ڪڻڪ بحران جا وفاق ۽ سنڌ حڪومت ذميوار آهن؛ لياقت جتوئي

ميھڙ(رپورٽ غلام حسين پنھور) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ لياقت علي جتوئي چيو آھي ته ڪڻڪ جي بحران جا وفاق ۽ سنڌ جي ڪوتاھين جي ڪري ٿيو جنھن سبب ڪڻڪ  ۽ اٽي جا اگھ وڌيا آھن ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪندڙ عنصرن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ٻيٽو جتوئي ۾ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو ته غريب ماڻھن جو جيئڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آھي مھانگائي سبب غربت ۾ اضافو ٿي ويو آھي جنھن سبب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن ميھڙ سميت سڄي سنڌ ۾ ڊرينيج جو نظام تباه آھي ڪروڙين روپين جي بجيٽ ھوندي به سنڌ جا شھر کنڊرات بڻجي ويا آھن. ان موقعي تي شھري اتحاد جو چيئرمين نياز علي ٻرڙو، ڊاڪٽر خليل سڪندر کونھارو، بشير لھڙي، حاجي اصغر چانڊيو، فقير محمد شيخ، رفيق جھتيال، نور جتوئي، اسد سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو