5 جولاءِ تي آئين، پارليامينٽ ۽ عوامي مينڊيٽ کي نقصان پهچايو ويو

5 جولاءِ تي آئين، پارليامينٽ ۽ عوامي مينڊيٽ کي نقصان پهچايو ويو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته 5 جولاءِ ملڪي تاريخ جو اهڙو ڏکوئيندڙ باب آهي جنهن آئين، پارليامينٽ ۽ عوامي مينڊيٽ کي سخت نقصان پهچايو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان 5 جولاءِ 1977ع جي ڪاري ڏينهن تي پيغام ڏيندي چيو آهي ته قائدِ عوام جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري عوامي اختيار ۽ آئيني نظام تي وڏو وار ڪيو ويو. شيري رحمان چيو آهي ته شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي خلاف ڪيل غير آئيني قدم اصل ۾ عوام جي ووٽ جي حق ۽ جمهوري مستقبل تي حملو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي مشن کي هر ڏکي حالت ۾ ثابت قدمي سان اڳتي وڌايو ۽ ان ئي روايت تحت شهيد بينظير ڀٽو پوري زندگي جدوجهد ڪئي، جيل ڪاٽيا ۽ هڪ کانپوءِ ٻئي آمر جو ڄمي مقابلو ڪيو. هن چيو ته قائدِ عوام جي جمهوري وژن ۽ عوامي سياست کي دٻائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿي، سندن نظريا اڄ به عوام جي رهنمائي ڪري رهيا آهن. جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڪارڪنن قيد، تشدد ۽ سختيون برداشت ڪيون پر قائدِ عوام جي نظريي تان ڪڏهن به هٿ نه کنيو. شيري رحمان چيو ته 5 جولاءِ ملڪي تاريخ جو اهڙو ڏکوئيندڙ باب آهي جنهن آئين، پارليامينٽ ۽ عوامي مينڊيٽ کي سخت نقصان پهچايو. شهيد ذولفقار علي ڀٽو ۽ جمهوريت لاءِ جانين جون قربانيون ڏيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو آئين جي احترام کي يقيني بڻائڻ آهي. شيري رحمان جو چوڻ هو ته قوم کي ماضي جي غير آئيني مداخلتن مان سبق پرائي جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ عوامي فيصلي جو هر قيمت تي تحفظ ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو