ڪپتان، شڪست بعد آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ملاقات

ليکڪ سيد زوار حسين شاهه

جيڪڏهن مان ائين چوان ته غلط نه هوندو ته اپوزيشن ڪپتان عمران خان کي نظرياتي شڪست ڏيئي اهو ثابت ڪيو ته هاڻ ملڪ جي وزيراعظم جناب عمران خان کي گهي ڀيرو ٿيڻ گهرجي خود پاڻ استعفا ڏيئي يا ته نيون اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪري يا وري عدم اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ، يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي بعد ڪيترا ئي راز کليا آهن ڪنهن ڪنهن سان وفا ڪئي اها به ڪپتان کي خبر پئجي چڪي آهي ، پر تعجب جي ڳالهه ها آهي ته پاڪستان جا انتهائي تجربيگار جن جا ووٽ به رد ٿيا ضايع ٿيا اهو به وڏو راز آهي پر جيڪڏهن ائين چوان ته غلط نه هوندو جنهن جيڪو چاهيو اهو ٿيو ،  يوسف رصا گيلاني جي ڪاميابي وزيراعظم کي جهڪئي ڇڏيو آهي اهڙي صورت حال کان پوء ملڪ اندر نئون بحث ڇڙي چڪو آهي جنهن کان پوء مان سمجهان ٿو ته ملڪ اندر ڪا تته تبديلي نظر اچي رهي آهي ، اهري صورت حال کي ڪپتان به گهري نظر سان ڏسي رهيو آهي ، پاڪستان اندر جيڪڏهن چونڊيل نمائيندو پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو آهي ته اڪثريت به پاڪستان تحريڪ انصاف  ڪپتان جي دوستن جي ئي آهي ، جنهن کان پوء به ڪافي سوال پيدا ٿي رهيا آهن ، مان عرض ڪيان ته پاڪستان جيڪو معيشت جي لحاظ سان به مڪمل تباهه ڪاري مان پيو گذري عوام بدحالي جو سڪار آهي ، حڪومت وقت جا عوام سان ڪيل واعده وفا نه ٿيا تاريخي مهنگائي اسان يج اڳيان آهي هڙي صورت حال به ملڪ جي وزيراعظم جناب عمران خان کي پريشان ڪيو آهي ڏهن ته ڪپتان جو ساٿ ڏيندڙ ڪجهه وڏيون ڌريون وڏا هٿ به پريشان آهن  هاڻ ملڪ ۾ ڪجه نه ڪجهه ته ٿيڻ وارو آهي اڪثريت هوندي ته ڄڻ طاهرن ڪپتان کي شڪست ملي آهي ،  منهنجي نظر ۾ ڪپتان کي عجيب غريب شڪست ملي آهي 7 ووٽ صرف ڪپتان جي پارٽي يا اتحادين جا ئي آهن جڏهن ته اڪثر ووٽ ضايع به ان جي پارٽي جي اڳواڻن جا ٿيا آهن  جنهن کان پوء مونکي يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني جي ان ڳالهه تي به غور ڪرڻُ پيو جيڪا ووٽ رد ڪرڻ جو طريقيو ان ٻڌايو  بلڪل ائين ئي ٿيو ، آهي پوء ڪپتان تسليم ڪري يا نه ڪري پر حقيقت اها آهي ، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان سينيٽ جي سيٽ تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته عبدالحفيظ شيخ کي 164 ووٽ مليا، 7 ووٽ رد ٿيا. رٽرننگ آفيسر ظفر اقبال پولنگ ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي هال ۾ سينيٽ جي وفاقي گادي واري شهر مان ٻن خالي سيٽن تي پوولنگ ٿي. پولنگ جي شروعات صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. ڪل 342 جي ايوان ۾ 340 ميمبرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو جڏهن ته اين اي 75 ڊسڪه جي سيٽ خالي آهي. رٽرننگ آفيسر جا فرض اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال ادا ڪيا. قومي اسيمبلي هال کي بطور پولنگ اسٽيشن استعمال ڪيو ويو جتي ٻه پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا. پولنگ بوٿ نمبر هڪ تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 1 کان اين اي 171 جڏهن ته پولنگ بوٿ نمبر ٻه تي اين اي 172 کان اين اي 342 تائين ووٽ رکيا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان ٻنپهرن جو 12 وڳي جي لڳ ڀڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.  هوڏانهن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان سينيٽ جي ٻن خالي سيٽن تي هڪ سيٽ مخالف ڌر جڏهن ته ٻي حڪمران تحريڪ انصاف حاصل ڪري ورتي، پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ کڻي جنرل سيٽ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته عورتن جي مخصوص سيٽ تي تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد 174 ووٽ کڻي ڪامياب رهي، تحريڪ انصاف جي اميدوار عبدالحفيظ شيخ کي جنرل سيٽ تي 164 جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي عورت سيٽ تي اميدوار فرزانه ڪوثر کي 161 ووٽ مليا، جنرل سيٽ تي 7 جڏهن ته عورتن جي سيٽ تي 5 ووٽ رد قرار ڏنا ويا. رٽرننگ آفيسر ظفر اقبال پولنگ ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي سيٽن جي نتيجن جو اعلان ڪيو. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي هال ۾ سينيٽ جي هڪ جنرل ۽ هڪ عورتن جي سيٽ تي پولنگ ٿي. پولنگ جي شروعات صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. ڪل 342 جي ايوان ۾ 340 ميمبرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو جڏهن ته اين اي 75 ڊسڪه جي سيٽ خالي آهي. رٽرننگ آفيسر جا فرض اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال ادا ڪيا. قومي اسيمبلي هال کي بطور پولنگ اسٽيشن استعمال ڪيو ويو، جتي ٻه پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا. پولنگ بوٿ نمبر هڪ تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 1 کان اين اي 171 جڏهن ته پولنگ بوٿ نمبر ٻه تي اين اي 172 کان ان اين اي 342 تائين ووٽ رکيا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان ٻنپهرن جو 12 وڳي جي لڳ ڀڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. هو هال ۾ ويهڻ بدران پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري واپس هليو ويو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، خواجه محمد آصف، علي وزير کي نيب ۽ پوليس جي حراست ۾ هجڻ جي ڪري اليڪشن ڪميشن جي خصوصي حڪمن تي ووٽ وجهڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشن تي آندا ويا. شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه ڪافي دير ايوان ۾ موجود رهيا. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي بيلٽ تي ٽِڪ ڪرڻ بدران صحيح ڪري ڇڏي جڏهن ته بعد ۾ هن ٻيهر بيلٽ جي لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ ٻه جدا جدا درخواستون جمع ڪرايون جنهن ان تي هن فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پولنگ جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف پاران ڪنول شوزب ۽ زين قريشي، مسلم ليگ (ن) پاران عطا تارڙ ۽ علي گوهر خان جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سيد نويد قمر ۽ عبدالقادر پٽيل ڳڻپ جي عمل ۾ شريڪ ٿيا. رٽرننگ آفيسر نتيجي جو اعلان ڪيو جنهن موجب جنرل سيٽ تي سيد يوسف رضا گيلاني ۽ عورتن جي سيٽ تي فوزيه ارشد ڪامياب قرار ڏنا ويا.  ٻئي طرف سينيٽ چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جي 11 مان 10 سيٽن جي غير سرڪاري نتيجن موجب 7 تي پ پ، 2 تي ايم ڪيو ايم ۽ هڪ تي تحريڪ انصاف ڪاميابي ماڻي آهي. سنڌ اسيمبلي مان سينيٽ جي 11 سيٽن تي چونڊ ۾ اسيمبلي جي 168 مان 167 ميمبرن راءِ جو حق استعمال ٿيو، جڏهن ته جماعت اسلامي جي سيد عبدالرشيد پارٽي پاليسي تحت ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب 167 مان 4 ووٽ رد ٿيا. هيل تائين غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ جو سليم مانڊوي والا، شيري رحمان، تاج حيدر، شهادت اعواڻ ۽ ڄام مهتاب ڏهر ڪامياب ٿيا، جنرل سيٽ تي ايم ڪيو ايم جو فيصل سبرزواري به ڪامياب رهيو، جڏهن ته هڪ سيٽ تي ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي. عورتن جي ٻن سيٽن تي پ پ جي پلوشا خان ۽ ايم ڪيو ايم جي خالدا اطيب ڪامياب ٿيون، ٻنهي کي ترتيب وار 60 ۽ 57 ووٽ مليا. ٽيڪنوڪريٽس جي ٻن سيٽن تي پ پ جو فاروق ايڇ نائيڪ ۽ تحريڪ انصاف جو سيف الله ابڙو ڪامياب ٿيا آهن، فاروق ايڇ نائيڪ 61، جڏهن ته سيف الله ابڙي 57 ووٽ حاصل ڪيا  سينيٽ چونڊن ۾ پي ڊي ايم اميدوار يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي کانپوءِ وزيراعظم پارليامينٽ کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حفيظ شيخ جي شڪست کان پوءِ حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي. اجلاس کان پوءِ اسلام آباد ۾ پارٽي جي ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته علي حيدر گيلاني جو چهرو، آواز ۽ سندس حرڪتون عوام جي سامهون آهن، گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو آهي ته عمران خان ايوان کان اعتماد جو ووٽ وٺندو ۽ واضح ٿي ويندو ته ڪير ڪٿي بيٺو آهي. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن جمهوريت لاءِ افسوس جو مقام آهي، جيڪي جمهوريت جا علمبردار هئا، انهن جمهوري قدرن کي چِٿي ڇڏيو، عمران خان جي موقف تي مهر لڳي وئي، اسان رهنمائي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ۽ عدالتي فيصلي کي کليل دل سان قبول ڪيو، اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر آئي جڏهن ته پاڪستان آترمي جي چيف جناب  قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آئي ايس آئي پڻ پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان سان ملاقات ڪري ملڪي صورت حاڪل سرحدي صورت هال بابت ڳالهه ٻول ٿي آهي پر مان عرض ڪندس ته منهنجي ذاتي راء آهي ته ڪپتان جي ايمدوار عبدالحفيظ شيخ جي شڪست کان پوء اهو ته ثابت ٿي چڪو آهي ته آصف علي زرداري جيڪو چوندو آهي اهو ئي ڪندو آهي ائين ئي ٿيو سابق وزيراعظم جناب يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي ڪپتان جي منهن جي ابتي چماٽ آهي ، هاڻ جيڪڏهن ڪپتان اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ به ناڪام ٿيو ته وزيراعظم صاحب  اسيمبليون تحليل ڪندو جنهن کان پوء وري نيون چونڊون ٿي سگهن ٿيون ، پي ڊي ايم جا تمام مرڪزي اڳواڻ  يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي کان پوء  بهترين راند جي شروعات ڪئي آهي جيڪا اڳئين راند اها به ٿي سگهي ٿي ته وزيراعظم جناب عمران خان استعفا ڏيئي يا وري  مان اهو به عرض ڪندس ته جن به پيسا وٺي پنهنيج ضمير جو سودو ڪيو آهي ان کي پڪڙي قانون جي ڪٽهڙي م بيهاري ڪڙي سخت سزا ڏياري ، جڏهن ته پاڪ فوج جي چيف جي وزيراعظم سان ملاقات بعد فيصله به اهم ٿي سگهن ٿا پر في الحال مان سمجهان ٿو ته اپوزيشن کي سرسري حاصل آهي ، مان وزيراعظم جناب عمران خان ۽ پاڪ آرمي جي چيف جناب قمر جاويد باجوه صاحب ۽ وري آئي ايس آئي جي چيف به هن ملاقات ۾ سامل وڏي معنا خيز ثابت ٿيندي ، برحال ڪپتان کي نظياتي شڪست ملي چڪي آهي هو تسليم ڪري يا نه ڪ. zawarshah110@yahoo.com                                     

پهنجو تبصرو موڪليو