بخشل ٿلهو
هن آگسٽ مهيني جي ٻين تاريخ تي نصير ميمڻ صاحب پنهنجي وال تي هڪ پوسٽ رکي،
جنهن ۾ ماحوليات ۽ خاص طور ٿر جي ڪوئلي جي حوالي سان سندس سرڪاري ۽
ڌُرائتي سوچ ڏسي طئي نه ڪري سگهيس ته اهڙي موقف تي گهڻو اچرج ڪجي يا افسوس!؟
هجي ها ڪو عام ماڻهو ته اسان به اهو سُور دل ۾
يا ان جي سامهون رکي ڳالهه ختم ڪيون ها پر منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ سڀ کان گهڻا پڙهيا ويندڙ جيڪي ڪالم نگار آهن تن ۾ جامي چانڊيو ۽ نصير ميمڻ به شامل آهن.
اهي ماڻهو کوڙ سارن پاسن کان سياست ۽ سنڌ کي عقلي،
علمي حوالي سان پئي ڏسندا آيا آهن.
نصير ميمڻ جي انگن اکرن وارن مضمونن منجهان اسان ته مستفيد به ٿيندا رهيا آهيون
پر حقيقت صرف انگن اکرن جو ميڙ ڪونهي.
انگ اکر پنهنجي پاڻ ۾ حقيقت جو مقداري ۽ مُئل پاسو هوندا آهن.
اهي پنهنجو پاڻ ڪا شئي سمجهائڻ کان قاصر هوندا آهن.
انهن کي سدائين زنده حقيقتن ۽ هڪ تجزيي جي ضرورت هوندي آهي ۽
تجزيو ڪنهن نه ڪنهن نڪته نظر سان ئي ٿيندو آهي.
سو جيڪو عقل ۽ علم سائين نصير ميمڻ صاحب ونڊيو آهي سو ٻيو ڪجهه بہ ڪونهي،
بس نيولبرل ترقي جي اُها اوڳر آهي جيڪا سائين،
سنڌ جي شعور کان هضم ڪرائڻ گهري ٿو.
اها ڪوشش نه پهرين آهي نه آخري.
ان کان اڳ به ڪافي صحافي،
سياسي اڳواڻ توڻي نالي وارا اديب پڻ ٿر ڪول جي ثنا ڪندي سرڪاري ٿالهه مان پنهنجي پتي جو گرهه ڀريندا رهيا آهن.
دنيا جي اوائلي يوناني ڪهاڻيڪار ايسپ جي هڪ ڪهاڻي هُئي
سِج جي شادي.
ان ۾ سج جي شادي جي خوشي ۾ جتي سڄو جهنگ پيو جهمريون هڻندو آهي اتي ڪجهه ڏيڏر به رئنوشي ۾ نچڻ شروع ڪندا آهن،
جنهن تي هڪ وڏو ڏيڏر کين چوي ٿو ته اوهان ڇو ٿا نچو؟
ٿورو غور ڪريو ته اهو ئي سج آهي جيڪو اسان جون ڍنڍون ڍورا سُڪائي اسان کي سهڪائي ٿو ڇڏي.
سڀاڻ جڏهن شاديءَ کان پوءِ انهي سج کي ٻچا ٿيندا ته پوءِ اسان جي ڪهڙي حالت ٿيندي!؟
سو بيگاني شادي ۾ عبدالله ديواني وانگي نصير ميمڻ به سرڪاري ڪاڄ ۾ هٿ کڻندي ٿو ڏسجي.
نوڪري ڪرڻ ڪو عيب ڪونهي، ماڻهو رياست،
ڪنهن به اين جي او يا بينڪ ۾ نوڪري ڪري سگهي ٿو پر اُهو ماڻهو جيڪڏهن رياست،
اين جي او يا بيئنڪاري نظام جي وڪالت ڪرڻ شروع ڪري ته ان کي ابن الوقتي ۽ موقعي پرستي کان سواءِ ٻيو ڇا چئجي؟
خير دليل کان اڳ تجزيو الزام به ٿي پوندو،
تنهن ڪري پاڻ نصير ميمڻ جي لکت جو تنقيدي جائزو وٺندي،
پنهنجي ڳالهه کي اڳتي ٿا وڌايون.
سائين جن لِکن ٿا؛
”اڍائي سؤ سالن کان وڌيڪ عرصو يورپ، آمريڪا،
چين ۽ روس ڪوئلي سميت فاسل فيولز تي پنهنجي معيشت کي اڀاريو.
هينئر به فاسل فيولز جا سڀ کان وڏا پيداواري ۽ واهپيدار مرڪز اهي ئي ملڪ ۽ انهن سان گڏ سعودي بلاڪ جا ملڪ آهن.
جرمني ۽ ٻيا يورپي گرين چيمپئين بہ هينئر تائين %40 سيڪڙو
بجلي ڪوئلي مان ٺاهن پيا.
چين ۽ روس جيڪي سرمائيداراڻي ترقيءَ جا وڏا مخالف رهيا آهن،
اهي
هينئر به فاسل فيولز خاص طور تي ڪوئلي جي توانائي جا وڏا مرڪز آهن.
ان سڄي عالمي صورتحال ۾ سڄو بار سنگت اچي سنڌ جي ڪوئلي تي وڌو آهي
جنهن جو اثر دنيا ۾ %0.0001
سيڪڙو کان بہ گھٽ آهي“
ماحول جهڙي حساس موضوع تي سڌو سنئون ڌُر بڻجي جيئن سائين لکيو آهي تنهن تي هڪ انگريزي چوڻي ياد آئي ته
Fools rush where angels fear to tread
(بي وقوف اُتي تڪڙو ويندا آهن جتي فرشتا به پير رکڻ ۾ ڏڪندا آهن).
سوال اهو ڪونهي تہ سڄي اُسريل دنيا ڪوئلو استعمال ڪري ٿي پر سوال اهو آهي تہ ڪوئلي جا انسانن،
پکي پسوئن، وڻن ٻوٽن،
پاڻي جي وسيلن ۽ مجموعي طور فطرت ۽ ماحول تي اثر،
توانائي جي ٻين ذريعن (هوا، اُس)
جي ڀيٽ ۾ هاڪاري آهن يا ناڪاري؟
يا اهو تہ ڪوئلي جو استعمال باقي دنيا ۽ پاڪستان ۾ هاڻ وڌي پيو يا گهٽجي پيو؟
منهنجو خيال آهي ته
ڪو بہ ذي شعور ماڻهو توانائي جي ماحول دوست ذريعن کي ڇڏي ڪوئلي جي وڪالت نٿو ڪري سگهي ۽
ٻيو اهو ته ڪوئلي جو استعمال باقي دنيا ۾ گهٽجي پيو جڏهن ته اسان وٽ وڌي پيو.
هلو ڪو اهو دليل ڏئي سگهي ٿو ته ادا اهي
سامراجي ملڪ پاڻ ترقي ڪري هاڻ اسان جي ترقيءَ آڏو روڪ ٿا وجهڻ چاهين ۽ ان ساڳي ترقيءَ تي اسان جو به ائين ئي حق آهي
جيئن ملڪ جي هاڻوڪي صدر آصف زرداري بابت اهو ٻُڌڻ ۾ ايندو هو ته هو چوي ٿو:
“ڪرپشن تي سنڌي ماڻهوءَ جو به اوترو حق آهي جيترو ڪنهن پنجابي يا پٺاڻ جو.”
اهو ائين آهي جيئن ڪنهن سنڌي وڏيري جي گهر ۾ گرينائيٽ پٿر لڳڻ سان ڪارونجهر جي ڪٽائي ڄڻ جسٽيفائيڊ ٿي ويندي هجي.
پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته اولهه جو نظام اوڀر جي تباهي جي قيمت تي ترقي يافته بڻيو آهي.
اها آفريڪا، لاطيني آمريڪا ۽ ايشيا جي تباهي آهي جيڪا آمريڪا،
آسٽريليا ۽ يورپ جي ترقيءَ منجهه جرڪي ٿي.
اهي سامراجي مُلڪ ٽيڪسٽائيل کان وٺي ڪري سمارٽ فونون ٺاهڻ تائين جي سرمائيدارڻي پيداوار واري سماجي ۽ ماحولياتي قيمت اسان ٽين دنيا ڏانهن لاڙي
(outsource)
چُڪا آهن.
گڏيل ۽ ناهموار ترقي،
سامراجي سرمائيداري جو بنيادي قانون آهي،
اهو لينن سمجهايو هو.
سو بنا ڪنهن شڪ جي هاڻوڪي نظام اندر ئي پاڪستان ۽ سنڌ کي به ترقي ڪرڻ جو حق آهي پر اهو سمجهڻ پِڻ لازمي آهي ته
’ٿر بدليگا پاڪستان‘
مان مراد پاڪستاني رياست آهي يا عوام؟
۽ ان جي قيمت ڪير ڀريندو؟
ان جو جواب به سامهون ۽ سادو آهي.
اها ترقي رياست، سرمائي ۽
حڪمران طبقن جي آهي ۽ ان جي قيمت سنڌ سميت ٻيون مظلوم قومون
۽ پورهيت عوام ادا ڪندو.
هلو سنڌ جي ڪوئلي جو دنيا ۾ ماحولياتي اثر بلڪل
0.0001%
هوندو پر اهو اثر ان سنڌ تي ڪيترو هوندو؟
جيڪا اڳي ئي دنيا جي ماحول متاثر ڏهن وڏن خطن مان هڪ آهي.
آهي ڪا اهڙي اسٽڊي سائين جي نظر ۾؟
شايد ئي تاريخ ۾ سنڌ ڪڏهن گرميءَ جي لهر ۾ ايئن لھسي هجي جيترو هيل نظر آئي.
اسان جي وڏڙن به اڻ مندائتن مينهن جي اهڙي اڀار کي ڪونه ڏٺو.
شايد ئي سنڌ ڪڏهن ايترو ورائي ورائي ٻُڏي ۽ دربدر ٿي هوندي.
اهو ئي سبب آهي جو اهڙين ناڪاري ماحولياتي تبديلين سان گڏ ملڪ جي جاهل ۽
عوام دشمن حڪمرانن جي مخصوص مفادن واري اَنڌ ۾ جوڙيل پاليسين،
سنڌي ماڻهن لاءِ سارنگ ۽ ان جي سُر سوز جي معنا ئي بدلائي ڇڏي آهي.
سو ايڏا سُور سهي به جيڪڏهن اسان جو ناکئو ننڊ جي تلقين ڪري ته پوءِ سمجهجي ته اُهو اسان منجهئون آهي ئي ڪونه.
ڪوئلي جي رک (ڪول ايش)
جيڪو مقامي زندگي سان ويڌن ڪري رهي آهي ۽ ڪندي،
اُها تہ پنهنجي جاءِ تي پر
ان کان اڳ ٿرڪول پراجيڪٽ ڪيئن ٿر کي بدلائي رهيو آهي ان بابت ڪيتريون ئي اسٽڊيز سامهون اچي چڪيون آهن.
ان تناظر ۾ ماحول بابت هڪ تحقيقي اداري
PRIED
جا ڪجهه حوالا ڏجن ٿا.
ايڇ ڊي آئي جي حساب سان ٿرپاڪر ضلعو پاڪستان جي 114 ضلعن منجهان 109 نمبر تي آهي، جتي اڳ کان
87 سيڪڙو عوام غربت جي ليڪ کان هيٺ رهي ٿو.
پوءِ به ٿرپارڪر صدين کان لکين ماڻهو پاليندو آيو آهي.
هاڻوڪيون ڪارپوريٽ تبديليون
ڪجهه سئو نوڪريون ڏئي لکين ٿرين جي پيرن هيٺان زمين،
زمين جي هيٺيان پاڻي ۽ مٿان صاف آسمان تيزي سان کسي رهيون آهن.
ٿر جي زمين قانون جي حساب سان عام طور تي ٽن قسمن جي ٿئي ٿي.
قبولي (سروي واري ذاتي زمين)،
يڪسالا
(ليز تي ڏنل سرڪاري زمين)
۽ گئوچر (چراگاهون ۽ ڳوٺاڻن جي گڏيل ملڪيت).
پاڪستان جي قانون جي حساب سان به رياست پاڻ به گئوچرن کي ڪنهن به پبلڪ مقصد لاءِ استعمال نه ٿي ڪري سگهي.
پر ٿر ۾ رياست پاڻ پنهنجي قانون کان مٿانهين ٿي،
عوام جي ملڪيت کي نجي ڪمپنين جي جهولي ۾ اُڇلي رهي آهي.
بحريا ٽائون ڪيس
۽ تازو نئون ٺهيل ادارو SIFC
اسان جي سامهون آهي.
ٻيو اهو ته جيڪڏهن قانون جي حساب سان رياست ڪا زمين کڻي به سگهي ٿي ته ان کي متاثر ڌر کي متبادل زمين ۽ معاشي مد ۾ ڪجهه ڏيڻو پوندو آهي.
انهي قاعدي جي ڀيٽ تي ڏسجي ته هڪ ته ٿرڪول انتظاميه جي ڪمپنسيشن پاليسي ڪا هڪ ڪري نه رهي آهي
ٻيو ته ڪنهن کي هڪ قسط ملي ته ٻي نه.
ائين لٺ ۽ چٺ سان ڪم هلايو ويو آهي.
ان حوالي سان سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا ٿرڪول ايريا جي ڏهه متاثر ڳوٺن جي هڪ سروي مان ظاهر ٿي آهي سا اها آهي ته انهن ڳوٺن جي اڌ آبادي ته اڳي ئي بي زمين هُئي.
انهن يا انهن جي جانورن لاءِ جيڪڏهن ڪجھ هو ته صرف گئوچر هيا،
جيڪي به انهن کان ڦُرجي ويا.
مقامي ڳوٺن تي ٿر ڪول جي اثر بابت ان ئي وڏي رپورٽ جو هڪ بند هتي سڌو نقل ڪجي ٿو.
’گوڙاڻي جي زهريلي پاڻي،
ويجهيار جي رسڪي ڊيم،
بنا ڪنهن مالڪاڻي حق جي نيو سنيهري درس وارن جي لڏپلاڻ،
ٿاريو هاليپوٽو ۾ برادرين جا پاڻ ۾ تڪرار،
کاريو غلام شاهه وارن جي خراب صحت کان وٺي ڪري ڀاوي جي تڙ جو گهيراءُ ۽
رانجهو نون مٿان لٽڪندڙ رياستي جبر جي تلوار تائين‘
ٿرڪول پاور پراجيڪٽ سبب مقامي ماڻهن ۽ ڳوٺاڻن لاءِ انيڪ مسئلا پيدا ٿيا آهن.
اها ڪهاڻي ڪنهن بلاڪ جي نه پر سڀاڻ جي سموري ٿر جي آهي.
ٿر جو گذر سفر زمين هيٺ پاڻي (گرائونڊ واٽر هائڊرالاجي ) تي هوندو آهي.
ساڳي وقت ڪوئلي جي پراجيڪٽس کي تمام گهڻو پاڻي گهربل هوندو آهي.
ان لاءِ ٿر جي زمين هيٺ پاڻي سان گڏ سنڌو درياهه مان پاڻي کنيو پيو وڃي.
نتيجي طور کوھ سُڪي رهيا آهن يا
انهن جو پاڻي ويتر گهڻو هيٺ ٿي ويو آهي.
جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٿري عورتن ۽ ٻارن کي ويتر گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي.
جتي فالتو يا گندي پاڻي جا ذخيرا آهن جيئن گوڙاڻو،
اُتي وري کوهن ۾ پاڻي وڌيو ته آهي پر پاڻي جي گهڻو لوڻياٺو ۽ زهريلو ٿيڻ جي قيمت تي.
اهو پاڻي جنهن ۾ ڪمپني ڪنهن ۾ دور ۾ فش فارمنگ جي دعوا پئي ڪري،
سو نباتات ۽ حيوانات لاءِ
WHO
جي معيار مطابق هاڃيڪار آهي.
دودي ڀيل جو موت ٻُڌائي ٿو ته اينگرو ڪمپني ۽ ٿر ڪول انتظاميا هڪ مافيا وانگي ڪم ڪري ٿي.
ٿرين کان انهن جون زمينون ۽ گائوچر ڦُري
انهن کي دربدر ڪيو وڃي ٿو.
ماڊل وليج بہ ماڊل تباهي وليج طور ظاهر ٿيا آهن.
پاڙي ناهي پروڙ
مصداق پوءِ به سائين نصير ميمڻ جي نظر مقامي ماڻهن جي حال تي نہ ٿي پوي. وري جن جي پئي ٿي،
سائين جن کي انهن تي بہ چِڙ آهي.
سائين جي خيال ۾ ٿر جي ڪوئلي جي مخالفت ڪراچي، پنجاب ۽ اسلام آباد جا اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن،
جيڪي سنڌ منجهان ڪوئلي نڪرڻ تي ارها آهن.
ان ڏس ۾ اچو ته سندس ئي لفظن کي ئي پڙهون:
”درحقيقت ٿر جي ڪوئلي کي سنڌ جي معاشي ترقيءَ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي ها.
ٿر جي ڪوئلي خلاف جيتري ماحولياتي مهم هلي ان جو هڪ وڏو سبب اهو هو
جو اهو ڪوئلو سنڌ مان نڪتو ۽ آئيني طور ڪوئلو وفاقي نہ پر صوبائي سبجيڪٽ هو.
سنڌ جي گيس ۽ تيل جيان ڪوئلو وفاق جي سڌي ڪنٽرول ۾ ناهي،
تنهن ڪري اها مهم هلائيندڙن ۾ پنجاب جا اهي دوست بہ اڳڀرا هئا
جن جي واتان ڪڏهن امپورٽيڊ ڪوئلي تي هلندڙ ساهيوال پلانٽ جي مخالفت نہ ٻڌيسين.
ائين ئي ڪوئلي جي مخالفت ۾ ڪراچيءَ جي ڪجهه اڳڀرن دوستن کي ڪڏهن پورٽ قاسم ڪراچيءَ ۾ لڳل ڪوئلي واري بجلي گهر جي مخالفت ڪندي نه ٻڌوسين،
نہ تہ انهن جا ماحولياتي اثر ڀلا ڇا ۾ گهٽ هئا.
بينظير ڀٽو جي دور ۾ ٿر جي ڪوئلي تي ٺهندڙ ڪيٽي بندر رٿا کي بہ اسلام آباد جي ان ئي لابيءَ ختم ڪرايو هو
ڇو تہ اهو ذخيرو سنڌ مان نڪتو هو.“
ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار.
دراصل جڏهن سنڌ جو مڊل ڪلاسي شعور ڪوئلي جيان
ڀاشا ڊيمن تي راضپو ڏيکاري رهيو هو تڏهن بہ
هڪ پنجابي ماهر حسن عباس هو
جيڪو ڊيمن کي درياھ ۽ ماحول دشمن قرار ڏئي پنهنجا انگ اکر اڳيان ڪري رهيو هو
(ان کان اڳ محمد علي شاهه ۽ اسان جهڙيون ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ تنظيمون ان جي مخالفت پيون ڪنديون هيون).
سو ياد رکڻ گهرجي تہ ڌرتي ڌڻي هئڻ ۽ درست هئڻ هميشه ڪا ساڳي ڳالهه ناهي هوندي .
مرحوم عبدالقادر جوڻيجو بہ تہ پاڻ ٿريو هو پوءِ ان ٿر ڪول جي حمايت ڪري ٿر دوستي ڪئي يا دشمني؟
(اهو سوال بہ عوام کان آهي.)
باقي اسان جي بُکي رياست اهو ناهي ڏسندي تہ تيل سنڌ ۾ آهي،
رڪوڊڪ ۽ سينڊڪ بلوچستان ۾ آهي يا ڪاپر جا ذخيرا پنجاب بدران وزيرستان ۾ آهن
تنهن ڪري انهن کي ڇڏي ڏبو.
هاڻ بہ ٿر جي ڪوئلي جي استعمال جو فيصلو ڪو ڪراچي ڪونہ ڪيو آهي اهو بہ اسلام آباد ڪيو آهي.
تنهن ڪري پنجاب ۽ اسلام آباد جي سرڪار کي جئه جئه،
باقي جيڪڏهن ڪو عام پنجابي،
سنڌي يا سرائيڪي ماڻهو رياست جي اهڙي پاليسي تي سوال اٿاري ٿو ته اُهو ٿيو سنڌ جي ترقي جو دشمن!؟
اها نظرياتي سادگي اوهان کي مبارڪ هجي.
پاڪستان ۽ سنڌ کي صرف ڪوئلي جو آسرو ۽
ان جي نتيجي ۾ ملڪ جو هر گهر روشن هجي،
تہ پوءِ بہ بحث شايد جُڙي ۽ جاري رهي،
پر اسان ڏسون ٿا تہ ماڻهو بجلي جي بلن ۾ ئي پورا ٿيل آهن.
اسان تہ ٻين ماحول دوست ذريعن ۾ پڻ امير آهيون
پر شروع کان ڪوئلي ۾ ٿيل عالمي سيڙپڪاري کي پنهنجي منافعي ۽ ظابطي سان جيڪو غرض رهيو آهي، تنهن تي ڪک رکڻ ڪٿان جي سنڌ دوستي يا ماحول دوستي آهي؟
سائين وڌيڪ لکي ٿو ’
نہ ڪڏهن ان لابيءَ اهو ٻڌايو تہ سموري ونڊ پاور پراجيڪٽ لاءِ نوري آباد کان گهاري تائين سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين گرين انرجي جي نالي تي مفت ۾ ڇو کنئي وئي آهي.
گرين ۽ فاسل فيول انرجي جي برڪتن ۽ تباهين جو تعين بہ سرمائيدار دنيا ئي ڪري پئي ۽ اسان ان جي مقامي سياست ۽ معيشت جي پاسن کي سمجهڻ کان سواءِ سڄي سائي انقلاب جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي بيٺا آهيون.
دنيا مان فاسل فيولز پنهنجي رفتار سان ختم ٿيندا ته پاڻ وٽ به ختم ٿيندا، ان کي اڃا ڪجهه ڏهاڪا لڳندا.
اهو بہ نہ وسارجو تہ پاڪستان جي پسمنظر ۾ گرين انرجي جي نالي تي هائيڊل ۽ ونڊ انرجي کي وڌائڻ جي قيمت بہ سنڌ ئي ڀريندي.
هائيڊل لاءِ اسان جي ڊيلٽا قيمت ڀريندي ۽ ونڊ جي نالي تي سنڌ جي ڪوسٽل پٽيءَ جي زمين کڻندا.
پنجاب ۾ سولر جو هڪ وڏو پاور پلانٽ بهاولپور ويجهو لڳايائون
جيڪو به رليو پيو آهي پر ان تي ڪو به نٿو سوال ڪري.
لڳي ٿو ته سولر انرجي لاء بہ هڪ ڏينهن سنڌ جي ڪاڇي، ڪوهستان،
اڇڙي ٿر ۽ ٿر جي زمين ئي ڪتب ايندي.
پر ان تي شايد ڪو به ماحولياتي ماهر مخالفت نه ڪندو. ‘
سائين ته ائين ٿو ڳالهائي ڄڻ ٿرڪول منجهان ٺهندڙ بجلي سبب لاڙڪاڻي ۾ لوڊ شينڊنگ ختم ٿي وئي آهي
(ائين ٿئي تڏهن به ٿر جي عوام ۽ باقي ماحول لاءِ ان جي قيمت وڏي آهي).
سڄي گوڏي جي سور جي جيڪڏهن ٽڪي نه کاڌي ته کاٻي گوڏي تي لڳل ڏنڊي جي دانهن به نه ڪيون.
باقي رياست پاران محڪوم قومن جي وسيلن جي ڦُرلٽ تي اسان ۽ سائين پاڻ لکندو رهيو آهي
سو ان تي ڪي ٻه رايا ڪونهن. پر ڪوئلي جي حمايت ۾ سائين ايترو اڳتي نڪري ويو آهي جو سولر،
ونڊ ۽ هائڊل انرجي به سوال هيٺ اچي وئي آهي.
واضح رهي ته
جيڪڏهن ڪنهن هڪ هنڌ جي
بُرائي (ڪوئلي) تي آواز گهٽ يا نه اُٿيو ته ان جو مطلب ٻي هنڌ جي برائي جو نيڪي ۾ بدلجڻ ناهي هوندو.
ساڳي وقت اهو به مڃون ٿا ته آمريڪا يا اولهه,
ماحوليات جي سوال تي چين يا ٽين دنيا جي اُڀرندڙ معيشيتن مٿان روڪ ڏئي رهيو آهي پر ڇا ماحولياتي سوال تي سموري حسياسيت (سينسيٽوٽي) کي سامراج يا رياست نواز چوڻ مناسب رهندو؟
باقي ان روڪ کي به خودمختيار ملڪ ئي منهن ڏيندا،
اهي نه جن هٿ پنهنجي رياستي بيئنڪ به ڪونهي.
سائين نصير ميمڻ پنهنجي ڳالهه ٻولهه هيٺين پيراگراف سان ختم ڪري ٿو:
’ٿر جي پرئين پاسي
ڀارت 50 جي ڏهاڪي کان ساڳي لگنائيٽ ڪوئلي تي بجلي ٺاهي،
پر راجھستان ۾ ڪا بربادي ٿي هجي ته ڪير ڏيکاري.
هتي چڱا ڀلا ماڻهو هيرو ٿيڻ،
تاڙيون وڄرائڻ ۽ سوشل ميڊيا جا لائيڪس وٺڻ جي چڪر ۾ ان مهم جو حصو ٿي ويا.
جيڪڏهن مختلف راءِ کي ٻڌڻ ۽ ان جو احترام ڪرڻ جو رويو هجي ته ھوند ان معاملي تي سنجيدگيءَ سان بحث ڪري هڪ ٻئي کان سکجي پر ان رويي جي اڻ هوند ۾ ڪير ڳالهائي.
باقي ان دوران فاسل فيولز مخالف ڪيترن مجاهدن ماحولياتي يڪجهتي طور ذاتي زندگيءَ ۾ گاڏين، ريفريجريٽرن ۽ ايئرڪنڊيشنرن جو استعمال بند ڪري ڇڏيو آهي،
اهو منهنجي ڄاڻ ۾ ناهي‘.
ڪوئلو،
وومنگ (آمريڪا )
۾ ٻري يا اُتر شانڪسي (چين) ۾،
راجهستان ۾ ٻري يا ٿر ۾،
ان جا اثر مقامي آبادي ۽ عمومي ماحول تي ساڳا اثر آهن.
اُسريل ملڪ ته وري به ڪجهه حفاظتي پير کڻندا هوندا،
سوال اسان جو آهي.
سو ڪٿي جي به ڪوئلي جي بربادي جي ڪهاڻي ڳولڻ،
هٿ ڪنگڻ لاءِ آرسي ڏسڻ جي برابر آهي.
هائو گهر جي يوٽيلٽيز (گاڏيون، فرجون ۽ ائير ڪنڊيشنون)
پڻ ماحول دوست ڪونهن پر انهن جي اثر کي ڪوئلي سان برابر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنهن بہ ريت مناسب ناهي.
رياست به پنهنجي ڪرپشن ۽ ڏوهن کي ماڻهن مٿان مڙهي
(individualizing the guilt )
پاڻ کي آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ساڳي روش سائين نصير ميمڻ پڻ ڪئي آهي
جنهن تي کيس سائو ۽ ڪارو سلام ڪجي ٿو.










