ڪارساز جو سانحو، جمهوريت جي رت سان لکيل تاريخ!

ڪارساز جو سانحو، جمهوريت جي رت سان لکيل تاريخ!

آفتاب عالم مهر
18 آڪٽوبر 2007ع، اهو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ رت، قرباني ۽ جمهوريت جي سچي معنيٰ سان لکيل آهي. اهو ڏينهن، جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو اٺن سالن جي جلاوطني ختم ڪري پنهنجي وطن واپس آئي. سنڌ جي ڌرتي پنهنجي ڌيءَ جي آجيان لاءِ تيار بيٺي هئي. ڪراچي جي هر رستو، هر گهٽيءَ ۾ جوش، جذبو، محبت ۽ اميد جي خوشبو هئي. ماڻهن جون سامونڊي لهرون ايئرپورٽ کان وٺي ڪارساز تائين پکڙيل هيون. ماڻهو پنهنجي ليڊر کي ڏسڻ لاءِ بيقرار هئا. عورتون، ٻار، بزرگ، جوان سڀ هڪ آواز ۾ چئي رهيا هئا، جيئي ڀٽو، جيئي ڀيڻ بينظير۔ اها منظر ڪشي ڪنهن ميلي لاءِ نه، پر ڪنهن قومي محبت جي عظيم داستان هئي. پر افسوس، اها خوشي ۽ اهو جوش ڀريل منظر ڪجهه گهڙين ۾ رت جي باھ ۾ تبديل ٿي ويو. جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جو قافلو ڪارساز پل وٽ پهتو، اوچتو ئي دهشتگرديءَ جو وڏو ڌماڪو ٿيو، جنهن سڄي فضا کي رت ۽ چيخ و پڪار سان ڀري ڇڏيو. ماڻهن جا لاش روڊن تي پکڙجي ويا، جتي ڪجھ گهڙيون اڳ خوشين جا نعرا هئا، اتي هاڻي رڳو سڏڪا ۽ ڏک جو راڳ هو. اٽڪل 180 ورڪر شهيد ٿي ويا، 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا۔ ڪيترن جا لاش سڃاڻپ کان به ٻاهر هئا. ڪٿي جوتا پيا هئا، ڪٿي سڙيل جھنڊا، ڪٿي گلن جون مالائون رت سان ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. ڪارساز جي روڊ تي هر پاسي ماتم هو، پر ان رت ۾ وفاداري، يقين ۽ جمهوريت جو آواز گونجي رهيو هو.
اهي سڀ شهيد، جيڪي محترمه بينظير ڀٽو لاءِ پنهنجون زندگيون قربان ڪري ويا، جمهوريت جي سچي معنيٰ بڻجي ويا۔ انهن جو رت پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو نشان ڇڏي ويو، جيڪو ڪڏهن به مٽجي نه سگهندو. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي گاڏيءَ ۾ بيٺي روئي رھي ھئي. هن جي اکين مان ڳوڙها پنهنجي ڪارڪنن لاءِ هئا، جمهوريت جي زخمي وجود لاءِ هئا. هن چيو ته “منهنجا ڪارڪن منهنجي طاقت هئا، انهن جي رت سان جمهوريت جو بنياد وڌيڪ مضبوط ٿي ويو آهي.” ڪارساز جي ان المناڪ ڏينهن کان پوءِ به محترمه بينظير ڀٽو پوئتي نه هٽي۔ هوءَ ڄاڻيندي هئي ته هن ملڪ ۾ جمهوريت جو سفر خطرناڪ آهي، پر هوءَ ڪڏهن نه ڊڄي، هن چيو ته “جمهوريت اسان جو حق آهي، ان لاءِ جان به قربان ڪنداسين.” اهو ئي بينظير ڀٽو جو سياسي ايمان ھو، جيڪو کيس ٻين سڀني کان الڳ ڪري ٿو. هن پاڻ چيو هو، “جيئن به ٿئي، پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ڪنداسين، ڇو ته اهو منهنجي ماڻهن جو حق آهي۔”
ڪارساز جو سانحو دنيا کي ٻڌائي ويو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو رستو گلن سان نه، پر رت سان سينگاريل آهي. اهي ورڪر، جيڪي ڪارساز تي شهيد ٿيا، انهن پنهنجي رت سان اهو ثابت ڪيو ته جمهوريت لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ ئي اصل وفاداري آهي. انهن جي قربانيءَ جي بدولت ئي اسان اڄ جمهوريت جو نالو وٺي سگهون ٿا، آزاديءَ سان ڳالهائي سگهون ٿا، ووٽ ڏئي سگهون ٿا. پر سوال اڄ به باقي آهي ته ڇا جمهوريت انهن جي رت جي ڀرم رکيو آهي؟ ڇا اها جمهوريت اڄ به عوام جي آواز بڻجي سگهي آهي؟ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ائين ناهي. جمهوريت اڄ به طاقتور طبقن جي هٿ ۾ يرغمال آهي، جڏهن ته عام ماڻهوءَ لاءِ اڄ به امن انصاف، روزگار، ۽ عزت رڳو خواب بڻيل آهي. اهي ورڪر، جن جي رت سان جمهوريت جي عمارت بيٺي آهي، انهن کي وساري ڇڏڻ وڏي ناانصافي آهي. ڪارساز جو سانحو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته جمهوريت ڪو تحفو ناهي، اها قربانين سان حاصل ٿيندڙ نعمت آهي. اها نعمت عوام ڏني آهي، حڪمران نه۔ ۽ اڄ به اها عوامي قرباني ئي جمهوريت جي اصل طاقت آهي. جيڪڏهن اسان ڪارساز جي شهيدن کي سچي معنيٰ ۾ ياد رکڻ چاهيون ٿا ته اسان کي انهن جي مقصد کي به زندھ رکڻو پوندو.
هر سال جڏهن 18 آڪٽوبر اچي ٿو، تڏهن ڪارساز تي گل رکيا وڃن ٿا، تقريرون ٿين ٿيون، پر شايد اسان جي دلين ۾ اهو شعور اڃا تائين نه جاڳيو آهي، جيڪو جمهوريت لاءِ ضروري آهي. اهو رت سان لکيل باب رڳو يادگيرين لاءِ نه، پر سبق طور پڙهڻ لاءِ آهن. سنڌ جي مٽي پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به نٿي وساري سگھي. اهي ورڪر، جيڪي بينظير ڀٽو سان گڏجي پنهنجي زندگي قربان ڪري ويا، اڄ به زندھ آهن ۽ ھميشه زندھ رھندا۔
هر ڀيري جڏهن ڪو نئون صبح جمهوريت جي نالي تي اڀري ٿو ته ڪارساز جي شهيدن جو رت چوي ٿو، “اسان پنهنجو فرض ادا ڪيو، هاڻي توهان پنهنجو ادا ڪريو।” شهيد بينظير ڀٽو جي جدوجهد رڳو سياست نه، پر فڪر ۽ ايمان جو سفر هئي. اهو يقين آهي ته جمهوريت ايندي ۽ اها جمهوريت عوام جي هوندي بينظير ڀٽو شهيد ٿي، پر جمهوريت جو روح زندھ رهيو.
ڪارساز جا اهي شهيد، جيڪي نالن کان به مٿانهون ٿي ويا، تاريخ ۾ امر ٿي ويا. اهي جمهوريت جا اصل هيروز آهن. 18 آڪٽوبر جو ڏينهن اسان کي اهو سيکاري ٿو ته جمهوريت جي هر لڪير رت سان لکيل آهي، ۽ هر آزاديءَ جي قيمت قرباني آهي. اسان کي اهو واعدو نئون سر ڪرڻو آهي ته جمهوريت جي راھ ۾ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻائيندا سين.
سنڌ جي ڌرتي انهن جي رت سان ڳاڙھي ٿي وئي، پر اها رت محبت، ايمان ۽ عزم جي آهي. اهي ورڪر، جيڪي بينظير ڀٽو سان گڏجي قربان ٿي ويا، جمهوريت جي تاريخ جا امر باب بڻجي ويا. اڄ جڏهن دنيا ۾ جمهوريتن جا مثال ڏنا وڃن ٿا ته اسان فخر سان چئي سگهون ٿا ته اسان وٽ جمهوريت جي هر لڪير ڪنهن شهيد جي رت سان لکيل آهي. ڪارساز جي گمنام هيروز کي سرخ سلام، جن پنهنجو رت ڏئي جمهوريت جو ڏيئو ٻاري ڇڏيو۔ جيئي ڀٽو، جيئي جمهوريت، جيئي سنڌ.

پهنجو تبصرو موڪليو