ڏکڻ آفريقا جودورو، قومي اسڪواڊ جا ڪورونا ٽيسٽ ڪليئر

لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ جي سمورن 34 ميمبرن جي ٽئين ڪورونا ٽيسٽ به ناڪاري اچي وئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ موجب ڏکڻ آفريقا روانگي کان اڳ ڪرڪيٽ اسڪواڊ جي چوٿين ڪورونا ٽيسٽنگ 24 مارچ تي ٿيندي. پي سي بي جو چوڻ آهي ته اسڪواڊ جي هڪ ميمبر جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو هو البته هاڻ ان جون 2 ٽيسٽون منفي اچي چڪيون آهن.اسڪواڊ جو اهو ميمبر 23 مارچ تي بائيو سيڪيور ببل جو حصو بڻجي ويندو جڏهن ته متاثر ميمبر جا وڌيڪ 2 ڪورونا ٽيسٽ 24 مارچ تي ٿيندا. واضح رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم 26 مارچ تي ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ رواني ٿيندي جتي ٽيم 4 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچ کيڏندي.

پهنجو تبصرو موڪليو