طفيل مگسي
عمومي طور تي ڪنهن به قسم جي سياست ھجي۔ليڪن خاص ڪري کاٻي ڌر جي سياست کي جيڪڏهن محض نعرن۔سيمينارن ۽ سوشل ميڊيا جي بيانن تائين محدود ڪيو وڃي ته اها پنهنجو روح وڃائي ويهي ٿي۔چاڪاڻ ته انهيء سياست جي اصل قوت ىسدائين اهي گڏيل ادارا رهيا آهن۔جتي شعور جنم وٺي ٿو۔تربيت ٿيئي ٿي ۽ قيادت اڀري ٿي۔
انهن ئي ادارن ۾ شاگرد يونين کي مرڪزي حيثيت حاصل هوندي آهي۔مگر خاص طور تي کاٻي ڌر جي سياست جيڪا محض ڪيمپس جي نمائنده تنظيم ناهي هوندي بلڪ سياست جي نرسري۔ليبارٽري ۽ فردي قوت رهي آهي۔
کاٻي ڌر جو بنيادي ڪيس اهو آهي ته شعور ڪو فطري عطيو ناهي بلڪ هڪ تاريخي ۽ سماجي عمل جي وسيلي پيدا ٿيندو آهي۔
شاگرد جڏهن پهريون ڀيرو يونين جي پليٽ فارم تي اچي ٿو ته هو فرد جي حيثيت سان نه بلڪ هڪ گڏيل وجود جي طور تي پاڻ کي سڃاڻڻ سکي ٿو۔
اهوئي اهڙو مقام آهي۔جتي مارڪس۔لينن يا گرامشي ڪتابن کان نڪري ڪري عملي سياست ۾ پوئجن ٿا۔
يونين کانسواء کاٻي ڌر اڪثر انفرادي دانشوري ۾ قيد ٿي وڃي ٿي ۽ گڏيل سياست تائين نٿي پهچي سگهي۔
تاريخ شاهد آهي ته دنيا جي اٽڪل هر وڏيء کاٻيء ڌر جي تحريڪ پنهنجي قيادت شاگرد يونينز کان پيدا ڪئي۔
فرانس جی1968ء واري جنگ هجي يا لاطيني امريڪا جي انقلابي سياست۔جرمني جي سوشل ڊيموڪريٽڪ هجي يا برصغير جي ڊي ايس ايف يا اين ايس ايف۔هرهنڌ يونين اهي ڪيڊر تيار ڪيا جيڪي بعد ۾ مزدور تحريڪ۔صحافت۔تدريس ۽ قومي سياست ۾ مرڪزي ڪردار بڻيا۔
يونين شاگرد کي اهو سيکاري ٿي ته ڳالھ ڪيئن ڪئي ويندي آهي۔تنظيم ڪيئن ٺهندي آهي۔اختلاف کي ڪيئن سنڀاليو ويندو آهي ۽ رياستي ڏاڍ جو مقابلو ڪهڙي ريت ڪيو ويندو آهي۔
يونين کانسواء کاٻي ڌر اڪثر سوشل ميڊيا ايڪٽيوزم تائين محدود ٿي ڪري رهجي وڃي ٿي۔جنهن ۾ گوڙ هوندو آهي۔مگر تنظم نه۔
شاگرد يونن طبقاتي سياست جو پهريون عملي تجربو به ميسر ڪري ٿي۔اهو اڪيلو فورم آهي۔جتي مزدور جو پٽ۔هاريء جي ڌيء ۽ مڊل ڪلاس جو نوجوان هڪ ئي پليٽ فارم تي اچي ڪري پنهنجن مفادن جو بچاء ۽ تحفظ ڪرڻ سکن ٿا۔
اهوئي سبب آهي ته رياست ۽ طاقتور قوتون سدائين کان شاگرد يونين کان خوفزده رهيا آهن۔انهن۔کي چڱي ريت۔پروڙ آهي ته شعور يافته شاگرد سڀاڻي جو مزدور ليڊر۔استاد۔صحافي ۽ سياسي ڪارڪن بڻجي ٿو ۽ اهوئي اهڙو عنصر آهي جيڪو طاقت جي قائم ٿيل ڍانچن کي چيلنج ڪري ٿو۔
هتي کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر يا فاشسٽ سياست جي وچ ۾ بنيادي فرق به چٽو ٿيئي ٿو۔
ساڄي ڌر جي سياست فرمانبرداري۔جذباتي نعرن ۽ ليڊرپرستي تي بيٺي هوندي آهي۔
جڏهن ته کاٻي ڌر جي شاگرد سياست سوال اٿاري ٿي۔اقتدار کي چيلنج ڪري ٿي ۽ گڏيل فيصلي سازي کي تربيت ڏيئي ٿي۔
انهيء لاء تاريخ ۾ جتي ڪٿي فاشزم اڀريو۔هن سڀ کان پهرين يونيورسٽن ۽ شاگرد يوننز کي نشانو بڻايو۔
پاڪستان جي منظرنامي ۾ شاگرد يونينز تي پابنديء کاٻي ڌر کي شديد نقصان پهچايو۔ان پابندي جي نتيجي ۾ کاٻو پاسو زميني سياست کان ڪٽجي ويو۔تحريڪون بيانن تائين محدود ٿي ويون ۽ قيادت هوريان هوريان اين جي اوز ۽ ڊونر ايجنٽن جي هٿ ۾ هلي وئي۔
ائين نظرياتي سياست جي جڳھ اخلاقي ليڪچر وٺي چڏي۔اڄ کاٻي ڌر اڪثر اخلاقي طور تي درست مگر سياسي طور تي ڪمزور ڏيک ڏيئي ٿي ۽ ان ڪمزوري جو هڪ وڏو سبب يونين سياست جو خاتمو آهي۔
جيڪڏهن کاٻي ڌر واقعي سنجيده آهي ته هن کي شاگرد يونين جي بحالي کي پنهنجو مرڪزي ايجنڊا بنائڻو پوندو۔ڪيمپس کي صرف سيمينار هال نه بلڪ سياسي ميدان سمجهڻو پوندو ۽ شاگردن کي صرف ٻڌڻ وارو نه بلڪ چرپر ڪندڙ ڪارڪن بنجڻو پوندو۔
شاگرد سياست کان بنا کاٻي ڌر ائين ئي آهي۔جيئن مزدور تحريڪ بنا فيڪٽري ۽ هاري تحريڪ بنا زمين جي۔
اهو سمجهڻ ضروري آهي ته شاگرد يونين ڪو فضول يا ثانوي مسئلو ناهي۔اها اصل ۾ هن جي سموري سفر جي پهرين سر آهي۔جنهن کي کاٻي ڌر نظريو۔تنظيم۔تحريڪ ۽ نيٺ۔اقتدار تائين وٺي وڃڻ چاهي ٿي۔يونين کان بنا اهو سفر شروع ئي نٿو ٿي سگهي۔
ميان نواز شريف جي سياسي زندگي کي جيڪڏهن ديانتداري سان ڏٺو وڃي ته ان حقيقت کان انڪار ممڪن ناهي ته هن رياستي سطح تي ڪيترائي مثبت ۽ نتيجي وارا فيصلا به ڪيا۔باوجود ان جي دور جو هڪ اهڙو فيصلو به آهي جنهن جا اثر محض هڪ حڪومت يا هڪ ڏهائي تائين محدود نه رهيا بلڪ ان ملڪ جي مجموعي سياسي سڃاڻپ کي بري ريت متاثر ڪيو۔
۽ اها هئي شاگرد يونينز تي پابندي۔
ان پابندي جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ منظم سياسي شعور جو سلسلو اٽڪل ڪٽجي ويو ۽ ان خلا کي هوريان هوريان هڪ اهڙي عمراني ۽ جذباتي ڪلٽ ٽائپ سياست ڀري چڏي جنهن روايتي سياسي اصول نظم و ضبط ۽ برداشت سڀني کي تباه ڪري چڏيو۔
اهو محض هڪ نظرياتي نقصان نه هو بلڪ ان جا عملي نتيجا پاڻ نوازشريف کي به ڀوڳڻا پيا۔
يعني جنهن سياسي روش کي وقتي طور تي فائدي جي لاء هٿي ڏني وئي۔اها نيٺ سڀني جي لاء نقصان واري ثابت ٿي
ان جي ڀيٽ ۾ شاگرد يونينز هڪ منظم۔مھذب ۽ تربيتي فورم هوندي هئي ۽ اها اهڙي جڳھ هئي جتي اختلاف سيکاريو ويندو هو۔سياست جا آداب زيکاريا ويندا هئا ۽ جتان کان سااسي پارٽن کي باقاعده تربيت يافته ڪارڪنن جي کيپ ميسر ٿيندي هئي۔
يونينز سياست کي محض نعري بازي نه بلڪ هڪ ذميوار گڏيل عمل جي طور تي اڳتي وڌايو۔جڏهن اهو فورم ختم ٿيو ته سياسي پارٽين وٽ نه ڪيڊر رهيو۔نه تربيت ۽ نه ئي نظرياتي تسلسل۔
اها رٿ ڪنهن اشرافي ضد يا جهموريت دشمني جو اظهار ناهي بلڪ هڪ بگڙيل سياسي عمل کي عارضي طور تي سنڀالڻ جي ڪوشش هئي۔
حڪومت جيڪڏهن واقعي جهموري سياست کي مضبوط بنائڻ چاهي ٿي ته ان وٽ هڪ چٽو رستو موجود آهي۔
شاگرد يونينز تي پابندي ختم ڪئي وڃي ۽ ملڪ ۾ ٻيهر سياسي ڪيڊر تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي
ٻي صورت ۾ جيڪڏهن اهو رستو اختيار نٿو ڪيو وڃي ته پوء جذباتي ڪلٽ ووٽرز کي ملڪي سالميت سان کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ جو اخلاقي سبب به باقي نٿو رهي۔چوته اهڙي سياست جو انجام سڌارو نه بلڪ تباهي هوندو آهي۔










