ڪارا چٺا ،تنقيد،بي حيائي جا وڪڙ، حالات حاضره

ڪارا چٺا ،تنقيد،بي حيائي جا وڪڙ، حالات حاضره

سيد زوار حسين شاهه
پاڪستان هن وقت به انتهائي مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي پوء ڪوئي تسليم ڪري يا نه ڪري ، سدائين جيان پاڪستاني عوام جي خدمت ڪندڙ سياستدان ، ڪوڙ ڳالهائي چهرا تبديل ڪري لٽ مار ڪندا رهن ٿا اهو به ڪڙو سچ اهي جنهن طرح سان ڪپتان جي حڪومت جنهن مٿان جيڪي به الزام لڳا هجن مهنگائي مهنگائي هاء گهوڙا مهنگائي ، ٽريڪٽر ٽرالين تي چرهي احتجاج ريليون به ڪڍيون ويون پر هن وقت جيڪڏهن پي ڊي ايم جي ڪيل جودجهد به اڳيان اچي رهي آهي جهڙي ريت هو ڪپتان سان دشمني جو اظهار ڪن پيا يا جيڪو ڪجهه به ڪپتان چيو اهو به اسان جي اڳيان آهي ، برحال مان عرض ڪيان ته سياستدان هڪ ٻئي مٿان تنقيد ته ڪري سگهن ٿا پر جهڙي طرح سان هڪ ٻئي مٿان سدائين گندي زبان استعمال ڪندا رهيا آهن اهي سڀ ڳالهيون تقريرون به اڳيان آهن هن وقت ويڊيو آئيڊيو ليڪ جون پاڪستان جي سياست هن وقت تائين شايد سمجهي ناهيون سگهيا ، ان جا ڪهڙا سبب آهن ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ، برحال هر هڪ پنهنجي سياسي پارتي جو موقف رکندو ، پوء سهي هجي يا غلط هجي ، هن وقت ملڪ جهڙي حالتن مان گذري رهيو آهي الله سائين رحم ڪري ، عوام جنهن براه راست ڪپتان مٿان اعتماد جو اظهار پن ڪيو اهي اهو ئي سبب اهي جو هن وقت شهباز شريف ، آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمان به اليڪشن نه ٿا چاهين ، جنهن بعد به صورت حال اسان جي اڳيان آهي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن وقت چونڊن جو مطالبو ڪرڻ وارا ٻوڏ متاثرن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن، عمران خان ملڪ جي معيشيت ۽ پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچايو، تجويز آهي ته پاڪستان جا قرض امداد ۾ تبديل ڪيا وڃن. واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته اسد مجيد پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي. غير ذميواراڻو ڪم خان صاحب ڪيو. غلطي عمران خان ڪري ۽ سزا اسد مجيد کي ملي اها ناانصافي آهي. هن چيو ته عمران خان اسان جي پرڏيهي لاڳاپن کي نقصان پهچايو. ٻوڏ متاثرين جي مدد پهريان ۽ سياست پوءِ جو ڪم آهي. جيڪو هن وقت سياست ڪري رهيو آهي اهو اصل ۾ ٻوڏ متاثرين جي زندگي سان کيڏي رهيو آهي چونڊن جو مطالبو ٻوڏ متاثرن جي زندگين سان کيڏڻ برابر آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ جيترو به ڪري سگهجي اهو ناڪافي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت کي موسمياتي تبديلين بابت ملي ڪم ڪرڻ گهرجي. موسمياتي تبديلي جي شڪار 10 وڏن ماڻهن کي ملي آواز اٿارڻو پوندو. ٻوڏ متاثرين جي مدد پهرين ۽ سياست پوءِ جو ڪم آهي. آمريڪا جو دورو ڪامياب رھيو، اڄ جي ۽ 6 مھينا پھريان واري پاڪستان ۾ واضح فرق نظر اچي رھيو آھي، 6 مھينن ۾ ڪنھن به ملڪ مان پاڪستان جي لاڳاپن ۾ بھتري ئي آئي، عمران خان اسان جي پرڏيھي لاڳاپن کي نقصان پھچايو ، ھاڻ صحيح رخ ۾ ھلي رھيا آھيون آمريڪا جي دوري جو پھريون مقصد ٻوڏ متاثرن جي مدد رھيو، ٻوڏ کانسواءِ اسان جي ايجنڊا آمريڪا سان لاڳاپن ۾ بھتري ھو، زراعت ۽ صحت سوڌو ٻين شعبن ۾ وڌيڪ اڳڀرائي جو امڪان آھي ھن چيو ته آمريڪا جي دوري تي وزيراعظم جي ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون آھن، پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ تمام گھڻو ڪم ڪرڻو آھي، سيڪريٽري جنرل يو اين اجلاس جي موقعي تي ٻوڏ متاثرن کي سرفھرست رکيو، ٻوڏ متاثرن جي لاءِ اسان جيترو بھ ڪريون اھو گھٽ آھي ٻئي پاسي هڪ آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته آڊيو ليڪس وارو معاملو حساس آهي، وزيراعظم ڀلي ڪير به هجي ان سان قومي سلامتي جو سوال پيدا ٿئي ٿو، اسان کي ان جو جواب گھرجي. وزيراعظم شهباز شريف آڊيو ليڪس معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجن جو انتظار رهندو. ان عمل جي مذمت ڪجي ٿي. جڏهن وزيراعظم جي آفيس جي ڳالهه اچي ٿي ته وزيراعظم عمران خان هجي يا شهباز شريف، ان سان قومي سلامتي جو سوال اٿاريو ويو آهي. بلاول ڀٽو کان جڏهن ڪالعدم تحريڪ طالبان سان ڳالهين بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته اهي ڳالهيون گذريل حڪومت دوران شروع ٿيون هيون ۽ ڳالهيون جنگبندي تائين پهتيون هيون. اسان جو شروع کان ئي موقف رهيو آهي ته پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، جنهن کانپوءِ پارليامينٽ کي بريفنگ ڏني وئي، اسان جو اڃا به اصرار آهي ته ڳالهين جو عمل پارليامينٽ جي نگرانيءَ ۾ ٿيڻ گهرجي پر اڃا تائين ڪميٽي نه ٺاهي وئي آهي. . اميد آهي ته ان جي نتيجي ۾ امن قائم ٿيندو پر ماضي ۾ اهڙن ڳالهين جو نتيجو مثبت نه نڪتو آهي. پاڪ-ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي سطح تي ان حوالي سان تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن. 2010ع ۾ پاڪستان هڪ طرفي واپار شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر 2019ع کان وٺي والاريل ڪشمير جي عوام مخالف ڪاررواين سبب صورتحال تمام گهڻي تبديل ٿي چڪي آهي. ڀارت ۾ مسلمانن خلاف ڪارروايون به صورتحال کي متاثر ڪري رهيون آهن، جنهن سبب پاڪستان لاءِ في الحال هٿ وڌائڻ ممڪن ناهي ، مان عرض ڪندس ته خدا جي واسطي هن وقت به انا کي فنا ڪيو ۽ عوام اڳيان پنهنجو موقف رکو بارشن جي ڪري سنڌ بلوچستان سو سال پوئتي هليو ويو آهي ، جڏهن ته سنڌ ، بلوچستان مڪمل هن وقت به پاڻي جي لپيٽ هيٺ اهن ، جنهن ڪري اڃان به حلات خراب ٿيندي ڏسي رهيو آهيران عوام ۾ به نفرت وڌندي پئي وڃي ان جو هڪ ته اهو خاص مقصد آهي ته چونڊيل نمائيندن آفيسرن وزيرن به عوام کي اڪليو ڇڏي ڏنو آهي ، عوام جي تذليل ٿي رهي آهي بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جنهن ذريعي بارش متاثرن کي خاص امداد ملي پئي ان ۾ به سنڌ جي ٻين شهرن جيان راڻيپور سوڀوديرو ، سمي سڳيون ، سيٺارجا ، هنگورجا سئي گيس ، ٺتري ميرواه ، فيض گنج ، چونڊڪو ڪنب ڪوٽ ڏيجي به اڳيان آهي بسپ آفيسر ڊيوا.ئيز ايجنٽن سان گڏجي ٻه ، ٽي هزار رويپا ڪٽوتي ڪن ٿا ، جن جي پشت پنهاي بسپ آفيسر ڪن ٿا عوام ڪوڪوڪن پيو ڪري ، پر اڃان بهي ڪترائي انڪساف پن ٿيا آهن ته بسپ آفيسر ڪونيڪٽ ايڇ بي ايل ، فرنچائيزر مالڪان ڊيوائز ايجنٽ ڪهڙي طريقي سان غريبن جي ڪٽوتي ڪن ٿا ، راڻيپور سنڌ جي ٻين شهرن کان اڳڀرو نظر پيو اچي ان جا ڪهڙا سبب آهن جلد انڪشاف ڪنداسين خدا کان نه ٿا ڊڄن ، برحال هن وقت سياست نه پر عوام يج خدمت جو قوت آهي ، لٽ مار نه پر عوام مٿان شفقت جي هٿ رکڻ جو وقت آهي ، هن وقت تنقيد نه پر هڪ ٻئي سان ساٿ ڏيڻ جو موقعو آهي اچو ته گڏجي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪيون ، ۽ بسپ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام تي ڪڙي نظر رکون ، جيئن سنڌ جي بزرگ عورتن سان ٿيل زيادتين جو ازالو ڪري سگهون ، اقليت پسندن کي نظر انداز نه ڪيو هو به اسان جا ڀائر آهن پاڪستاني شهري آهن جڏهن ته ڊي جي بسپ ڊاڪٽر ثمر تالپر کي به سنڌ يج ڪيترن ئي شهرن اندر ٿيندڙ ڪٽوتي نوا طريقا استعمال ڪري يوزرس استعمال ڪري ڪٽوتي ڪن پيا ، جڏهن ته يوزر گهرن ۾ هلي رهيا آهن لڪيشن به اسان جي اڳيان آهي پوء ڊي جي بسپ کي ان جي روڪ ٿام لاء قدم کڻڻا پوندا ، جيڪڏهن ڪوئي نوٽيس نه ٿيو ته جڏهن به قسط هلندي لڪيشن سوشل ميڊيا سميت زميواران ڏانهن موڪلي ويندي جنهن سان نااهلي به اسان يج اڳيان ايندي ، ملڪ جي بقا سلامتي لاء پاڪستان سڀ کان پهريانم پوء ٻيا آهن پاڪستان زنده باد غريب عوام زنده باد ملڪ دشمن لٽيرا ڪرپشن مافيه مردا باد جا نعرا هني هر قدم اڳتي وڌايون بلا جواز تنقيد ڇڏي اڳتي وڌون ، اها حقيقت اهي ، ان تي هر اداري جي سربراهه کي سوچڻو پوندو جڏهن ته سياستدانن کي هڪ ٻئي مٿان الزام تراشي ڪرڻ بند ڪرڻي پوندي ، جيئن اڳتي وڌي سگهون برحال اجائي تنقيد کان پاسو ڪرڻ گهرجي ،

پهنجو تبصرو موڪليو