ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان سيريز کيڏڻ لاءِ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 14 سالن کانپوءِ پاڪستان پهچي وئي آهي.ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 2007 کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان پهتي آهي ۽ 14 سالن کانپوءِ پاڪستاني سرزمين تي ڪرڪيٽ کيڏندي.مهمان ٽيم چارٽرڊ جهاز ۾ ڪراچي پهتي آهي، ٽيم جي قيادت ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٽيم سان گڏ ڏکڻ آفريقا جو آفيشلز به ڪراچي پهتو آهي.مهمان ٽيم پاڪستان خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏندي پر سيريز کان پهرين رانديگرن جو ڪورونا ٽيسٽ ٿيندو ۽ نتيجا اچڻ تائين هو قرنطينه ڪندا.پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ پهريون ٽيسٽ ڪراچي ۾ 26 جنوري تي ٿيندو جنهن لاءِ پاڪستان جي شروعاتي 20 رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.










