ڊيل اسٽائن انٽرنيشنل ڪرڪٽ کي الوداع ڪري ڇڏيو

ڊيل اسٽائن انٽرنيشنل ڪرڪٽ کي الوداع ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ آفريڪا جو فاسٽ بالر ڊيل اسٽائن رٽائرمينٽ جو اعان ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي ڪيل اعلان ۾ هن چيو آهي ته ’هي سخت مٺو فيصلو آهي پر هو شڪرگذار آهي‘. 38 سالن جي ڪرڪٽر پنهنجي 18 سالن جو انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪيريئر ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 2004 ۾ هوم گرائونڊ تي انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ  هن اهم ڪرڪٽر 93 ٽيسٽ ميچز ۾ 439 وڪيٽون ورتيون. هن ٽيسٽ ڪرڪٽ تان 2019 ۾ سريلنڪا خلاف آخري يچ کيڏندي رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. 2008 کان 2014 تائين 263 هفتا هي ٽيسٽ ڪرڪٽ ۾ آءِ سي سي رينڪنگ ۾ نمبر و بالر رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو