ذوالفقار علي ڀٽو جي ياد ۾ ووشو ڪنگفو ٽورنامينٽ منعقد

ذوالفقار علي ڀٽو جي ياد ۾ ووشو ڪنگفو ٽورنامينٽ منعقد

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) ووشو ڪنگفو ايسوسيئيشن پاران سنڌ جي راندين واري کاتي جي تعاون سان لاڙڪاڻي شهر جي نيو بس اسٽان واري اسپورٽس هال ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ياد ۾ گرلز ۽ بوائز ووشو ڪنگفو ٽورنامينٽ جا شاندار مقابلا منعقد ڪيا ويا، جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ ڊويزن لاڙڪاڻي جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ رانديگر حصو ورتو جنهن دوران مختلف مقابلن ۾ انيلا ڀٽو، شڪيلا ڀٽو، عظره ڀٽو، صغير ڀٽو، ساگر، محمد هاشم کوسو، صابر کوسو، انور علي چانڊيو، غلام حيدر پلال ۽ ٻين پهرين پوزيشن حاصل ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ووشو ڪپ پنهنجي نالي ڪيو. جڏهن ته عاشق بليدي، حسن مغيري، منير جج، حيدر عباس ميتلو، ذاڪر حسين سومرو ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، هوڏانهن وسيم کوسو، جبار کوسو ظھير احمد لوھر ۽ شعيب کوسو 3 پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ٻئي طرف علي اڪبر کوسو، نوريز خان کوسو، نديم شر ۽ جبار علي کوسو 4 پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته علي اڪبر سورج، محمد طارق گھانگرو ۽  ثناءالله کوسو 5 پوزيشن حاصل ڪري سگهيا. ان موقعي تي ووشو ڪنگفو جي ڪوچ استاد مقبول سومرو، زبير احمد سومرو، محمد بچل مري، احمد خان سوکو ۽ ٻين ڪامياب رانديگرن کي انعام، ميڊل ۽ ٽرافيون ڏيندي چيو ته لاڙڪاڻي جي رانديگرن ۾ هڪ وڏو ٽئلينٽ موجود آهي جڏهن ته رانديون صحت لاءِ تمام ضروري آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو راندين جي ويران ميدانن کي آباد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ته جيئن سنڌ بيمارين کان پاڪ صاف ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو