعلق اتر ڪوريا سان جوڙيو آهي.
چين ۾ قائم ڪيل هن ايڪسچينج چيو ته رقم ڪڍڻ جي سهولت جي پهرين مرحلي جي شروعات گرين وچ معياري وقت موجب صبح 6 وڳي کان 9 وڳي جي وچ ۾ ٿيندي، جنهن ۾ بٽ ڪوئن، ايٿر، ايڪس آر پي، ڊوج ڪوئن ۽ ٻين سميت 15 ڪرپٽو اثاثا شامل هوندا.
بائنانس آچر تي چيو ته ڪمپني پنهنجا پئسا استعمال ڪري متبادل ٽوڪن خريد ڪندي چوري ٿيل 6 ارب ڊالرن جي ڪرپٽو ڪرنسي جو بندوبست ڪيو آهي. ايڪسچينج موجب باقي 5 سيڪڙو چوري ٿيل ٽوڪن اهڙن اثاثن تي مشتمل آهن، جن جي خريد ۽ وڪري جي مارڪيٽ ۾ رواني گهٽ آهي ۽ گهربل مقدار ۾ انهن جو بندوبست ڪرڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.
ايف بي آءِ حملي جو ذميوار اتر ڪوريا جي يونٽ کي قرار ڏئي ڇڏيو
هي واقعو ڪرپٽو ڪرنسي جي چورين جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو واقعو آهي.
تحقيقي اداري ٽي آر ايم ليبز موجب، گذريل سال لڳ ڀڳ 150 حملن دوران حملي آورن 2 ارب 90 ڪروڙ ڊالر ماليت جي ڪرپٽو ڪرنسي چوري ڪئي هئي.
ايف بي آءِ ڇنڇر تي چيو ته اتر ڪوريا جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ يونٽ، جنهن کي ”ٽريڊر ٽريٽر“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ان حملي جو ذميوار آهي.
پيانگ يانگ ڪيترن سالن کان رياست سان لاڳاپيل سائبر يونٽن کي جاسوسي، مالي چوري ۽ آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪندو رهيو آهي. جنيوا ۾ ان جي مشن ۽ چين ۾ سفارتخاني تبصرو ڪرڻ جي درخواستن جو ڪو جواب نه ڏنو.
ايف بي آءِ هڪ بيان ۾ چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن يونٽ جي ميمبرن کي چوري ٿيل اثاثن کي ڪرپٽو ڪرنسي ايٿر ۾ تبديل ڪندي ڏٺو آهي. اداري وڌيڪ چيو ته لاڳاپيل ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي انهن اثاثن کي وڌيڪ لڪائڻ ۽ انهن جي اصل ماخذ کي لڪائڻ جي ڪوششن جو امڪان آهي.
تجزئي نگارن ان حملي جو الزام اتر ڪوريا تي لڳايو هو ۽ چيو هو ته بائنانس مان ٿيل چوري هر دور جي سڀ کان وڏي مالي چوري ٿي سگهي ٿي.
آمريڪي بلاڪ چين تجزياتي ادارن ٽي آر ايم ليبز ۽ چين اينالسس موجب، چوري جو وڏو حصو خميس جي دير رات شروع ٿيندڙ لڳ ڀڳ 20 منٽن دوران ٿيو ۽ ان ۾ اتر ڪوريا تي الزام لڳل اڳوڻن وڏن سائبر حملن سان هڪجهڙايون موجود هيون.
جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇنڇر تي چيو ته آمريڪا کي اڃا تائين پڪ ناهي ته ان واقعي ۾ اتر ڪوريا ملوث آهي يا نه.
ٽرمپ ڇنڇر تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو، ”اسان کي خبر ناهي ته اهو اتر ڪوريا آهي يا نه، پر جيڪڏهن اهو اتر ڪوريا آهي ته اسان ان معاملي تي اتر ڪوريا سان ڳالهائينداسين.“ سندس اهي بيان وائيٽ هائوس جي ايڪس اڪائونٽ تي پڻ جاري ڪيا ويا.
بائنانس مالي نقصان پاڻ برداشت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
بائنانس متاثر ٿيل ڪجهه اثاثن کي منجمد ڪرڻ لاءِ صنعت جي ٻين ساٿين سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڪمپني موجب جمعي تائين لڳ ڀڳ 3 ارب ڊالرن جا اثاثا ڳولي ورتا هئا.
ايڪسچينج بار بار چيو آهي ته هيڪنگ دوران چوري ٿيل رقم جو مالي اثر ڪمپني پاڻ برداشت ڪندي. نقصانن جي ازالي لاءِ ڪمپني اندروني طور لڳ ڀڳ 6 ارب 34 ڪروڙ ڊالرن جا فنڊ مختص ڪيا آهن.
ڪمپني ايڪس تي هڪ بيان ۾ چيو ته متبادل ٽوڪن خريد ڪرڻ لاءِ خرچ ڪيل رقم بائنانس جي هڪ ارب ڊالرن واري ”صارفن لاءِ محفوظ اثاثا فنڊ“ مان ورتي وئي، جيڪو بٽ ڪوئن جو هڪ ذخيرو آهي ۽ سيڪيورٽي جي ڀڃڪڙين جي صورت ۾ گراهڪن جي تحفظ لاءِ رکيو ويندو آهي. ان کانسواءِ ڪمپني پنهنجي فيوچرز انشورنس فنڊ ۽ ڪارپوريٽ خزاني مان به ڪجهه رقم استعمال ڪئي.
شريڪ سربراهه يي هي ڇنڇر تي چيو ته سيفو فنڊ جي 50 سيڪڙو رقم استعمال ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪمپني ان فنڊ کي ٻيهر وڌائي لڳ ڀڳ هڪ ارب ڊالرن تائين پهچائڻ جو واعدو ڪيو آهي.
ٻئي شريڪ سربراهه رچرڊ ٽينگ چيو آهي ته هي سيڪيورٽي ڀڃڪڙي هڪ ”پيچيده حملو“ هو، جنهن ۾ هڪ متاثر ٿيل ليپ ٽاپ ۽ اهڙو نقصانڪار سافٽ ويئر شامل هو، جيڪو پنهنجي سرگرمين جا ثبوت ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هو، جنهن سبب واقعي جو سراغ لڳائڻ ۽ جاچ ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو بڻجي ويو.
جمعي تي ڪرپٽو ڪرنسين جون قيمتون گهٽجي ويون، جڏهن ته بائنانس هيڪنگ کانپوءِ پنهنجي گراهڪن کي خاطري ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندن اثاثا محفوظ آهن.
بائنانس، جيڪو صارفن کي ڊجيٽل اثاثا خريد ڪرڻ، وڪڻڻ ۽ واپار ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿو، ان جا سڄي دنيا ۾ 33 ڪروڙ 50 لک رجسٽرڊ صارف آهن. ڪمپني جي 2025ع جي سالياني رپورٽ موجب، ان وٽ گراهڪن جا اٽڪل 162 ارب 80 ڪروڙ ڊالر ماليت جا اثاثا نگراني ۽ حفاظت هيٺ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو