بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي گهر تي فائرنگ

بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي گهر تي فائرنگ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي گهر ٻاهران فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي. پوليس اختيارين موجب بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي گهر ٻاهران ٻن اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي، جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. فائرنگ واري واقعي جو تفصيل ٻڌائيندي پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڄڻن 4 کان 5 فائر ڪيا جن مان هڪ عمارت جي ڀت سان ٽڪرائجي ويو، فورنسڪ ماهرن جي ٽيم ثبوت گڏ ڪري رهي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اونداهيءَ سبب موٽرسائيڪل جو نمبر واضح ناهي ٿيو. ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته گينگسٽر جي ڌمڪين سبب سلمان خان جي سڪيورٽي 2022ع کان وڌائي وئي هئي ۽ اداڪار سلمان خان کي به ذاتي هٿيار رکڻ جو لائسنس ڏنو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو