ڇا نواز شريف پنجاب جو ڀٽو ثابت ٿيندو؟ عباس ناصر

ڇا نواز شريف پنجاب جو ڀٽو ثابت ٿيندو؟ عباس ناصر

ماضيءَ ۾ اسلامي جمهوري اتحاد جي نالي سان وجود ۾ ايندڙ سياسي اتحاد جي سربراهه نواز شريف کان ڪافي سال اڳ اهو سوال پڇيو هو ته نومبر 1988ع جي عام چونڊن ۾ بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽيءَ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اُن نئين اتحاد کي جوڙڻ جي پُٺيان ڪٿي آءِ ايس آءِ ۽ ليفٽيننٽ جنرل حميد گل جو هٿ ته ناهي؟ ته اُن سوال جو جواب هُن ڏنو ته ”مان ان سوال جو جواب ڏيڻ ضروري نٿو سمجهان.“

جهاز حادثي جي نتيجي ۾ جنرل ضياءَ الحق ۽ اُن جي ويجهن ساٿين جي موت کان پوءِ چونڊون منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ اُنهن چونڊن کان اڳ جماعت اسلامي جي نائب امير پروفيسر غفور احمد جي ڪراچي ۾ واقع رهائشگاهه ۾ گذريل اُها منجهند مون کي چڱي طرح ياد آهي. جيئن ته اُن وقت نواز شريف جي سڄي سياسي ڪيريئر کي هڪ يا اُن کان وڌيڪ جرنيلن بڻايو هو، اُن جي لاءِ سوال ڪنهن به طرح سان نامعقول نه هو، بلڪه انهن ڏينهن ۾ منظرِ عام تي اچڻ وارين خبرن جي بنياد تي ئي پُڇيو ويو هو. پر پنجاب سان تعلق رکڻ واري نوجوان اڳواڻ کي منهنجو سوال ناگوار گذريو ۽ جواب ڏيندي وقت هُن جا ڳل ڳاڙها ٿيڻ لڳا هُئا.

اها ته اُن وقت جي ڳالهه هُئي، پر اڄ ٽي ڀيرا چونڊجندڙ اڳوڻي وزيراعظم مختلف سنگين مرضن سان جنگ وڙهي رهيو آهي. پوءِ جيتري قدر انتهائي غير مناسب انداز ۾ هُن جو علاج ڪيو پيو وڃي ۽ سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اُن جي پيشِ نظر اهو چوڻ مشڪل آهي ته هُن جي صحت ڪيتري قدر تشويشناڪ آهي.

1980ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ هڪ فوجي سالار پاران جنهن شخص کي سويلين ڀاڱي ڀائيوار ۽ سويلين چهري طور چونڊيو ويو هو، اڄ اُهوئي شخص انهن طاقتن جي لاءِ امتحان بڻيل آهي.

نواز شريف جي ويجهو 40 ورهيه سياسي ڪيريئر ڪيترن ئي مرحلن تي مشتمل آهي. هو ۽ هُن جي گهروارن تي جنرل ضياءَ جا احسان هُئا، ڇو ته هُن سرڪاري تحويل ۾ ورتل اتفاق فائونڊري نالي اسٽيل ۽ فولاد جو ڪارخانو شريف خاندان کي واپس ڪيو هو ۽ نواز شريف کي سياسي ميدان تي لاٿو هو.

1980ع جي سڄي ۽ 1990ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ڪاروبار ڪرڻ واري شريفن خوب دولت گڏ ڪئي. اهو واضح ناهي ته ڪيتري دولت اسٽبلشمينٽ جي پشت پناهي ملڻ جي ڪري حاصل ٿي هُئي، پر پوءِ به تمام گهڻي هُئي ۽ اهوئي اُهو معاملو آهي جيڪو هُن جي موجوده پريشانين جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي. ظاهر آهي ته جڏهن هو اُن سان گڏ بيٺو هو، تڏهن اُنهن جي لاءِ اها ڪا مسئلي جي ڳالهه نه هُئي.

اُهي ماڻهو جيڪي هُنن سان تعاون ڪندا آهن، جنهن نموني گجرات جي چوڌرين ڪيو آهي، اُنهن جي لاءِ اهڙا مسئلا پيدا ناهن ٿيندا. ڪنهن کي پنجاب جو ڪوآپريٽو اسڪينڊل ياد آهي، جنهن ۾ لکين غريب هارين جي سڄي زندگيءَ جي جمع پونجيءَ تي هٿ صاف ڪيا ويا هُئا ۽ اُن جو سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪنهن کي پهتو هو؟ پسنديده ماڻهن کي پلاٽ ۽ پرمٽون، ايس آر اوز ۾ ردوبدل ڪري مناسب وقت تي فائدن جي فراهمي ۽ قومي بينڪن مان قرضن جي فراهمي يا معافيءَ جي ذريعي هڪ طويل عرصي کان سرپرستي ڪئي ويندي رهي آهي.

ان عمل جو بنياد ضياءَ جي غير جماعتي سياست ۾ رکيو ويو هو. (جڏهن مشرف کي نيم سويلين سربراهه بڻجڻ جي خواهش پيدا ٿي، تڏهن مشرف به اهو ڪم ڪيو.) پيپلز پارٽي کي رستي تان هٽائڻ جي لاءِ اسٽبلشمينٽ يا اُن جي نامزد صدر جي حامي سويلين اڳواڻ يعني نواز شريف سان گڏ 1980ع جي ڏهاڪي جي آخر کان وٺي 1999ع تائين ان راند کي جاري رکيو ويو. اُن دوران جڏهن به پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار مليو ته اُن به انتقام وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻن شخصيتن مان ڪڏهن اقتدار هڪ کي ملندو هو ته ڪڏهن ٻئي کي. اهڙي صورت ۾ اُنهن ڏينهن ۾ سياسي انتقام عام ٿي ويو هو.

1997ع جي چونڊن کان پوءِ نواز شريف کي لڳو ته هو پنهنجي زبردست ساک ويهاري چُڪو آهي. تنهن ڪري هُن سڀئي اختيار پنهنجي هٿ ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ کي ’اميرالمومنين‘ قرار ڏئي ڇڏيو. جيئن ته پيپلز پارٽيءَ تي ڪرپشن جي الزامن جون ايتريون ضربون لڳيون هيون جو اُنهن ۾ ميدان ۾ بيهي مقابلو ڪرڻ جي همت ئي نه بچي هُئي. تنهن ڪري نواز شريف جي لاءِ اهو ڪم وڌيڪ آسان ٿي ويو هو.

پر اُن جو اندازو غلط نڪتو ۽ هو جنرل مشرف جي هٿان اقتدار تان هٽايو ويو. نواز شريف کي جيل ۾ بند ڪيو ويو. سزا ٻُڌائي وئي ۽ پوءِ مُلڪ کان ٻاهر موڪليو ويو. نواز شريف جو تعلق مضبوط رشتن ۾ ٻڌل هڪ اهڙي خاندان سان هو، جنهن ۾ آخري فيصلو گهر جو وڏو مرد ئي ڪندو رهندو هو. اهڙي صورت ۾ پنهنجي والد کي وڃائڻ ۽ پوءِ اُن جي آخري رسمن ۾ شريڪ نه ٿي سگهڻ جو هُن کي گهرو صدمو پهتو هو.

ان عرصي ۾ هُن جي سياسي سوچ بالغ ٿيندي نظر آئي ۽ هُن ماضيءَ جي غلطين مان جان ڇڏائڻ جي لاءِ بينظير ڀٽو سان گڏ ميثاق جمهوريت تي صحيح ڪئي. 2007ع ۾ بينظير ڀٽو جو قتل ٿيو ته هُن ترت راولپنڊي جي اسپتال جو رُخ ڪيو، جتي پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ کي تشويشناڪ حالت ۾ آندو ويو هو. 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن ۾ هڪ ٻئي جي روايتي حريفن ۽ سخت مخالف نواز شريف ڊسمبر جي اُن سرد شام جو پيپلز پارٽيءَ جي جيالن سان گڏ غم ملهائي رهيو هو ۽ دلاسو ڏئي رهيو هو. بي رنگ چهري سان گڏ هو غم ۾ ٻُڏل نظر آيو. ڪيترن جيالن هُن کي سهارو ڏنو ۽ هُن جي ڪُلهي تي ڪنڌ رکي روئي پيا.

جڏهن 1999ع ۾ هُن جو اقتدار ختم ٿيو ته سندس ڪوشش هُئي ته هو سمورا اختيار پاڻ وٽ رکي ۽ سياسي مخالفن کي ڀرپور سبق سيکاري پر جڏهن هو 2013ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم بڻيو ته هو بلڪل هڪ نئين شخصيت جو مالڪ نظر آيو. هُن ڪا رڪاوٽ وجهڻ سواءِ خيبرپختونخوا جي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حوالي ڪري ڇڏي، جنهن اُتي وڏي اڪثريت سان گڏ ڪاميابي حاصل ڪئي هُئي. حالانڪه اُتي هُو پنهنجي پارٽي مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين پارٽين سان گڏجي هڪ گڏيل حڪومت جوڙي سگهيو ٿو. اهڙي نموني هُن پيپلز پارٽيءَ جيان ميڊيا کي جمهوري معاشرن جي تقاضائن مطابق آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ ڏنو.

پر پيپلز پارٽي پاران قومي اداري احتساب جي وسيع ۽ بي تحاشا اختيارن کي گهٽ ڪرڻ متعلق پيش ڪيل تجويز کي ٺڪرائڻ کان پوءِ هُن جي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي سر تي مسلسل خطري جا پاڇا لامارا ڏيڻ لڳا. ٺيڪ اهڙي نموني هُن جي پارٽيءَ جا ٻيا سياستدان ۽ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ به مسلسل خوف هيٺ رهڻ لڳا.

پر اُن جي باوجود به اهو گمان ڪرڻ ٻاراڻي حرڪت هوندي ته ٻِيا طريقا اپوزيشن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ نه هُئا. هڪ سياستدان هو، يا پوءِ ٽي ڀيرا يا اُن کان وڌيڪ ڀيرا وزيراعظم رهي چُڪو هو يا پوءِ صدر هو، جيڪڏهن هو حقيقي طاقتن جي خلاف هڪ قدم به کڻي ها ته پوءِ هُن وٽ ڳڻپ جا ڏينهن رهجي وڃن ها.

اهو مڃڻ به ٻاراڻي حرڪت هوندو ته هڪ تجربيڪار سويلين سياستدان کي فطري جبلت ۽ دور انديشيءَ جي معاملي ۾ انهن ئي سياسي صفتن جون خواهشمند قوتون ڍير ڪري سگهن ٿيون. آڪٽوبر 2016ع تي مُلڪ کي درپيش خطرن سبب نواز شريف، آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ چيف کي گهرايو ۽ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شدت پسند گروهن جي مُلڪي تعاون جي باعث دنيا ۾ وڌندڙ تنهائي تي پرڏيهي آفيس جي ماهرن بريفنگ ڏني. وزيراعظم اُتي موجود آفيسرن کي هدايت ڏني ته ان صورتحال کي ترجيحي بنيادن تي مُنهن ڏنو وڃي، پر جيئن ئي اها خبر خابرو ادارن ذريعي منظرِ عام تي آئي ته جهڙوڪ قيامت برپا ٿي وئي.

ناراض اسٽبلشمينٽ اُن کي پنهنجي توهين سمجهيو. اُن کان پوءِ ڇا ٿيو، اُن جو سڄو ريڪارڊ موجود آهي، پر ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽنگ جي تلوار مٿان لٽڪي رهي آهي، اُن جي باوجود به ڪو اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته هُن جيڪو سمجهيو غلط سمجهيو هو.

هڪ شخص جنهن سويلين بالادستي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي، اُهو اڄ زندگيءَ جي مشڪل جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ هُن جو مڪمل طور تي صحتياب ٿيڻ ڪافي مشڪل نظر اچي ٿو. اسان بس اُن جي مڪمل صحت ۽ تندرستي جي دُعا ڪري سگهون ٿا. پر اُن سان گڏ پوري اُميد به آهي ته حڪمرانن کي جلد اهو احساس ٿي ويندو ته هُنن پنجاب کي پنهنجو ڀُٽو ڏئي ڇڏيو آهي.(ڊان جي ٿورن سان، عباس ناصر سينئر صحافي آهي، هو بي بي سي ورلڊ سروس جو ايڊيٽر ۽ ڊان گروپ جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي)

پهنجو تبصرو موڪليو