6ڪينال رٿا وڪيلن سميت سنڌ سراپا احتجاج؟

6ڪينال رٿا وڪيلن سميت سنڌ سراپا احتجاج؟

وفا ولي محمد ڦل
وفاق پاران 6ڇھ ڪينالن واري منصوبي کي ڪيترا مھينا گذري چڪا آهن سڀني سنڌي ماڻهن قومپرستن پنهنجو پاڻ ملھايو آهي ھاڻي ٻٻرلو باء پاس تي ڪافي ڏينھن کان عامر نواز وڙاءچ ۽ ٻين ھزارين وڪيلن جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو جاري آھي ھاڻي وڪيل برادري ڪمون شھيد ـڪراچي ڪشمور ۽ ريلوي ٽريڪ به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي وڪيلن جي احتجاج ۾ اسان سڀني کي لبيڪ چءي شريڪ ٿيڻ گھرجي ، پر جڏهن ساڻن سياسي، سماجي، ادبي، علمي،صحافتي ادارا ،مزدور، هاري، ۽ عورتن جون تنظيمون گڏ ٿين ٿيون ته اهو آواز پوري سنڌي قوم جو آواز بڻجي وڃي ٿو، جنهن کي نظرانداز ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو! اسان، هن ڌرتيءَ جا باشعور قلم پورهيو ڪندڙ، وڪيلن جي ان قدم جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، جنهن تحت هو صبحاڻي ٻٻرلوءَ کان روڊ رستا بند ڪري پنهنجي آئيني ۽ قانوني حقن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. اهو احتجاج صرف وڪيلن جو ناهي، پر انصاف، آئين، انساني حقن، ۽ عوام جي بنيادي آزاديءَ جو سوال آهي. جيڪڏهن اڄ اسان خاموش رهياسين، ته سڀاڻي اسان مان ڪنهن به مظلوم لاءِ نه ڪو در کلي سگهندو، نه ڪو انصاف ملي سگهندو. اسان سڀني سياسي پارٽين، سماجي ڪارڪنن، علمي ۽ ادبي حلقن، مزدورن، هارين، استادن، شاگردن، فنڪارن، ۽ خاص طور عورتن کي اپيل ڪريون ٿا ته وڪيلن جي ان جائز، آئيني، ۽ پرامن جدوجهد ۾ پنهنجو اخلاقي، عملي، ۽ تنظيمي ساٿ ڏين. اٿو سڀ گڏجي ان آواز کي ڌرتيءَ جي آواز بڻايون، جنهن جي مطالبن ۾ انصاف، خودمختياري، ۽ قانون جي بالادستي شامل آهي. هي رڳو وڪيلن جو ڪيس نه آهي، هي اسان سنڌ جي وجود جي بقا جو ڪيس آهي ماٺ رهڻ جو مطلب ته اسان ظلم جا ساٿاري آھيون
سنڌ جا ماڻهو ڇهه ڪئنال منصوبي جي خلاف پنهنجي حقن لاءِ ڪيتري عرصي کان وفاق پنجاب خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. ڇهه ڪئنال منصوبو، جيڪو ٻڌايو وڃي ٿو ته سنڌ جي پاڻيءَ جي وسيلن تي وڌيڪ دٻاءُ وجهندو، نه رڳو ماحولياتي پر معاشي ۽ زرعي لحاظ کان به سنڌ جي ماڻهن لاءِ خطرناڪ سمجهيو پيو وڃي. سنڌ جي عوام ۽ سماجي ڪارڪنن جو موقف آهي ته هي منصوبو انهن جي درياهن، زمينن، ۽ پاڻيءَ جي حقن تي سڌو حملو آهي. سنڌ اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ جي مسئلن سان جهيڙو ڪري رهيو آهي، ۽ اهڙا منصوبا سنڌ جي هارين، مزدورن، ۽ عام شهرين جي زندگي وڌيڪ ڏکيائي ۾ وجهي سگهن ٿا.ثقافت جي ڏينهن جي موقعي تي هي احتجاج ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ثقافت ۽ زمين سان گھرو لڳاءُ رکن ٿا ۽ پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهن. هي ڏينهن نه رڳو جشن جو موقعو آهي پر پنهنجي وسيلن، ثقافت، ۽ حقن جي حفاظت لاءِ متحد ٿيڻ جو پيغام به آهي.ـ ڇھن ڪڌن ڪئنالن جي خلاف احتجاج ان ڳالهه جو مظاهرو آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي زمين ۽ درياهن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهن ۽ ڪنهن به اهڙي منصوبي کي، جيڪو انهن جي وسيلن کي خطري ۾ وجهي، قبول نه ڪندا.سنڌو درياء مان اگر 6 ڪئنال نڪتا ته سنڌي عوام کي ڪھڙن نقصانن کي منھن ڏيڻو پوندو
سنڌو تي ڪئنال ٺاهي سنڌو کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت م قبول نه ڪنداسين. پنهنجي حقن ۽ سنڌو درياء کي بچائڻ خاطر ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائبو, ڇو ته پاڻي جياپو آهي، پاڻي سان ئي زندگي آهي. پاڻي ئي اسانجي وجود ۽ بقا جو مسئلو آهي. نااهل حڪمرانن فوري طور سنڌ دشمن منصوبو ختم نه ڪيو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو روڊن تي هوندو. هنن واضع ڪيو ته سنڌ حڪومت, سنڌي عوام جي ردعمل جي تناظر ۾ ڪنئالن خلاف سنڌ اسيمبليءّ مان قرارداد منظور ڪري, ان منصوبي کي مڪمل طور ختم ڪرائڻ جو اعلان ڪري. ٻي صورت ۾ سنڌي قوم حڪمرانن جو سخت گهيراءّ ڪندي.ڪير به سنڌ جو ڪجھ نٿو بگاڙي سگھي هي سچ جي ٻيڙي آھي لڏندي سهي پڪ آھي ٻڏندي ڪو نه ڊيم جي واويلا اجائي آھي جيڪي ڪن پيا تن پنهنجو پيٽ جو سور آھي باقي ڪجھ ڪونهي سنڌ تي عرب آيا ترخان مغل انگريز انهن ڇا ڪيو سنڌ کي پاڙان ڪڍي ويا جن سنڌ تي دٻ دٻي واري حڪمراني ڪئي سنڌين کي دٻايو پر ٿيو ته ڪجھ ڪونه وري به سنڌ سنڌين جي رهي پاڻي جا چور اسان خود آھيون ڏھ سال سنڌ جي ماڻھن حڪومت ڪئي پنج سال مرڪز ۾ پنج سال سنڌ تي انهن پاڻي لاء ڇا ڪيو اهو ٿيڻو آھي جنگ پاڻي تي لگندي آخر ملڪن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ٿيندي جيڪا پيشنگوئي ڪئي وئي آھي ٻين ملڪن ۾ ڊيم نوان ٺھن پيا هتي ڇو ڊيم جي مخالف ڪئي وڃي پئي ڊيم ڪٿي ٺھڻ کپي ان تي زور ڪريو نه ٺھڻ واري ڳالھ جو مطلب ڇا آھي؟
بس اسان جي سياست ڊيمن تائين محدود آھي سنڌ جي ترقي سنڌ سان ٿيندڙ ظلم سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ نا انصافي جي لاء ڪو آواز اٿارڻ لاء تيار ڪونهي ڊيم جو مسئلو آھي ته سنڌ حڪومت ان لاء آواز اٿاري سگهي ٿي اهي به سنڌي سنڌ جا ماڻھو آھن.وفاق هميشہ سنڌُوءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جا منصوبا ڪندو رهندو آھي جنهن ۾ درياءَ تي ڊيم اَڏڻ ۽ ڪئنال ڪَڍڻ سان گَڏُ سنڌ جو پاڻي ديده دلي سان چورائڻ ۽ پاڻيءَ جي ڪَٽوتي ڪرڻ شامل آھي، پر هينئر جيڪو پنجاب منصوبو جوڙيو آھي اهو وَڏو خطرناڪ آھي، پنجاب ۾ چولستان جي صحرا ۾ زمين آباد ڪرڻ خاطر سنڌونديءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ جي حصي جو ناجائز طريقي سان پاڻي کڻڻ آھي، جيڪو سنڌ جي زرعي نظام لاء خطري ۽ تباهيءَ جو سبب بڻبو جو سنڌ جي زرعي نظام جو سمورو دارومدار سنڌونديءَ جي پاڻيءَ تي آھي، ٻي اهم ڳالھ تہ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي رَسَد زراعت سان گڏ انھن لکين ڪروڙين ماڻھن جي حياتي ۽ گذر سفر جياپي لاءِ اھم آھي جن جو دارومدار سنڌو ڊيلٽا ۾ مڇي ۽ آبي وسيلن تي آھي.
ماهرن موجب ماحولياتي تبديلين سبب سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي وھڪرن ۾ تمام گھڻي لاٿ اچي چڪي آھي ۽ سنڌ اڳ ۾ ئي پاڻيءَ جي شديد بحران کي منھن ڏئي رھي آھي، خصوصاً ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمدخان ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب زرعي اُپت ۾ بہ واضحُ گھٽتائي ٿي آھي، مھاڻا ۽ ھاري پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب پنھنجي گذر سفر جي وسيلن کان بہ محروم ٿي رھيا آھن، اھڙي وقت تي سنڌونديءَ جي پاڻيءَ جو چولستان جي صحرا ڏانھن رخ موڙڻ سنڌ جي زبون حال زرعي نظام انساني جياپي لاء تباھ ڪن ثابت ٿيندو انڪري وقت اچي ويو آهي ته يزيدي حڪمران ٽولي ـ وفاق سان سڀ جو سڀ سماجي مذھبي قومپرست مطلب ته ھر مڪتب فڪر جا ماڻهوَ سنڌ جا سڄڻ خيرخواھ رکوالا سجاڳ ٿي پاڻ ۾ متحد ٿي جنگ جوٽيون ته فتح ٿيندي ـ!!؟؟

پهنجو تبصرو موڪليو