ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٻارن جي قومي اداري (اين آءِ سي ايڇ) جي ميڊيسن وارڊ ۾ باهه لڳڻ سبب وارڊ مڪمل طور تي سڙي ويو آهي. انتظاميا موجب، صبح جو تقريبن 4 وڳي شارٽ سرڪٽ جي ڪري باهه ڀڙڪي اٿي، ٽئين ماڙ تي واقع ميڊيسن وارڊ ۾ باهه لڳندي ئي ان کي فوري طور تي خالي ڪرايو ويو هو.اين آءِ سي ايڇ جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، پر باهه سبب وڏو مالي نقصان ٿيو آهي.










