اسلام آباد(اسپورٽس نيوز)پاڪستان جي فاسٽ بالر محمد عامر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، چيو آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسي جي ڳالهه ڪرڻ جلد بازي آهي.ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب سائوٿمپٽن ۾ ڳالهائيندي فاسٽ بالر محمد عامر چيو ته توهان کي خبر ناهي ته شيون ڪيتري تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن پر هن وقت گلوسٽر شائر لاءِ کيڏڻ ۾ مزو اچي رهيو آهيان ان ڪري ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪرڻ چاهيان ٿو محمد عامر چيو ته مان 3 سالن کانپوءِ ريڊ بال ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان ۽ مون 4 سالن ۾ ڪا به فرسٽ ڪلاس راند نه کيڏي آهي، فاسٽ بالر لاءِ اهو آسان ناهي پر هاڻ پهرين ميچ کيڏڻ بعد بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان.محمد عامر چيو ته مان ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته هن وقت ڇوڪرن جي مدد ڪريان ۽ سٺي راند کيڏان، هڪ بالر جي حيثيت سان منهنجو فرض آهي ته سٺي بالنگ ڪريان ۽ هن وقت منهنجو مقصد آهي اڳئين پاسي کان قيادت ڪرڻ جو هن چيو ته مان ريڊ بال ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان، ٽن ڪائونٽي ميچن لاءِ هتي آهيان، ڪائونٽي ميچن کانپوءِ سي پي ايل ۾ وڃڻ وارو آهيان.










