عبدالقادر گبول
اگر اسين هڪ سرسري نظر صحافين تي وجهون ٿا ته اسان کي خبر پوندي ته صحافين جو ڪم منظر عام تي آڻڻ آهي. عوام جي ڏکن, دردن, خوشين, نا انصافين, غير قانوني ڪمن, هر اڇي, ڪاري ۽ لڪل عملن توڙي رازن کي.( سڀني جي سامهون آڻڻ آهي ). جيڪا هنن جي هڪ پروفيشنل ذميواري به هوندي آهي. اگر اسين لفظ صحافي تي نظر وجهنداسين ته اسان کي خبر پوي ٿي ته (ڪنهن سينئر صحافي هڪ تقرير ۾ به چيو ته) لفظ صحافي صحيفي مان ورتو ويو آهي جنهن جي مطلب يا معني خبر وَڃي بيهي ٿي. صحافي جيڪي حق سچ کي عوام جي سامهون آڻن ٿا ۽ اُنھن کي آڻڻ به کپي ڇو جو حق سچ کي سامھون آڻڻ شريعت يا ڪنهن به مذهب ۾ گناھہ جو ڪم نه آهي. هاڻي سوال اهو ٿو اٿي ته ڪهڙا ماڻهو, فرد يا ٽولا آهن جيڪي حق سچ کي منظر عام تي آڻڻ جي مخالفت ڪن ٿا. ظاهري ڳالهه آهي ته حقيت يا ڪنهن ڪُڌي عمل جي منظر عام تي اچڻ جي مخالفت اُهي ئي ماڻهو ڪندا جيڪي ڪُڌي ڪم ۾ مُلوس هوندا آهن. هي شهيد صحافي جن کي سينن ۾ گوليون لڳِن ٿا اُنھن جي ڪا ذاتي دشمني هوندي آهي ڇا ؟ اُنھن صحافين کي حق سچ کي منظر عام تي آڻڻ جي سزا ڏني ويندي آهي. اوھان ڪنھن بہ ضلعي جي صحافين جي تاريخ ڏسندا ته اوھان کي حق سچ کي ظاھر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد صحافين جي طويل لسٽ ملي ويندي. اهڙي لسٽ خيرپور ۾ ٿيندڙ خيرپور صحافي اتحاد طرفان آل سنڌ ورڪنگ جرنلسٽ ڪنوينشن ۾ ڏيکاري به وئي هئي. جيڪا اسان جي اندازي کان مٿي هئي. پاڪستان ليول تي اگر ان ڳالهه کي ڏٺو وَڃي ته حامد مير کي به ڪراچي ۾ گوليون لڳيون هيون. پابنديون به اُن تي مڙهيو ويون هيون. ارشد شريف کان ويندي سنڌ جي شهيد صحافين عزيز ميمڻ, اصغر کنڊ, جان محمد مهر, اجي ڪمار لعلواڻي کان ويندي نصرالله گڏاڻي تائين صحافين جي شهادتن جو سلسو رڪجي نه سگهيو آهي. ۽ صحافين جي شهادتن جو سلسو ڪٿي وَڃي دنگ ڪندو انجو ته هينئر اندازو به نٿو ڪري سگهجي. ڇو جو مٿي بيان ڪيل سنڌ جي شهيد صحافين جي قاتلن کي سزا نه ملي سگهي آهي. ۽ اڪثر ته قاتل به قانون جي گرفت کان آزاد آهن. واضع رهي ته قاتل وري هميشه جيان ساڳي تاريخ کي ورجائن ٿا. جيئن جان محمد مهر کي رستي ويندي گوليون لڳيون آهن ائين ئي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي به رستي و يندي گوليون لڳيون آهن. هي سنڌ ڌرتي صحافين لاءِ ترامي مثل آهي.
ڪجھ ڏينھن اڳ سلطان ڪوٽ شهر جي رپورٽر اسرار چانڊيو کي ڏه ڪلو چرس سميت ڪجهه الزام هڻي بلوچستان پوليس جي حوالي ڪيو ويو هو. صحافين, ساڃاوندن, ليکڪن ۽ توهان اسان جهڙن جي وٺ وٺان ڪرڻ بعد, حقيقت کُلي سڀني جي سامهون آئي. توهان ۽ اسان جي سوڀ ٿي. صحافي اسرار چانڊيو کي بيڏوهي قرار ڏئي آزاد ڪيو ويو. اسان چئون ٿا ته ايترو به ڪافي نه آهي اُن اسرار واري معاملي جي شفاف انڪوائري ٿيڻ کپي ها, ۽ اُن ۾ خاص ڪري اهو ظاهر ڪيو وڃي ها ته اتان جي پوليس جي ڪهڙن عملدارن يا بالا آفيسرن ڪنهن ڀوتار يا وڏيري جي وٺا گيري ڪندي توهان اسان جي صحافي ڀاءَ کي بلوچستان پوليس جي حوالي ڪيو ويو هو؟ اگر اُنھن پوليس وارن ۽ اتان جي تر جي وڏيرن خلاف قانوني ڪارروائي ٿئي ها ۽ انهن کي ڪورٽ ڪچهرين ۾ آڻي جوابدار قرار ڏنو وڃي ها تڏھن اسان چئي سگهون ها ته اها توهان اسان جي گڏيل شعور جي فتح آهي. هي پوليس وارا ۽ ڀوتار جيڪا ڳٺ جوڙ ڪري حق سچ لکندڙن سان جيڪا حالت ڪن ٿا ان جو مثال اوھان کي دنيا ۾ ڪٿي به نه ملندو. اُن جو مثال ڪجھ هن ريت آهي ته صدام لاشاري جيڪو صحافي به نه هو, هو ته اڃان ٻالڪپڻ واري زندگي گذاري رهيو هو. جڏهن هن علائقي جي ڪنهن فرد جي ڪردارن خلاف سوشل ميڊيا تي لکيو ۽ لائيو آيو ته اُن جي نتيجي ۾ ان صدام لاشاري کي, سرڪاري عملدارن جي هٿان, سرڪاري پوليس واري گاڏي استمال ڪرائي, سرڪاري بندوق ۽ گوليون هلائي ويچاري جي زندگي کسي وئي. جيڪا ڳالهه اڳتي هلي ڪورٽن ۾ به ثابت ٿي ته هن بيڏوهي کي پوليس وارن هٿان ناحق مارايو ويو آهي.
شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي هر مسئلي کي پنهنجو ڪري ڏسندو هو. پوليس وارن جي حقن لاءِ به ڳالهائيندو هو, گذريل دفعي جڏهن هاڻوڪو آئي جي غلام نبي ميمڻ گهوٽڪي جو دؤرو ڪيو ته اتي نصرالله گڏاڻي آئي جي کي چوي پيو ته هي جيڪي پوليس جا سپاهي 25-25 سالن کان سپاهي ئي آهن, انهن جي پروموشن ڪڏهن ٿيندي؟ آخر ڪهڙا سبب آهن جو 25 سالن کان اُهي ڪانسٽيبل ئي رهيا. شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي FFC آفيس ميرپور ماٿيلو جي مين گيٽ سامهون ٻہ دفعا ڪامياب ڌرڻا به هنيا هئائين. ۽ بعد ۾ FFC انتظاميا خلاف تحريڪ هلائڻ جو به اعلان ڪيو ھئائين. هن جو موقف هو ته سنڌ جي بيروزگار ڊگري هولڊرز ۽ مزدورن کي FFC ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن. آيا ڪهڙي قانون تحت FFC انتظاميا پنجاب جي ماڻھن کي نوڪرين تي رکيو ويٺي آهي.
اسان ميرپور ماٿيلو واسين سان گڏ سموري سنڌ وساري ته انهن ڏينهن کي به نه سگهندي جڏهن نصرالله گڏاڻي سردي, گرمي, بارشن وغيره جي خطرن کي سر تي کڻي رتڪ ڪمار جي بازيابي لاءِ ڏينھن رات ڪيمپ قائم ڪري SSP آفيس گهوٽڪي جي سامهون ويهي رهيو هو. هتي اسان جي ضلعي گهوٽڪي ۾ ڪا به ننڍي يا وڏي غير قانوني عمل ھجي اتي يا ته هو پهچي ويندو هو. اگر جي نه ته هن جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو ويندو هو. پوءِ چاهي ٻيلي جي زمين تي غير قانوني قبضو ھجي يا وري ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي ٻاهريان کان ڪڻڪ گهرائڻ وارو عمل, هو هميشه ڪئميرا جي اک ۾ اُن کي محفوظ ڪندو هو. اگر جي ٿاڻي جو ڪو به سپاهي يا ٻيو ڪو اسان کان ڪي پئسا گھرندو هو ته اسان ۽ توهان جهڙن جو اهو ئي چوڻ هوندو هو ته اري پئسا ٿو گھرين چوان ڇا نصرالله گڏاڻي کي. هاڻي ته هر عيد تي ھلندڙ ڳڙهي چاڪر ۾ سر عام جوا تي به ڪوئي لائيو آيو هوندو الائي نه. هون اِها اُميد هئي ته ڪنهن نه ڪنهن عيد تي هو لائيو ضرور ايندو. اسان جا اميد بس اميد ئي رهجي ويا, هاڻي هتي ڪو به صحافي اُن جي کوٽ کي پورو نه ڪري سگهندو. هن عيد جي ڏينهن تي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ياد کي الائي گهڻن ماڻهن شدت سان محسوس ڪئي, اهو ائين جو الائي ڪيترن ماڻهن عيد واري ڏينهن تي هن جي آخري آرام گاهه جي حاضري ڀري. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هو هڪ دلير, بهادر ۽ بيباڪ صحافي هو. اڇي توڙي ڪُڌي ڪم جي ڪوريج لاءِ سڀني صحافين کان اڳتي اڳتي نظر ايندو هو. هاڻي پوليس موجب ته هن جا قاتل ريمانڊ تي آهن. سوال اهو آهي ته شهيد صحافي جي قاتلن کي قانون موجب سزا ملي به سگهندي الائي نه. مان هن اخبار جي تسلسل سان سنڌ واسين کي آگاهه ڪرڻ ٿو چاهيان ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي پنهنجي شهادت کان ٽي ڏينهن پهريان وڪيلن جي حمايت ۾ ميرپور ماٿيلو ٿاڻي اڳيان اچي ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڪيلن سان ويٺو هو. ميرپور ماٿيلو جا علائقي واسي لکن ٿا ته وڪيلن مان ڪجهه وڪيل ڌرڻي ۾ اچن پيا ته وري ڪجهه هليا پيا وڃن. پر هو(شهيد نصرالله) ڌرڻي جي آخر تائين اسان کي ڌرڻي گاهه يعني ٿاڻي جي اڳيان وڪيلن جي حمايت ۾ اُنھن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل نظر آيو. هاڻي اُن شهيد صحافي جي روح کي ڪيڏي نه تڪليف پهتي هوندي جن وڪيلن جي حمايت ۾ هو ويٺو هو, اڄ اُهي ئي وڪيل بلڪي اُنھن ئي وڪيلن جا چونڊيل عهديدار شهيد صحافي جي خون کي لوڙهڻ لاءِ سرگرم ٿيون ويٺا آهن. . .او سنڌ واسيو اهڙن قسمن جي وڪيلن کي اوھان نظر ۾ رکي ڇڏيو. هي اُهي ئي ساڳيا وڪيل آهن, جن معصوم شهيد فاطمه ڦرڙو جي ڪيس جو سودو ڪجھ ٽڪن عيوض ڪيو هو. جنهن کي سواءِ ناڪامي ۽ رسوائي جي ڪجهه به حاصل نه ٿيو هو. اميد ته اهو وڪيل شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ به قاتلن جي حمايت ۾ ناڪام ويندو. ۽ هڪدفو ٻيهر رسوائي جو سامنو ڪندو. ڇو جو اهڙن قسمن جو خبرون ٻڌي اسين عام ماڻهو جو جي به جُھري پوندي آهي ڇو جو اڃا شهيد صحافي جي قبر جي مٽي به ڪونه سڪي آهي ته وڪيلن جا اڳواڻ حضرات ڪجھ ڪاغذ جي نوٽن عيوض شهيد جي قاتلن جي حمايت ڪن ٿا.
اسان جو ته هن اخبار جي پليٽ فارم تان اهو ئي مطالبو آهي ته ورڪنگ جرنلسٽ نصرالله گڏاڻي کي جن شهيد ڪرايو اُنھن اصل قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. هي ڪرائي جي بندوق هلائيندڙن کي گرفتار ڪري قاتل ٺهرائي اصل جلادن کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. پوليس کي معاملي جي تهه تائين وَڃَڻَ گهرجي. قتل ڪيس جي انڪوائريز ۾ قتل جي سببن کي سامهون رکيو ويندو آهي. ائين ئي هن قتل جا به پيرا کنيا وڃن. جيڪي قاتل نصرالله جي قتل الزام هيٺ ريمانڊ تحت پوليس حوالي آهن اُنھن آخر ڪهڙن سببن جي ڪري خون ڪيو آهي. انھن قاتلن جا شهيد صحافي سان ڪهڙا اختلاف هئا. يا وري نصرالله جي شهادت کان پوءِ اُنھن ڪرائي جي قاتلن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو. ڪورٽن ۾ ته اُنھن کي به آڻڻ کپي جن نصرالله جي شهادت جو پلان ٺاهيو, حڪم هلايو يا جن جن ماڻھن کي نصرالله جي شهادت سان ٿورو يا گهڻو فائدو رسيو آهي يا وري جيڪي سڌي يا اڻسڌي طرح قتل ۾ ملوث آهن انهن سڀني کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي قتل بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي. اسين سنڌ واسي شهيد نصرالله جي قاتلن, سهولتڪارن ۽ قتل جو پلان يا منصوبو جوڙيندڙن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيون ٿا. ڪنھن شاعر نصرالله جهڙن ڪردارن لاءِ چيو آهي ته
سچن جي سرڪش اڏول ڇاتي
جهڪي نه سگهندي جُھري سگهي ٿي
۽ ابراهيم منشي به هي شاعري ڄڻ نصرالله لاءِ ڪئي آهي
صبح ۽ سانجهي پيئندي ڪانجهي منشي مور نه وڪيا مانجهي,
ماکي ۽ مصري کان به مٺا مون اهڙا کي انسان ڏٺا مون,
قول عزم تي قائم رهندي گهوٽ قبولي هليا گهاڻو










