سچل ڀٽي
سنڌي ماڻهن جي ڀرپور احتجاج ۽ آواز اٿارڻ جي نتيجي ۾ پريا ڪماري ڪيس هڪ دفعو ٻيهر سرڪار جي ڌيان تي آيو آهي ۽ چيف جسٽس صاحب جي نوٽيس وٺڻ سان گڏ ڪيس کي رديءَ جي ٽوڪريءَ مان ڪڍي پوليس به متحرڪ نظر اچي رهي آهي. جيتوڻيڪ “پوليس کي سڀ خبر آهي” جي چوڻيءَ جيان هن ڪيس بابت به کين ڪيئي حقيقتون معلوم آهن يا هونديون پر مٿن دٻاءُ به ڀاسي سگهجي ٿو، جو گذريل لڳ ڀڳ 32 مهينن کان مجرماڻي خاموشي اختيار ڪندي عوام کي هاءِ پروفائل بڻيل ڪيس بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. ڏوھ، ٿيڻ کان پوءِ هڪ فطري قاعدي تحت اهڙا پيچرا ۽ پنڌ ٺاهيندو آهي، جو دير سوير ڏوهاري چاهي اهو ڪيترو به چالاڪ يا بااثر ڇو نه هجي، قانون جي ريڊار تي اوس نروار ٿيندو آهي. چاهي اهو ڏوھ معمولي نوعيت جو ڇو نه هجي! پريا جو ڪيس ته ڏوهارين جي ڦاسيءَ جي تقاضا ڪري ٿو. هاڻ اچو ته پريا ڪماري جي ڪيس تي سرسري نظر وجهون ٿا.
پوليس جي بيوسي يا غفلت؟
پريا ڪماري جي والد راجو مل پاران درج ڪرايل بيان (ايف آءِ آر ) موجب تاريخ 19 آگسٽ 2021ع تي منجهند جو 3 وڳي پنهنجي گهر ٻاهران سبيل هلائيندي 7 سالن جي پريا ڪماري اغوا/غائب ٿي وڃي ٿي. 3 ڏينهن اوسي پاسي، مِٽن مائٽن وٽ ڳولها کان پوءِ 22 آگسٽ 2021ع تي ايف آءِ آر درج ڪرائي وئي، جيڪا قلم 364 ۽ 34 تعزيرات پاڪستان جي زمري هيٺ درج ڪئي وئي. مان اهو ته نٿو ڄاڻان ته هينئر ڪورٽ ۾ ڪيس جي ڪهڙي نوعيت آهي پر اڳ جيان وري تفتيشي ٽيم جو جڙڻ ٻڌائي ٿو ته يا ته ڪيس جي تفتيش مڪمل نه ٿي سگهي آهي يا ڪيس کي ٺپ ڪيو ويو آهي، نه ته ڪرمنل ڪوڊ جي سيڪشن 173 تحت 14 ڏينهن اندر حتمي چالان جمع ٿيڻو هوندو آهي. ڪيس کي 32 مهينا ٿيڻ وارا آهن ۽ هن ڪيس جي تفتيش ايس پي رينڪ جي آفيسرن جي جوائنٽ ٽيم ڪئي آهي پر تنهن باوجود ڪيس بابت ڪي حقيقتون منظر تي نه اچڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن!؟ ڇا جوابدار ايترا بااثر آهن جو تفتيش جو عمل مڪمل نه پيو ٿئي!؟ قانون جو اهو طئي ٿيل اصول آهي ته تفتيش ۾ دير جو ڪارڻ جوابدارن جي کاتي ۾ ليکيو ويندو آهي. ٻئي طرف ايف آءِ آر ۾ قلم 364 لڳايو ويو آهي، جڏهن ته معصوم پريا ڪماري جي عمر 7 ۽ 10 سالن جي عمر جي اندر آهي ۽ تعزيرات پاڪستان تحت قلم 364-A لاڳڻ گهرجي، جنهن ڏوھ جي سزا ڦاسي يا عمر قيد آهي. جڏهن ته 364 تحت ڏوھ جي سزا عمر قيد يا 10 سال تائين آهي. پوليس تعزيرات جي هر هڪ قلم کان بخوبي واقف آهي پر هن اهم ڪيس ۾ اها غفلت لاشعوري ته يقينن نه هوندي!
پريا ڪماري جي اغوا/غائب ٿيڻ جا ڪارڻ
ڪوبه اهڙو عمل، جنهن جي سزا جو تعين ٿيل هجي، سو ڏوھ جي دائري ۾ ايندو آهي. هر ڏوھ جي رونما ٿيڻ پويان ڪي ٺوس ڪارڻ هوندا آهن. خاص طور ٻارن جي اغوا پٺيان مک ڪارڻ سندن والدين سان دشمني يا کانئن ڪا اهڙي تقاضا ڪئي ويندي آهي، جنهن جي پورائي لاءِ سندن معصوم ٻار اغوا ڪيو ويندو آهي! ورنه هڪ معصوم ٻار سان دشمنيءَ جو ڪو جواز ناهي. پريا ڪماري جو اغوا به هڪ ناقابل ضمانت ۽ ٺاھ نه ڪرڻ جوڳو ڏوھ آهي. ٻارن جي اغوا جا عام طور تي هيٺيان ڪارڻ هوندا آهن:
* والدين سان ڪا دشمني يا رنجش
* والدين کان ڀُنگ جي رقم خاطر
* ٻارڙيءَ سان جبري شادي
* ٻار جي ڪنهن ٻئي ملڪ سمگلنگ/منتقلي
* ٻار کان پنائڻ
* ٻار جو مذهب مٽائڻ
* ڪنهن ناپاڪ ارادي يا جنسي ڏاڍائي جو پورائو ڪرڻ
پريا ڪماري ڪنهن اغوا ڪئي؟
هڪ سروي مطابق ٻارن جي اغوا ۾ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو اهي فرد ملوث هوندا آهن، جيڪي ٻارن جا مِٽ مائٽ يا اوڙي پاڙي جا هوندا آهن. ٻيا اهي اجنبي هوندا آهن، جيڪي پنهنجي عزائم جي پورائي لاءِ ٻارن کي ورغلائي، حيلن وسيلن سان يا زور زبردستي اغوا ڪندا آهن. ٻار جيئن ته معصوم ٿيندا آهن، سٺي خراب جي پرک کان عاري هوندا آهن ۽ جلد ئي ڪنهن اجنبيءَ سان به مانوس ٿي ويندا آهن، تنهنڪري ڏوهارين جو آسان شڪار هوندا آهن. کين ٽافي چاڪليٽ يا خرچيءَ جي لالچ ڏيئي اغواڪار آسانيءَ سان ڪارروائي ڪري ويندا آهن. پريا ڪماري ڏينهن ڏٺي جو 10 محرم تي سبيل هلائيندي اغوا ٿي آهي. غور ڪرڻ سان هيٺيان نتيجا سامهون اچن ٿا:
* پريا جو زور زبردستي سان اغوا نه ٿيو آهي، ورنه ڏينهن ڏٺي جي اهڙي اغوا تي ضرور ڪو هل هنگامو ٿئي ها يا ڪي اکين ڏٺا گواھ هجن ها. ان ڪري ڪنهن اجنبي جو واقعي ۾ ملوث هجڻ جو امڪان نه هئڻ برابر نظر اچي ٿو.
* پريا جي اغوا ۾ قوي امڪان اهو نظر اچي ٿو ته سندس اغواڪار کان پريا ڪماري ڀلي ڀت واقف هوندي، جيڪو کيس ڪابه لالچ ڏيئي آسانيءَ سان اغوا ڪري ويو. يقينن اغواڪار اهو شخص يا ڪيئي شخص هوندا، جن کان علائقي واسي به واقف هوندا. ڀُنگ جي طلب نه ٿيڻ سبب اهو غالب امڪان آهي ته اغواڪار يا ته پريا ڪماري جي خاندان کان ڪو وير وٺڻ چاهين ٿا يا پنهنجن ڪن ناپاڪ ارادن جي تڪميل چاهين ٿا.
پريا ڪماريءَ سان ڇا ٿيو؟
ڏوهاري جڏهن ڏوھ ڪندو آهي ته پنهنجي ان عمل کي لڪائڻ لاءِ ٻيا اهڙا عمل يا حرڪتون ڪندو آهي، جو قانون جو رستو ٺهندو ويندو آهي. گهڻي ڀاڱي ڏوهاري ٻارن جي اغوا واري ڏوھ ۾، جي سندن ارادو کين حوص جو نشانو بڻائڻ هوندو آهي ته ٻارن سان ڏاڍائي ڪري کين ابدي ننڊ سمهاريو ويندو آهي يا سندن گهر پوري ٿيڻ کان پوءِ کين ڇڏيو ويندو آهي ۽ جي پوليس چستي ڏيکاريندي آهي ته کين بچائي ۽ ڇڏائي به وٺندي آهي. پريا ڪماريءَ کي اغوا ٿئي 32 مهينا گذري چڪا آهن ۽ پوليس جي تفتيش به اڃا پوري ناهي ٿي، تنهن ڪري اهو خدشو پختو ٿي رهيو آهي ته خدا نه خواسته پريا سان ڪجهه برو نه ٿيو هجي. جي ڳالهه زبردستي نڪاح يا مذهب جي تبديليءَ جي هجي ها ته پريا پنهنجي والدين سان ضرور رابطي ۾ اچي ها پر هتي ته ايئن لڳي ٿو ڄڻ کيس زمين ڳهي وئي هجي يا آسمان کائي ويو هجي! جو رياست به کيس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي يا اغواڪار رياست کان به ڏاڍا آهن. خود ڪجهه وقت کان پريا ڪماريءَ جي والدين جو سنگرار ڇڏي اچڻ ۽ اميد ٽٽڻ مان به اهو تاثر ملي ٿو ته پريا جي حوالي سان اهي پراميد ناهن.
پريا جي والدين ۽ هندو برادريءَ کي ملندڙ ڏوراپا
پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ هاڻوڪي هلچل ۾ پريا جي والدين ۽ هندو برادريءَ کي به تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ايتري تائين جو ڪجهه صحافين پاران پريا جي امڙ جي ڪردارڪشي ڪئي پئي وڃي. دراصل اهڙي قسم جي شعوري شيطاني پروپيگنڊه جو مقصد سازشي ٿيورين کي ڦهلائي ڪيس کي لئي مٽي ڪرڻ نظر اچي ٿو. سنڌي هندو به ٻين سنڌين جيان پرامن ۽ گهڻي ڀاڱي ڪاروباري ماڻهو آهن. ورهاڱي کان پوءِ هنن لاءِ معروضي حالتون اهڙيون جوڙيون ويون آهن، جو کين احتجاجن ۽ ڌرڻن جي سياست وارو نٿي کائي. تنهن باوجود هنن هر احتجاج ۾ پاڻ ملهايو آهي. هو ڌرتيءَ ڌڻي آهن ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان ايتري ئي محبت ڪن ٿا، جيتري اسين! تنهن ڪري جيڪر پريا جي بازيابيءَ جي تحريڪ ۾ هندو برادري ۽ پريا جي والدين کي گڏ کڻي هلڻ چاهيو ٿا يا تحريڪ کي تقويت ڏيڻ چاهيو ٿا ته سوچ جو محور مٽائڻو پوندو!
ان سموري بحث کي سهيڙيندي ان نتيجي تي پهچون ٿا ته پريا ڪماري جي اغوا ۾ يا ته ڪي وڏا هٿ شامل آهن يا کين اهڙن هٿن جي پشت پناهي حاصل آهي. آئي ڏينهن هندو برادريءَ سان اهڙا واقعا ڪنهن منظم سازش جو نتيجو به ٿي سگهن ٿا ته جيئن کين لڏپلاڻ تي مجبور ڪري سندن مال مڏيءَ تي قبضو ڪجي! ڇو ته امن پسندي انهن قوتن جي وڏي دشمن آهي.
پريا ڪماري جو ڪيس هينئر تفتيش هيٺ آهي، انڪري سوشل ميڊيا تي هلندڙ امڪانن، خدشن ۽ افواهن تي تيستائين ڪا حتمي راءِ نٿي جوڙي سگهجي، جيستائين تفتيش ۾ انهن جي ثابتي ملي! پر اسان جي ادارن کي ڪنهن به سياسي شخصيتن يا بااثرن جي دٻاءَ کان آجو ٿي صاف شفاف انويسٽيگيشن ڪرڻ گهرجي ۽ حقيقتن کي عوام تائين پهچائڻ گهرجي.
آرٽيڪل پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو










