ڇا سائنس مذھب جي مخالف آھي؟

ڇا سائنس مذھب جي مخالف آھي؟

طفيل مگسي
هتي سڀ کان اولين سوال اهو آھي ته ڇا سائنسي سوچ الحاد ڏانهن وٺي وڃي ٿي؟
۽ اهي ڪنهن به سوسائٽي جي لاء نهايت ئي اهم.سوال آھن.دنيا ۾ قائم ڪافي معاشرن جا قدر مذھبن تي قائم رهيا آھن ۽ اڄ به ائين ئي آھي.
انهن سوالن ۾ اها سوچ لڪل آھي ته ڪنهن معاشري ۾ سائنس ۽ مذھب هڪجهڙا يا گڏ نٿا رهي سگهن.بلڪ اهو سمجهيو ويندو آھي\ وڃي ٿو ته هڪ اهڙو معاشرو جتي سائنسي سوچ چٽي هجي اتي مذھب جي گنجائش ناهي.داڳئيء ريت هڪ مذھبي معاشري ۾ سائنسي سوچ جو واڌارو ممڪن ناهي.
منهنجي خيال ۾ ته اهي ٻئي ڳالهيون درست ناهن.ڇاڪاڻ ته سائنس مذھب جي مخالف ناهي بلڪ حقيقت اها آھي ته سائنس ۽ مذھب جا دائرا بلڪل مختلف آھن.جهڙي ريت سائنس جو تعلق انساني جذبن سان ناهي.ساڳئيء ريت ان جو تعلق انساني عقيدن سان به بلڪل ناهي.هن سائنسي دور ۾ به ڪافي اهڙيون قومون آھن.جتي ماڻھن جي اڪثريت پنهنجي ذاتي زندگي ۾ مذھب جي پيروڪار آھي.يعني سائنسي علمن ۾ ترقي جي رستي تي راهي آھن.
ڪافي عظيم سائنسدان مذھبي عقيدن تي يقين ڪري رهيا آھن.ليڪن هنن مذھبي عقيدن کي پنهنجي سائنسي تحقيق کان الڳ رکيو آھي.جديد سائنس جي باني ڪوپرنيڪس ۽ گليليو کي پنهنجي فڪرن جي ۾ چرچ جي طرف کان ڪافي مخالفت جو منهن ڏسڻو پيو.گليليو کي ته موت جي سزا جو به سامهون هو ۽ ھن کي معافي گهري ڪري پنهنجي زندگي بچائڻي پئي.ليڪن هن کي پنهنجن عقيدن جي قرباني ڏيڻي نه پئي.انهن پاڻ کي ملحد هئڻ جي دعوي نه ڪئي.باوجود ان جي ته اهي سائنسي سوچ تي يقين رکندا هئا.انساني تاريخ جي عظيم ترين سائنسدان آئزڪ نيوٽن ڪشش ثقل ۽ چرپر جا قانون ڪيا.ليڪن انهن جو خدا تي يقين هو.انهن جي مطابق سج.سيارن ۽ ڪومٽس (دم دار تارن) جو اهو خوبصورت نظام صرف هڪ ذھين هستي جي مشوري ۽ تسلط کان اڳتي وڌي سگهي ٿو.اها هستي سمورين شين تي حڪمراني ڪري ٿي.دنيا جي روح جي طور تي نه بلڪ سڀني تي رب جي طور تي ۽ ھن جي اقتدار جي سبب کان هن کي“خدا سڏيو وڃي ٿو“سپريم ابدي خدا.لامحدود ۽ بلڪل ڪامل آھي.
مون کي پاڻ ويهين ۽ ايڪويهين صديء جي ڪيترن ئي سائنسدانن سان گڏ رهڻ جو موقعو نصيب ٿيو.جنهن منجهان اڪثر جو يقين خدا تي رهيو آھي.ليڪن انهن سڀني ۾ هڪ قدر گڏيل هو رعني اهي سائنسي سوچ جا مالڪ هئا.جنهن جي مطابق اهي هن ڳاله تي يقين رکندا هئا ته هن ڪائنات ۾ ٿيڻ واري هر واقعي جو ڌيان سائنسي قانونن جي وسيلي ٿيڻ گهرجي.اهو سمجهڻ جي لاء ته ڇا سائنس ۽ مذھب ڪنهن معاشري جي اندر گڏ رهي سگهن ٿا.سائنس ۽ مذھب جي نموني کي مڪمل ريت سمجهڻو پوندو.جيڪڏھن اها اميد ڪئي وڃي ٿي ته سائنس مذھبي عقيدن جي وضاحت ۽ سبب پيش ڪندي ته جهڳڙن جو پيدا ٿيڻ فطري آھي.
انهيء ريت مسئلا تڏھن به پيدا ٿين ٿا.جڏھن اهو تصور ڪيو وڃي ته مذھب فطرت جي قانونن کي دريافت ڪرڻ ۽ انهن جي وضاحت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.فطرت جي قانونن جي دريافت سائنس جي دائري ۾ اچي ٿي۽ ان جو مذھب سان ڪو تعلق ناهي
سائنس ۽ سائنسي سوچ.چا آھي؟اهو ته گذريل مضمونن جو موضوع رهيو آھي.سائنس جي باري ۾َمسلم.معاشرن ۾َ تمام.غلط تاثر قائم آھن.جن کي درست ڪرڻ نهايت ضروري آھي.
سائنسي سوچ جو بنياد هن ڳاله تي آھي ته ڪائنات ڪجه آفاقي قانونن تي هلي رهي آھي ۽ سائنس جو رول مشاهدن جي روشني ۾ انهن قانونن کي سمجهڻ ۽ دريافت ڪرڻ آھي.اهي اهڙا قانون آھن.جن جي بنياد تي ڌيان ڏيڻ ضروري آھي.
هينئر ٿورو مذھب ۽ سائنس جي تعلق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
انسان شروع کان هن تعجب ۾ مبتلا رهيو آھي ته هن جي آس پاس موجود هن ڪائنات جي حقيقت ڇا آھي؟ ۽ ھن ڪائنات ۾ هن جو مقام ڇا آھي؟هو ڪير آھي ۽ ھن زمين تي ڇو موجود آھي؟ڇا هن جي زندگي جو انجام.موت آھي يا ان کان به اڳتي هڪ جي زندگي آھي؟هن جي زندگي جو وجود ڇا آھي؟ ۽ اهي اهڙا اهم ترين سوال آھن ته اهو دڀ ڪجه ڪنهن جي اشاري تي ٿي رهيو آھي؟جيئن ته مون گذريل مضمونن ۾ ذڪر ڪيو.اٽڪل سمورن مذھبن جو بنياد خدا جي تصور تي آھي.انهن مذھبن جي ويجهو اهو خدائي ئي آھي.جنهن هن ڪائنات ۽ ھن ڪائنات ۾ موجود هر شيء کي پددا ڪيو آھي۽ اهوئي ئي آھي جنهن انسان کي نه صرف زندگي ڏني آھي بلڪ پنهنجن عملن جو ذميوار به بڻايو آھي.ليڪن ان خدا جو نمونو مختلف مذھبن ۾َمختلف آھي.ايستائين ته ڪنهن هڪ مذھب جي مختلف فردن ۽ فلسفين جي مطابق خدا جو تصور هڪ ٻئي کان تمام مختلف آھي.مثال جي طور تي اسلامي روايتن ۾ ڪٿي ته هو ستين آدمان جي مٿان عرش ٿي ويٺو آھي ۽ ڪٿي هو انسان جي مرڪزي رڳ جي ويجهو آھي.ڪٿي ته انسان جي مامرن ۾ خدا جو ڪو رول ناهي ۽ ڪٿي هو دنيا ۾ تيڻ واري هر عمل کي ڪنٽرول ڪري ٿو.
ڪٿي ته انسان خدا جي مخلوق آھي.جنهن جي هڪ آزاداڻي حيثيت آھي۽ ڪٿي خدا جي وجود کانسواء ڪجه به ناهي.
ڪير درست آھي؟ان جو فيصلو ڪير ڪندو؟اهي نهايت ئي اهم.سوال آھن جن تي مذھب جي عمارت قائم آھي.جو جواب ڪنهن وٽ به ناهي.اهي سوال مابعدالطبيعات جي حصي ۾ اچن ٿا.انهن ۽ انهن تي مشتمل مذھب جي عمارت جو سائنس سان ڪو ناهي.
ان کان اها ڳاله چٽي ٿي وڃي ٿي ته مذھب جو سائنس سان ڪو تعلق ناهي.ان صورتحال ۾ مذھب جو رول ذاتي عقيدن تائين مۡحدود ٿي وڃي ٿو.اهي عقيدا مصيبتن سان ڀريل هن دنيا ۾ مپجود معاشرن کي نه صرف زندگي گذارڻ جو سليقو سيکارين ٿا بلڪ ٻين انسانن ۽ معاشرن سان ميل ميلاپ جي ادب کان به ڄاڻ ڏين ٿا.مذھب کي انسان جو ذاتي مسئلو.سمجهي ڪري شخصي سطح تي ئي رهڻ ڏنو وڃي ۽ مذھب ۾ جيڪا تعميري سوچ جي دانائي کي اپنايو وڃي ته ڪو حرج ناهي.مثلا مذھب هڪ اهڙو معاشرو قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.جنهن جو بنياد برابري تي هجي.جتي ڪمزور طبقي جو خيال رکيو وڃي.عدل ۽ انصاف قائم ڪيو وڃي ۽ شخصي آزادي سميت انساني حقن جي پاسداري هجي.
ليڪن جيئن ئي مذھبي عقيدا گڏيل زندگي ۾ داخل ٿيڻ لڳن ٿا.مسئلا پيدا ٿيڻ لڳن ٿا.تعليمي.سياسي ۽ اقتصادي نظام ۾ مذھب جو رول تباه ڪندڙ ثابت ٿيئي ٿو.
هتي مان صرف سائنس ۽ سائنسي تعليمي مذھب جي اثرن تي ڳاله ڪريان ٿو.
جيڪڏھن اهو تسليم ڪيو وڃي ته سائنس مذھب جي آھي ۽ مذھبي عقيدن کي انهن قانونن تي برتري حاصل آھي.جيڪي سائنسدانن سائنسي سوچ جي تحت دريافت ڪيا آھن.ته اها جهالت جي نشاني تصور ٿيندي.جيئن ته مٿي بيان ڪيو ويو آھي.مذھبي عقيدن جو بنياد ايمان تي آھي ۽ ڪو اهڙو وسيلو ناهي جنهن کان انهن عقيدن ۾ تبديلي آندي وڃي.جڏھن ته سائنس جو بنياد صرف ۽ صرف عقلي دليلن تي آھي.۽ ان جو مقصد مشاهدن کي آفاقي قانونن ۾ پرکڻ آھي.
ان کي مان هڪ مثال سان چٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.چند مذھبن ۾ اهو تسليم.ڪيو وڃي ٿو ته هن دنيا جي عمر ڏھن هزارن سالن کان به گهٽ آھي ۽ ھن کي خدا ستن ڏينهن ۾ جوڙيو.هينئر اهڙا فوسل مليا آھن.جيڪي اربين سال پراڻا آھن ۽ اهڙا انساني ڍانچا مليا آھن.جيڪي لکين سال پراڻا آھن.ليڪن اهي شاهديون ۽ ان سان لاڳاپيل عقلي دليل مذھبي بنيادن ۾ ٿورو به ڏار پجهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا.ٿيو ائين آھي ته مذھبي اڳواڻ جيڪي عام کان سائنسي سوچ کان اڻواقف آھن.انهن پنهنجن عقيدن کي رٻڙ جيان ڇڪي ڪري شاهدين سان زوري ڳنڍڻ جي ٺٺول واري ڪوشش ڪئي آھي.
ٻئي پاسي جيئن ته مون اڳ ذڪر ڪيو هو ته جڏھن آئن اسٽائن جي نظرينانهن شاهدين جو ڌيان ڇڪرايو ته جن جي وضاحت نيوٽن جا دريافت ڪيل قانون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا هئا.ته سائنسدانن جڪ پل جي دير ڪرڻ بنا آئن اسٽائن جي نظرين کي اپنائي ورتو ۽ نيوٽن جي پيش ڪيل ٻن سو سالن وارن پراڻن قانونن کي رد ڪري ڇڏيو.هن ڳاله جو ڪجه ڪجه امڪان آھي ته ايندڙ سالن ۾َاونداهو مادو ۽ اونداهي توانائي کي ڪاميابي ڏيڻ جي لاء آئن اسٽائن جي نظرين کي رد ڪرڻو پوي.جيڪڏھن ائين ٿيو ته سائنسدانن جي طرف کان نوان نظريا قبول ڪرڻ ۾ ڪنهن گهٻراهٽ جو مظاهرو نه ڪرڻو پوندو.ڇاڪاڻ ته اهو سائنسي سوچ جو حسن آھي.ان سموري بحث کان اها ڳاله چٽي ٿي وڃي ٿي ته سائنس ۽ مذھب جا بلڪل مختلف دائرا آھن.جيڪڏھن مذھب کي صرف ذاتي زندگي تائين محدود رکيو وڃي جيڪو مذھبن جو اصل روح ھو ته ڪو مسئلو ناهي.مذھب ۽ ان جي بانين ڪڏھن اها دعوي ناهي ڪئي ته مذھبي صحيفا ڪائنات ۾ ٿيڻ واري هر واقعي جو سائنسي ڌيان ڇڪائي سگهن ٿا.ليڪ نايڪويهين صدي ۾َ اسلامي معاشرن ۾َ اها سوچ وڌي ويجهي رهي آھي ته مذھبي صحيفن کي ته سموري علم بشمول سائنس جي وضاحت ڪرڻ جي قابل آھي.
اها هڪ جاهلاڻي ۽ خطرناڪ سوچ آھي.جنهن اسلامي معاشرن کي رجعت پسندي ۽ بي آرامي جي نشاني بڻائي ڇڏيو آھي.
روح ڇا آھي؟ڇا پيدائش کان اڳ اسان جي روح جو ڪو وجود هو؟
موت جي حقيقيت ڇا آھي؟ڇا موت کانپوء ڪا ابدي زندگي آھي؟جنهن جي پرچار هر مذھب ڪري ٿو يا اسان به ڪنهن گل جيان زندگي ڪجه وقت گهاري ڪري ختم ٿي وينداسين.سدائين جي لاءَ
اسان ته اهو به نٿا ڄاڻون ته خواب جي حقيقت ڇا آھي؟
اسان اهو به نٿا ڄاڻون ته زندگي جي شروعات ڪيئن ٿي؟ هڪ وقت هوندو.جڏھن زندگي جو وجود نه هو ۽ پوء ائين ڪيئن ٿيو ته هڪدم زندگي وجود ۾ اچي وئي.
جيڪڏھن سوچيو وڃي ته اها هڪ تمام وڏي ڳجهارت آھي ته انسان ۽ ھر جاندار انهيء قسم جي ايٽم ۽ ماليڪيولز سان ٺھيا آھيون جيئن ڪاٺ کان ڪرسي.ميز ۽ ٻيون غير جاندار شيون ٺھيون آھن.ليڪن اسان ۾ زندگي جي موجود آھي.اسان سوچي سگهون ٿا ۽ پنهنجي لاء فيصلا ڪري سگهون ٿا.
منهنجي ويجهو مذھب ۽ ملحد هڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن.هڪ ملحد به پنهنجي عقيدي تي انهيء ريت قائم هوندو آھي.جهڙي ريت هڪ مذھبي ماڻهو کي يقين آھي ته هي ڪائنات پاڻهي پاڻ وجود ۾ اچي وئي.ليڪن ان وٽ هن ڳاله جو ڪو ثبوت ناهي.بلڪل انهيء ريت جئين هڪ مذھبي شخص اهو ثابت ڪرڻ کان لاچار آھي ته ڪائنات کي وجود ۾ آڻڻ وارو خدا آھي.
اسان جي نهايت ئي جديد علمن سان ٽمٽار هئڻ جي باوجود اصل حقيقت جي منزل کان گھڻو پري آھيون.اسان جي سوچ جو تصور نهايت محدود آھي.خدا کي اسان جي محدود سوچ ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي.اسان خدا جي هئڻ يا نه هئڻ جو فيصلو ڪيئن ڪري سگهون ٿا.جڏھن ته اسان کي اهو به پتو ناهي ته اسان ڪٿان کان آياسين؟ ۽ ڪيڏانهن هليا وينداسين.اسان جي شروعات ڪٿان کان ٿي ۽ ڪيڏانهن هليا وينداسين ۽ اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آھي.
مختصر اهو ته خدا ۽ ان جي وجود کان متعلق سوال اسان جي سوچ جي اڏام يا حدبندي تي اچي ختم ٿي وڃن ٿا.اسان ڪيترا به عالم و فاضل ڇو نه ٿي وڃون .هتي لاجواب ٿي وڃون ٿا.۽ ان مامري ۾ ڏنل هر جواب ڪيترن ئي جوابن جي سمنڊ ۾ ھڪ ڦڙي کانسواء ڪجه به نه ٿيندو.
انهن حقيقتن جي روشني ۾ خدا موجود آھي يا نه.هڪ بي معني سوال بڻجي وڃي ٿو.ڪو اهڙو دليل موجود ناهي.جنهن جي بنياد تي خدا جي موجودگي يا غير موجودگي ثابت ڪري سگهجي ٿي.
جيڪڏھن الحاد جو مقصد خدا جو انڪار آھي ته اهو چٽو آھي ته ان جو تعلق عقيدي سان آھي.بلڪل انهيء ريت ڪيئن اها دعوي ته خدا موجود آھي.انهن دعوائن جو سائنس ۽ ساسئنسي سوچ.سان ڪو تعلق ناهي.ان جي لاء اهو چوڻ ته سائنس االحاد ڏانهن وٺي وڃي ٿي ته ان جو ڪو ٺوس پتو نٿو پوي.
ليڪن جيڪڏھن الحاد کي هڪ خاص مذھب جي انڪار سان ڪيو وڃي ته ملحد جو پلڙو ڳرو نظر اچي ٿو.ڇوته اهڙو ڪو پيمانو ناهي جنهن کان ڪنهن به مذھب جي سچائي کي قائم ڪري سگهجي.ان ريت ڪنهن خاص مذھب جي سچائي ثابت ڪرڻ جو ڪو وسيلو ناهي.هر مذھب اهڙن عقيدن تي قائم آھي جن جو بنياد هزارين سال پراڻين روايتن.شخصيتن ۽ ڪتابن تي قائم هونديون آھن ۽ جن جي سچائي شڪي آھي.جهڙي ريت ڪنهن مذھب کي ڪنهن ٻيئي مذھب تي برتري حاصل ناهي.ان ريت ڪنهن عقيدي کي ڪنهن ٻيئي جي عقيدن تي برتري حاصل ناهي.مذھب ذاتي عقيدن تي مشتمل هوندا آھن.جن جو ڪو عقلي سبب ناهي؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو