حريم فاروق جو به ملائڪا اروڙا جيان بولڊ انداز

حريم فاروق جو به ملائڪا اروڙا جيان بولڊ انداز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا حريم فاروق بالي ووڊ جي چيان چيان گرل ملائڪا اروڙ جو انداز اختيار ڪري ورتو.تصوير ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي وارڊروب اسٽائلسٽ محمد علي شهزاد طرفان شيئر ڪيل وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن کي اداڪارا ٻيهر شيئر پڻ ڪيو،وائرل ٿيل مختصر وڊيو ۾ حريم فاروق ملائڪا اروڙا جي انداز ۾ هلندي نظر اچي رهي آهي. وائرل وڊيو ۾ حريم فاروق ڀارتي ڊانسر جي بولڊ انداز ۾ هلندي نظر اچي رهي آهي جڏهن ته فوٽوگرافر کيس ملائڪا جي نالي سان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.حريم فاروق جي بولڊ انداز ۾ هلڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن تي صارفين مليل ردعمل ڏئي رهيا آهن، ڪجهه سندس ساراهه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اڪثر سندس مقابلي عارفي جاويد ۽ راڪي ساونت سان ڪري رهيا آهن.ٻئي طرف اداڪارا به سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو کي ٻيهر شيئر ڪندي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو.اداڪارا کلندي وڊيو جي ڪيپشن ڏيندي لکيو ته هاڻي هڪ جھلڪ ڪافي آهي. انهي سان گڏ انهن هڪ کلڻ وارو ايموجي شامل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو