کائو سنڌ جو سازشون به سنڌ سان، ايس ايم لغاري

هونءَ ته سنڌ سان صدين کان وٺي سازشون هلندڙ آهن پر هاڻي ڏٺو وڃي ته جڏهن کان ملڪ آزاد ٿيو آهي سنڌ سان سازشن جو سلسلو به هلندو رهيو آهي اڄ تائين امن جي ڌرتي سنڌ کي ٽامون ڪيو پيو وڃي سنڌين سان بغض ڇڏي ئي نٿو سنڌ ۾هٿرادو انتشار ڦهلائي پوءِ پوري سنڌ کي ٽارگيٽ تي رکيو ويو آهي ڪڏهن سنڌين کي چچريل لاش ڏنا ٿا وڃن ڪڏهن وري گمشدگيون ڪڏهن غداري وارو راڳ، ڪڏهن ڏسو الڳ صوبو ڪڏهن ٻيٽن تي قبضو سنڌ جي آمدني تي قبضو آخر سنڌ سان ايڏو ويڌن ڇو ايڏا ڪلور ڇو  سنڌ جي آمدني تي ملڪ کي هلايو پيو وڃي پوءِ به سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم هٿان الڳ صوبي جي نالي سان ڌمڪايو پيو وڃي ته جئين سنڌي ۽ ايم ڪيو ايم جهيڙو هلندو رهي ۽اسان خاموشي سان سنڌ جي آمدني تي ڌاڙو هڻندا رهون سنڌ وفاق کي کارائي ٿي پوءِ به سنڌ سان سازشون ڇو سنڌ وفاق کي کارائي ٿي ان جو تازو مثال توهان کي ڏيان ته اسان جي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي اچڻ بعد ثابت ٿي ويو ته سنڌ جي آمدني تي ملڪ هلي رهيو آهي ڪرونا وائرس جي اچڻ بعد لاڪ ڊائون ڪيو ويو جنهن کان پوءِ وفاق جي واڇن مان جيڪي گگون نڪتيون اهي سڀني ڏٺيون ۽ بيهوشي جا دورا به سڀني ڏٺا خبر پئي ته سنڌ مان ايندڙ آمدني بند ٿي وئي هاڻي پنجاب کي ڪئين هلائجي ٻين صوبن کي ڪئين هلائجي ان کان بعد لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي اڃان لاڪ ڊائون ۾ نرمي آئي مس ته سنڌ مٿان لڳاتار حملا ڪيا ويا ٻيٽن تي قبضا مٿان وري ايم ڪيو ايم وارن کان جلسا ڪرائي الڳ صوبي جو مطالبو ڪرايو ويو ته جئين سنڌين جو ڌيان الڳ صوبي واري جلسن ۾ ٿي وڃي ۽ اسان ٻيٽن تي قبضا ڪيون. چوندا آهن ته  جڏهن گهر جا ڪتا ڀاڙيا ٿي وڃن پوءِ گهرڀاتين کي سڄاڳ رهڻ گهرجي نه ته چور گهر خالي ڪري ڇڏيندا آهن ان ڪري بجاء پاڻ ۾ وڙهڻ جي سنڌين کي سڄاڳ رهڻ گهرجي نه ته اهو ڏينهن پري ناهي ۽اسان سنڌ ۾ اقليتن ۾ تبديل ٿي وينداسين، ان ڪري سڀني کي سڄاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌ تي وار ڪندڙ سازشي ٽولي کي استاد بخاري وارو هي جواب ڏيڻ گهرجي.

هي  اٿو   بوتو  ڀري  چهبُڪ   هڻوس،

ڀري  ٻُڪ مٽيءَ  جا  منهن  ۾  هڻوس،

قوم   جي  غدار  کي   بخشيو   متان،

گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٿُڪ ۽ بجو  هڻوس.

ديس  دروهي  جو  چهرو آ چورنگو،

ڪوئلا  آڻي  ڪلرڪارو    هڻوس،

آڱريون ڀربيون گهي ڀونڊو نه ڏيوس!

ڏُور  کان  کنگهو  ۽  کانگهارو  هڻوس. 

استاد بخاري وري ٻي جاء تي لکي ٿو.

ڪنول گل مان ڪوڪو نه ٿيو آ نه ٿينــدو،

بخاريء  کان  ڌوڪو  نه ٿيو  آ  نه   ٿيندو.

ملهائي نه  جو  ٿــڃ  جيجــل  جي   لوڪو،

اهڙو  ڪو  به ٿوڪو  نه ٿيو آ  نه    ٿيندو.

اڄ جيڪو سنڌ سان ٿي رهيو آهي ڪٿي به لڪل ناهي سنڌ جي آمدني مان سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي سنڌ ۾ بک بدحالي، غربت، بيروزگاري، تعليم صحت جهڙيون سهولتون تباھ آهن پاڻي بجلي امن امان جي صورتحال تباھ آهي سنڌ هن وقت مشڪل دور مان گذري رهيو آهي مٿان وري سنڌ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون جيڪي قابل مذمت آهن سنڌ جي اصلي مسئلي مسائل کان ڌيان هٽايو پيو وڃي ۽ جهڙي طرح سنڌ ۾ اهڙو ماحول ٺاهيو پيو وڃي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي اهو ان جي ڪري ته سنڌ ۾ اسان جي قيادت جي ڪمي ۽ سياسي وزن گهٽ هئڻ ڪري ٿي رهيو آهي. سنڌ کي تقسيم ڪندڙ سازشي ٽولو سنڌ ۾ جيڪو تيار ڪيو ويو آهي ان جون واڳون وفاق جي هٿ ۾ آهن سنڌ کي ٽوڙڻ جون سازشون هاڻي تيار ناهن ڪيون ويون ڪيتري ئي عرصي کان سازشون هلندڙ آهن ڪير سمجهي يا نه سمجهي پر ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون سازشون ڪيتري ئي عرصي کان ٿي رهيون هيون جنهن تي خاموشي ۾ ڪم هلندڙ هيو ڪراچي کان ضلع ٺٺي ڪيٽي بندر تائين ۽ ڪراچي کان حيدرآباد ڄامشورو، نوري آباد تائين هڪ وڏي لوڌ ٻاھران کڻي آباد ڪئي وئي جيڪا سنڌ کي ٻه ٽڪرا ڪرڻ جي هڪ وڏي ڪوشش ڪئي وئي آهي پيپلزپارٽي جي باري ۾ چيو ويو ته سنڌ جا ٻيٽ پيپلزپارٽي لکي ڏنا آهن پر سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل اپوزيشن جا چونڊيل نمائندا خاموش ڇو آهن؟ دال ۾ ڪارو نه بلڪ هتي ته سڄي دال ڪاري آهي جي ڊي اي وارا جواب ڏين.  سنڌ ۾ پي ٽي آئي جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل ايم پي اي سميت حمايتن جي وات مان ٻڙڪ ڪنهن ناهي ٻڌي هي ته ڪم اهو ٿي ويو هل پري ٿي منهن ڪاري، سڄو ملبو پيپلزپارٽي تي به نه اڇلايو سڀني کي قصوروار سمجهو وڃي جن لفظ به نه ڳالهايو آهي  بس ايترو چوندس ته اسان وفاق تي ويٺل سازشي ٽولي کي سنڌ خلاف ڪا به ميري اک نٿا ڏسڻ چاهيون جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي صوبو ڏيڻو اٿو ته اسان جي ملڪ ۾ وڏي مان وڏو صوبو پنجاب آهي ايم ڪيو ايم وارن کي پنجاب ۾ صوبو ٺاهي ڏيو يا اسلام آ باد کي ايم ڪيو ايم صوبو ڪيو باقي سنڌ سان سازشون ڪڏهن به برداشت نه ڪندا سين.

پهنجو تبصرو موڪليو