ڌرتيءَ جو آئندو ۽ انسان تي عائد ذميواريون

ڌرتيءَ جو آئندو ۽ انسان تي عائد ذميواريون

تحرير محمد يوسف ڀٽو

دنيا ۾ گڏيل قومن جي اداري پاران ھر سال مختلف ڏينھن ملھايا وڃن ٿا، جن ۾ والدين، استاد، امن، ھمدردي، ڀائيچاري، دوستي، انساني حق ۽ ڪتاب، ٻولي توڙي ادب وغيرہ جا ڏينھن شامل آھن جن ۾ تقريبن جو اھتمام ڪري انھن جي اھميت کي اجاگر ڪبو آھي. ماڻھن ۾ ان حوالي سان شعور بيدار ڪيو وڃي ٿو. ڌرتي جو ھي عالمي ڏينھن ھاڻي موجودہ انھن سالن ۾ ملھائجي ٿو جڏھن ھر سال گلوبل وارمنگ يا عالمي درجه  حرارت ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. جنھن جا فضائي ۽ آبي آلودگي، صنعتي ترقي، وڻن جي ڪٽائي ۽ جنگين سميت ڪئين سبب آھن. جنھن ڪري ھن ڏينھن جي اھميت ۽ مقصد اڃان به وڌي ويو آھي. خير، جيتري قدر ڌرتيءَ جي عالمي ڏينھن جو تعلق آھي ته 1969ع ۾ سان فرانسسڪو ۾ منعقد ڪيل يونيسڪو جي ڪانفرنس ۾ جان مڪ ڪونل ڌرتيءَ جي احترام توڙي امن جي تصور کي اجاگر ڪرڻ جي مقصد سان ھڪ ڏينھن ملھائڻ جو خيال پيش ڪيو. ۽ ان لاءِ 21 مارچ 1970ع جي تاريخ پيش ڪئي. جيئن ته 21 مارچ تي ڌرتي جي اترئين اڌ حصي ۾ بھار جو پھريون ڏينھن ھجي ٿو، ان لاء ان ڏينھن تي ورلڊ ارٿ ڊي ملھايو وڃي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اوٿا ان جي منظوري به ڏني پر ھڪ مھيني بعد آمريڪا جي سينيٽر گيلارڊ نيلسن ماحولياتي تعليم جي مقصد سان ھڪ الڳ ڌرتي جي ڏھاڙي جو بنياد رکيو جيڪو 22 اپريل 1970 تي ملھايو ويو. نيلسن کي بعد ۾ اھم ڪارنامي تي آزادي جو صدارتي ايوارڊ به مليو.ڏسجي ته ھنن ڏينھن ماحولياتي آلودگي، جنگلات جي ڪٽائي ۽ ڌرتيءَ جي قدرتي وسيلن جو وڏي پيماني تي استعمال رڳو انسان ئي نه پر ھر جاندار جي زندگي کي متاثر ڪري رھيو آھي. ماھرن جو چوڻ آھي ته  ڪنھن ھڪ جاندار يا ٻوٽي جو نسل ختم ٿيڻ تي پڄي ته پوري ڌرتي جو فوڊ سائيڪل متاثر ٿي ويندو.ھڪ اندازي موجب دنيا م ھر سال ھڪ ڪروڙ 87 لک ايڪڙن جي پکيڙ تي جنگل ڪٽيا ٿا وڃن، ھي معمولي صورتحال ناھي. سو توھان ھڪ لمحي لاء اندازو ڪريو ته ڌرتي جو آئندو ڇا ھوندو؟ گرمي جي تپش ۾ ڪيئن نه واڌ ٿيندي؟ پاڻ وٽ سنڌ خصوصن لاڙ ۾ ڳوٺن ۽ شھرن جي رستن ۽ واھن جي ٻنھي پاسن ۽ ڪپن تي ڪي وڻ نظر اچن ٿا؟ اڳ ۾ ڪيڏا وڻ ھوندا ھئا، ھاڻي ورلي ئي بچيا ھجن. ڇا اھا ماحول دوستي آھي؟ خبر ناھي ماڻھو ڇو احساس نه ٿا ڌارين. خدارا ٿورو سوچيو. آئون سمجھان ٿو ھن وقت ماڻھن ۾ وڻن جي اھميت خاطر شعور بيدار ڪرڻ جي بنھ گھڻي ضرورت آھي. اھي وڻ ئي آھن جيڪي ڌرتيءَ تي آڪسيجن جو توازن برقرار رکن ٿا، خصوصن ھنن بھار جي ڏينھن ۾ ڌرتي تي آڪسيجن جو تناسب ڪنھن قدر چڱو ھجي ٿو. وڻ ھوا کي صاف به ڪن ٿا، اھو ئي نه بلڪه  وڻ ماحول کي دلڪش بڻائين ٿا، آڪسيجن پيدا ڪن ٿا ته ماحول مان ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ کي جذب به ڪن ٿا. اسان جي مطالعي ۾ اھو به آيو آھي ته وڻن جون پاڙون زمين جي مٽي کي بچائي رکن ٿيون جنھن سبب ڌرتي جو سرڪڻ يا لينڊ سلائيڊنگ نه ٿي ٿئي. وڻ گوڙ جي آواز ۾ ڪمي آڻين ٿا ۽ گوڙ واري آواز کي پنھنجي اندر جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ھڪ رسالي پاران شايع ڪيل انگ اکرن موجب ”سال ۾ صرف ھڪ وڻ پوکڻ سان گاڏي جي 26 ھزار ڪلوميٽر فاصلو طئي ڪرڻ سان 48 پائونڊ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ کي جذب ڪري  ٿو. فيڪٽرين مان نڪرڻ واري 60 پائونڊ آلودگي کي فلٽر ڪري ٿو. طوفاني برسات ۾ جمع ٿيندڙ 750 گيلن پاڻي کي جذب ڪري ٿو. ماحول ۾ 10 ايئر ڪنڊيشنر جي برابر ٿڌڪار پھچائي ٿو. 6 ھزار پائونڊ آڪسيجن پيدا ڪري ٿو، جنھن مان ھر سال 18 ماڻھو ساھ کڻن ٿا“ وڻ گرمي جي شدت کي گھٽ ڪن ٿا ۽ گلوبل وارمنگ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ضروري آھن. وڻ ڇانو ڏين ٿا، انھن جو ميوو غذا جو ذريعو آھي ۽ اھي ٻوڏن کان بچائين ٿا. پکين ۽ ٻي جيوت جي بقا جو ذريعو آھن. ان کا علاوہ وڻن جا اڃان به ڪئين بي شمار فائدا آھن، ته پوء ضروري آھي ته پنھنجي ڌرتي ماءُ جي سک، سڪون ۽ ڀلي لاء وڻ پوکڻ کپن.ھڪ نظريو اھو به آھي ته”اھي وڻ ئي آھن جيڪي لکين سالن جي عمل کان پوء ڪوئلي ۾ تبديل ٿي ويا ۽ ھائي توانائي جو وسيلو آھن. اسان کي وڻن جي پوکي جي حوالي سان لازمي ذميواري ڌارڻي پوندي. ماڻھن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاء اھل علم و اھل دانش کي سوچڻو پوندو.ھوڏانھن انٽارڪٽيڪا م ڄميل برف جي ڳرڻ جو عمل جاري ٿي ويو آھي. اوزون جي تھ جو ٽٽڻ به خطرناڪ آھي، جيڪو اسان کي الٽرا وايوليٽ شعاعن کان بچائي ٿو. اگر سلسلو ائين ئي جاري رھيو ته اھي الٽرا وايوليٽ شعاعن سبب چمڙي سميت ڪئين بيماريون انسان کي وٺي وجھنديون.ھن وقت ورلڊ ارٿ ڊي جي اھميت کي سمجھڻ بنھ ضروري بڻجي ويو آھي، اڄ ھي ڏينھن دنيا جي 192 ملڪن ۾ ملھايو وڃي ٿو. جيڪا ڳالھ حوصلا افزا آھي پر اسين پاڻ کي ڏسون ته اسان ان حوالي سان ڪيتري ذميواري نڀائي آھي؟ اڄ ڌرتي جن مسئلن ۽ خطرن کي منھن ڏئي پئي ته ان جو ذميوار به ان تي رھندڙ انسان ئي آھي، اڄ جو انسان ڀلي مريخ تي زندگي جا آثار ڳولي پر اگر ھن ڌرتي سان انصاف نه ڪري سگھيو ته اتي وري ڪھڙو انصاف ڪندو؟انسان کي ھر قسم جي گندگي ۽ آلودگي کان پاڪ ماحول لاء ھر ممڪن قدم کڻڻو پوندو. پنھنجي ذميواري کي محسوس ڪندي اسان کي ھن ڏينھن جي اھميت ۽ مقصد کي سمجھي پنھنجي لاءِ، سماج لاءِ ۽ ايندڙ نسلن لاء ڪجھ بھتر اپاءَ وٺڻا پوندا. ترقي يافته ملڪن جي ته اڃان به وڏي ذميواري آھي ته اھي گلوبل وارمنگ کان متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد ۽ انھن کي وسيلا فراھم ڪن. دنيا توانائي جي متبادل ۽ ماحول دوست ذريعن کي اپنائي.باقي اھو ته انسان کي وڻ، باغ، ٻيلا پوکڻا پوندا، فطرت کي تحفظ خاطر پنھنجو ڪردار ادا ڪندي انھن وڻن ٽڻن، باغن ۽ ٻيلن جي حفاظت به ڪرڻي پوندي. ڊيلٽائن کي اجاڙ کان بچائڻ لاءِ انساني توڙي آبي جيوت جي جياپي ۽ تحفظ خاطر دريائن تي وڏا بند ٻڌڻ بدران انھن کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاء مناسب مقدار ۾ پاڻي ڇڏڻو پوندو

پهنجو تبصرو موڪليو