5 جي کان وڌيڪ تيز انٽرنيٽ اسپيڊ واري چپ تيار

ڪيليفورنيا(م ڊ) دنيا ۾ اڃا تائين انٽرنيٽ جي تيز ترين فائيو جي ٽيڪنالاجي پنهنجي ابتدائي دور ۾ آهي ۽ عام ناهي ٿي، پر ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي انجنيئرن 5 جي کان اڳتي يعني 6 جي جو بنياد وجهي ڇڏيو آهي. هنن هڪ اهڙي مني چپ ايجاد ڪري ورتي آهي جيڪا 36 گيگابائٽس في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊيٽا اپ لوڊ ۽ ڊائون لوڊ ڪري سگندي. ان جي ڪري ڪجهه ماهرن ان کي 6 جي طرف پهريون قدم به قرار ڏئي رهيا آهن. آءِ ٽرپل اي جرنل آف سالڊ اسٽيٽ سرڪٽس جي تازي شماري ۾ شايع ٿيل ان ايجاد جي تفصيلن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها چپ صرف 4.4 مربع ملي ميٽر سائيز واري آهي جنهن کي 6 جي پروٽوٽائپ چوڻ وڌيڪ مناسب هوندو، ڇو ته پنهنجي هاڻوڪي حالت ۾ اهو صرف 30 سينٽي ميٽر تائين ئي ڊيٽا نشر ڪري سگهي ٿي جڏهن ته 200 ملي واٽ توانائي استعمال ڪري ٿي. اها 115 کان 135 گيگا هرٽز جي ريڊيو فريڪوئنسي تي ڪم ڪري ٿي. جيڪڏهن ان جو مقابلو هاڻوڪي فائيو جي وائرليس چپس سان ڪيو وڃي ته اها 24 کان 39 گيگا هرٽز فريڪوئنسي جي وچ ۾ آپريٽ ٿيندي، جڏهن ته ان مان ڊيٽا ٽرانسفر جي وڌ کان وڌ رفتار 6 گيگابائٽس في سيڪنڊ ٿي سگهي ٿي. اها چپ ايجاد ڪندڙ ٽيم هاڻ پنهنجي ان ايجاد کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي ته جيئن جلد کان جلد واپاري ۽ صنعتي تقاضائون پوريون ڪرڻ جي قابل ٿي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو