ڇا هي اليڪشن سرپرائيز آهي؟

ڇا هي اليڪشن سرپرائيز آهي؟

حاجي شيرمحمد سولنگي
پاڪستا ن ۾ اليڪشن جي موسم هلي رهي آهي هر پارٽي پنهنجو پنهنجو منشور پيش ڪري رهي آهي ورڪ جاري آهي پر صرف ڪوڙا واعدا، نئين نموني جي مارڪيٽنگ ٿي رهي آهي ماڻهو خود به خود ورڪ تي نڪري رهيا آهن حاليه سال جي بارشن ۾ ڪنهن به ماڻهو ڪنهن جي مدد نه ڪئي هر ماڻهو هڪ ٻئي جا پير ڪڍيا هر ڪنهن پنهنجو گهر بچائڻ لاءِ ٻئي جو گهر پاڻي سان ٻوڙايو. اهڙي قيامت جهڙي گهڙي گذرڻ کان پوءِ به ڪو به پاڪستاني نه سکيو نه وري حڪومت ڪو ڪم ڪيو، نه نالن جي صفائي ٿي، نه روڊ رستا ۽ پيچرا پڪا ڪيا نه ڊريينج سسٽم ٺاهيو ، نه ئي ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي مستقبل ۾ اهڙي موسمي تبديلي بارش ٻوڏ جي لاءِ بچاءُ جو بندو بست ڪيو.
هاڻي هر پارٽي وڏا وڏا خواب ڏيکاري ووٽ وٺندي.پاڪستان تحريڪ انصاف کي مڪمل ٽوريو ويو آهي جي ڊي اي ۽ مسلم ليگ فنڪشنل به غير فحال آهي پ پ پ سنڌ ۾ ميدان ماري رهي آهي ن ليگ پنجاب ، پي ٽي آئي خيبر پختون ۽ پ پ بلوچستان ۾ . پر جيڪڏهن عمران خان کي آزاد ڪيو ويو ته شايد اليڪشن سرپراِئيز ٿي ويندي يا وري مارشل لا لڳندي نظر اچي رهي آهي. تازو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين سياستدانن کي خلائي مخلوق ۽ مون کي عوام مان اميد آهي. ڪوٽ ادو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان اڪيلو سياستدان آهيان، جيڪو عوام ڏانهن ڏسي رهيو آهيان ۽ عوام کان ووٽ گهري رهيو آهيان، اقتدار ۾ اچي اميرن ۽ اشرافيا کي تڪليف، جڏهن ته عام ماڻهو کي رليف ڏينداسين، هن چيو ته سڀني سان ڳالهايو، سمجهايو ته پنهنجو ووٽ ضايع نه ڪن، منهنجي اميدوارن کي اسيمبلين ۾ پهچايو ته جيئن پنهنجي وڏن جو اڻپورو مشن پورو ڪري سگهان، تير ئي شينهن جو شڪار ڪري سگهي ٿو، ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته عوام پنهنجي ووٽ جو حق جنهن لاءِ به استعمال ڪري، ان جو احترام ڪنداسين، پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته 8 فيبروري تي پاڪستانين کي پنهنجي ووٽ جي طاقت سان مستقبل جو فيصلو ڪرڻو آهي، ايندڙ 5 سالن لاءِ ملڪ ۽ قوم جي قسمت جو فيصلو ٿيڻو آ، توهان خدمت ڪرڻ جو موقعو پنهنجي جماعت کي ڏيو، 24 ڪروڙ ماڻهن کي اپيل ٿو ڪيان ته ووٽ توهان جو حق آهي، جنهن کي ڏيو اسان ان جو احترام ڪنداسين، هن چيو ته ملڪ مسئلن جو شڪار آهي، ن ليگ کي ووٽ ڏئي ڪامياب بڻايو، ووٽ ڏيندي اها ڳالهه ذڪر ۾ رکو ته ڪهڙي جماعت ۽ ڪهڙي ليڊر خدمت ڪئي آهي، پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ ڪارڪنن کي گولين ۽ بم حملن سان ڊيڄارڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي، آصفه ڀٽو زرداري ڪارنر ميٽنگ ۽ چونڊ آفيس تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پ پ جي سڄي ملڪ ۾ مقبوليت ڏسي سياسي مخالفن کي پنهنجي شڪست صاف نظر اچي رهي آهي، هن چيو ته پ پ جو چونڊ ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ بدران اهڙا حربا استعمال ڪرڻ حقيقت ۾ شڪست جو اعتراف آهي، سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي چونڊ تڪ اين اي 230 گلشن بونير ۾ ان وقت فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن جيالو اميدوار ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪري رهيو هو، هن چيو ته پي پي 162 جي چونڊ آفيس کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻي حرڪت آهي، لاهور پوليس فوري طور ايڪشن وٺي، استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين چيو آهي ته ماڻهن کي ڪچهري ٿاڻي جي سياست مان ڇوٽڪارو ڏياريندس، ظلم ۽ ڏاڍ ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين، لوڌران ۾ جلسي کي خطاب ڪندي جهانگير ترين چيو ته مون کي رڳو عوام جي خدمت جو شوق آهي، ڏکڻ پنجاب کي مثالي بڻائينداسين، هن چيو ته ملڪ مضبوطي سان هلندو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿيندو، ايماندار ماڻهو مٿي ويندا ته معيشت ٺيڪ ٿيندي، معيشت مضبوط ٿيندي ته پاڪستان ترقي ڪندو، اسان جو منشور عوام دوست آهي، قومي عوامي تحريڪ جو وفد اشرف پليجو ۽ رينت سمون جي اڳواڻي ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي آفيس علمدار چوڪ حيدرآباد پهتو، عوامي جمهوري پارٽي طرفان نظير قريشي، نور نبي راهوجو ۽ ڪليم ملڪ موجود هيا. عوامي جمهوري پارٽي چونڊن ۾ اياز لطيف پليجو جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو، انموقعيتيعواميجمهوريپارٽيجياڳواڻنچيوتهپپسنڌجيزمينن۽قدرتيوسيلنکيمالغنيمتسمجهي وڪڻي ڇڏيو آهي. ملڪ وڏي بحران مان گذري پيو، ڪرپٽ حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري عوام ڀوڳي ٿو، عوام مهانگائي بک بدحالي جو شڪار آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جو عوام پ پ مان جان ڇڏائڻ لاءِ عوام دوست روشن خيال ترقي پسند سوچ رکندڙ اميدوارن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ پهچائن. عام چونڊن دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۽ پولنگ اسٽيشن تي ڊيوٽي لاءِ هڪ لک 67 هزار 733 اهلڪارن جي کوٽ سامهون اچي وئي آهي.سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڊيوٽي لاءِ 5 لک 35 هزار 402 سيڪيورٽي اهلڪارن جي ضرورت آهي. پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد جي لاءِ پولنگ ڊي تي 3 لک 67 هزار 669 سيڪيورٽي اهلڪار موجود آهن.اسلام آباد ۾ 4500، پنجاب ۾ 1 لک 30 هزار سيڪيورٽي اهلڪار پولنگ ڊي تي سيڪيورٽي لاءِ دستياب آهن. سنڌ ۾ هڪ لک پنج هزار، ڪي پي ڪي ۾ 89 هزار 959 ۽ بلوچستان ۾ 38 هزار 210 صوبائي سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. چئني صوبن سيڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ بابت وفاقي حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سيڪورٽي اشوز تي اليڪشن پوئتي به ٿي سگهي ٿي. اميد ڪري سگهجي ٿي ته الله ڪجهه پاڪستان جو بلو ڪندو باقي سياستدانن مان اميد نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو