6 ڏينهن پُراڻو نامعلوم شخص جو لاش هٿ

ڪشمور(جي ايم کوسو) مير حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ اڪبر کوسو ۾ پراڻو لاش ھٿ آيو ان باري ۾ معلوم ٿيو آھي ته اڄ صبح جو ڪتن جي ڀونڪڻ تي اتان جي ڳوٺاڻن واقعي واري ھنڌ پھچي پوريل مرد جو لاش ڏٺو. ڳوٺاڻن ميرحسن ٿاڻي کي اطلاع ڪيو جنھن اچي لاش ڪڍي نصيرآباد جي سول اسپتال آندو. پوليس جو چوڻ آھي ته لاش 6 ڏينھن پراڻو آھي لاش جي مٿي جي کوپڙي نه آھي جنھن جي ڪري لاش جي سڃاڻپ مشڪل بڻجي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو