اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي نون اگهن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن تحت پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 31 پيسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 78 پيسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 398 رپيا 96 پيسا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 395 رپيا 72 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن موجب اوگرا طرفان 9 آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي ايڪس ڊپو قيمتن ۾ ردوبدل ڪئي وئي آهي.










