23مارچ 1940ع جي قراداد تي عمل ڪڏھن ٿيندو

خاصخيلي لطيف راولاڻي
جنھن دور ۾ گڏيل ھندوستان ۾ ھندو مسلم فساد زور وٺڻ لڳا ته اتي مسلمان اڳواڻن انگريز سرڪار کان ڌار خطو گھرڻ جو مطالبو رکيو ته اھڙي نموني سان ھندوستان جي ورھاست ڪئي وڃي جو جتي مسلمان اڪثريتي علائقا آھن ته اتي مسلمانن کي ھڪ ڌار مسلم ملڪ ٺاھي ڏنو وڃي ۔ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاء ان وقت جون وڏيون تنظيمون ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا اجلاس ٿيڻ شروع ٿي ويا جن جون گڏجاڻيون ڪراچي ۾ به ٿيون ھيون ۔ان اھم مسئلي جو اھم اجلاس 23 مارچ 1940 تي لاھور جي منٽو پارڪ ۾ ٿيو جنھن جو ھاڻي نالو تبديل ڪيو ويو آھي ۔انھي تاريخي ھنڌ تي اھو فيصلو ڪيو ويو ته جتي مسلم اڪثريتي علائقا آھن انھن کي ان قرارداد کي وحدتون سڏيو ويو ته چئني وحدتن ۽ بشمول بنگلا جي علائقي کي ملائي ڌار ملڪ ٺاھيو وڃي ۽ صوبن کي مڪمل خودمختاري ھوندي صوبا پنھنجن معاملن ۾ آزاد ھوندا ۔پر بد قسمتي سان ان قرارداد تي اڄ ڏينھن تائين عمل نه ٿي سگھيو ان جي مسلسل ڀڃڪڙي جي ڪري ملڪ پاڪستان جي وڏي صوبي پاڻ کي الڳ ڪري دنيا جي گولي تي ھڪ ڌار ملڪ جي حيثيت ۾ نمودار ٿي پنھنجو پاڻ ملھايو ۔اسان وٽ ھر سال اھو ڏينھن ملھايو ته وڃي ٿو پر ان تي عمل ڪونه ٿو ڪيو وڃي ۔جنھن جي ڪري صوبن ۾ محروميون وڌي ويون ۽ صوبن پنھنجن حقن ۽ مطالبن جي لاء تحريڪون ھلائڻ شروع ڪيون جيڪي اڄ ڏينھن تائين ھر صوبي ۾ جاري آھن ۔1985ع ۾ انھي نظرئي پاڪستان کي بنياد بڻائي لنڊن ۾ جلاوطن ٿيل سنڌي بلوچ ۽ پشتون اڳواڻن اتي گڏيل محاذ اھيو سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ تشڪيل ڏنو ۽ واپس پاڪستان موٽي اچي ڪري ھتي انھي نظام جي پرچار شروع ڪئي ته رياستي ادارن انھن اڳواڻن کي ملڪ جو غدار قرار ڏيئي جيل ڀيڙو ڪيو ۔جتي پوء عدالتي ڪاروائي ۾ اڳواڻن ان نظرئي کي ٻيھر پيش ڪيو ته اسان ملڪ جا دشمن ۽ غدار ڪونه آھيون اسان نظرئي پاڪستان جي ٿا ڳالھ ڪريون جيڪا قرارداد 23 مارچ 1940ع ۾ ڪئي وئي ھئي ان ھنڌ تي پاڪستان ٺھڻ کان پوء مينار پاڪستان ٺاھي اھونظريو ان جي ديوار تي لکيو ويو آھي جتي اڄ ڏينھن تائين قائم آھي ۔انھي نظرئي کي اڳتي وڌائيندي سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جي اڳواڻن سردار ممتازعلي ڀٽو ۽ سردار عطاءالله مينگل پنھنجن صوبن ۾ تنظيم ڪاري ڪري پروگرام کي عام ماڻھن تائين پھچايو ان کي صوبائي خودمختياري جو نالو ڏنو ويو ته ان نظرئي ۽ پاڪستان جي قرارداد تي عمل ڪري صوبن کي جائز حق ڏنا وڃن ۔بلوچستان ۾ بي اين پي ٺاھي وئي سنڌ ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ جي نالي سان تنظيم جوڙي انھي قرارداد کي آئين ۽ منشور ۾ رکي انھي جي پرچار ڪئي وئي ۽ وڌيڪ ان کي صوبائي خودمختياري کي ڪنفيڊريشن جي عالمي نظرئي سان سلھاڙي ان کي عام ڪيو ويو ۔پر بدقسمتي سان اڄ ڏينھن تائين انھي نظرئي پاڪستان تي عمل ٿي نه سگھيو ۔جنھن تي ملڪ پاڪستان جو بنياد رکيو ويو ھو ۔ھيترا سال گذرڻ کان پوء به صوبن ۾ احساس محرومي گھٽجي نه سگھي اڃان به انھي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو رھي ٿو ۔ملڪ ۾ چوطرف بدامني جو راڃ آھي اندروني طور تي ملڪ ڪمزور ۽ معاشي گھوٽالي جو شڪار ٿي ويو آھي واضح رھي ته اڄ ھر ڪا صوبي ۽ ملڪ ليول جون پارٽيون صوبائي خودمختياري جي ڳالھ ۾ڪن ٿيون ۽ سڀئي تنظيمون انھي نقطي تي متفق آھن ته صوبن کي مڪمل حق ڏنا ومڃن ۽ نظرئي پاڪستان تي عمل ڪيو وڃي پر انھي نظرئي تي ڪير عمل ڪرائيندو ۽ اھو ڪئين ممڪن آھي اھو ته ايندڙ وقت ۽ حالتون ئي ظاھر ڪندا ته نظرئي پاڪستان کي بنياد بڻائي صوبن کي حق ڏنا وڃن مستقبل ۾ ملڪ کي معاشي طورڌ تي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ لاء اھڙيون حڪمت عمليون جوڙڻيون پونديون ته جئين ملڪ مضبوط ٿي سگھي دنيا ۾ سڀ کان مسئلو ملڪ جو معاشي نظام ئي ھوندو آھي جيڪو ملڪ کي معاشي گھوٽالي مان ڪڍي سگھي ٿو
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔latifravlani@gmail.com………….

پهنجو تبصرو موڪليو