ڇا ابراهيم تراوري جو انقلاب ڪاميابي ماڻي سگهندو؟

ڇا ابراهيم تراوري جو انقلاب ڪاميابي ماڻي سگهندو؟

طفيل مگسي
ڪيپٽن ابراهيم تراوري جي اوچتي اڀري ڪري اقتدار ۾ اچي وڃڻ سان نه صرف افريقا بلڪ سموري عالمي ڏاکڻي پرڳڻي ۾ جوش۔اميد ۽ ڀحث و مباحثي جنم ورتو آهي۔بغاوت جي نشاني بڻجي چڪو آهي ۔هن جي شخصيت۔جنهن کي ڀتين تي لڳل پوسٽرن۔ٽڪ ٽاڪ۔ويڊيوز ۽ جلاوطن افريقي عوام جي جلسن ۾ سراهيو پيو وڃي۔هڪ اهڙي سامراج دشمن جذبي جي ياد کي تازو ڪري ٿي جيڪا ٿامس سنڪارا جي دور سان لاڳاپيل آهي۔باوجود ان جي ساڻس سان اهي ڳالهيون به منسوب ڪيون پيون وڃن ته جيڪي نه هن چيون آهن ۽ نه ڪيون آهن۔ان سلسلي ۾ هٿرادو ڏاهپ جي وسيلي به وڏي پيماني تي پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي۔جيڪا کيس کي هڪ نظرياتي و عملي عظمت جي صفت جي طور تي پيش ڪري ٿي ۽ ڪافي حد تائين خام خيالي تي مشتمل آهي۔ان جي باوجود افريقا ۔ڏکڻ ايشيا ۽ لاطيني امريڪا وغيره (جتي خوفناڪ بيٺڪيتي ماضي جا زخم اڄ به تازه آهن)۔۾ جبري قبضن۔معاشي بربادي ۽ رياستي زوال جا ڪروڙين ماڻهو تراوري کي اميد جي ڪرڻي جي طور تي ڏسي رهيا آهن۔
تجزيي کي مارڪسي طريقي ۾ ظاهر کي جوهر ۽ (Form) کي داخلي مواد يا مافيا(Content)جي مقابلي ۾ ڏٺو ۽ پرکيو ويندو آهي۔اسان تسليم ڪيون ٿا ته تراوري جي اڀرڻ جي پٺيان هڪ انقلابي سماجي عمل ڪارگر آهي ۽ ان جي اقتدار واري دور ۾ ڪي همت ڀريا قدم به ڏسڻ ۾ آيا آهن۔ليڪن اسان کي خبردار رهڻو به پوندو ته هڪ انقلابي پارٽي جي شڪل ۾ مارڪسي قيادت جي عدم موجودگي،مزدور طبقي جي منظم طاقت ۽ جهموري ادارن جو فقدان ۽ سياسي زندگي ۾ وڌندڙ فوجي مداخلت جهڙا عنصر ان انقلابي عمل جي آمراڻي زوال پذيري جو ڪارڻ ثابٿ ٿي سگهن ٿا۔برڪينا فاسو ۾ ظاهر ٿيڻ واريون نشانيون اسان کي عالمي ڏکڻ ۾ ٻي عالمي جنگ کانپوء اڀرڻ وارين انقلابن جي ڪاميابين ۽ خوبين سان گڏوگڏ روايتي ڪمزورين ۽ خامين جون به يادون ڏيارين ٿيون۔ پر ٻي جنگ عظيم کانپوء وارين ڏهائين وارن انهن عملن ۾ به اهڙين ئي حڪومتن جو اڀار ۽ وري زوال ڏسڻ جي لاء ملي ٿو۔
ان هوندي سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ اوڀر يورپ ۾ اسٽآلنزم جي وکرڻ،چين ۾ اسٽالنزم وڌيڪ بڱاڙ جي نتيجي ۾ هڪ اسٽالبسٽ رياستي سرمائيداراڻي نظام ۾ بدلجي وڃڻ ۽ عالمي سطح تي سرمائيداري جي بينظير بحران سان گڏ اهڙين رياستن يا حڪومتن جي بقا واري گنجائش محدود ٿي چڪي آهي۔جيتوڻيڪ ان قسم وارين حڪومتن جي تاريخي عمر يا مدي ۾ به چٽي کوٽ واقعي ٿي آهي۔ان کان به وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالھ اها آهي ته تراوري جو اوڀر ۾ اڀرندڙ سامراجي طاقتن(روس ۽ چين)ڏانهن لاڙو ۽ هڪ اهڙي ”طاقتور اڳواڻ“ جي طور تي اڀرڻ جيڪو ڪنهن خاص احتساب يا جهموري ڪنٽرول کان آزاد هجي۔ان عوامي بغاوت کي زوال يا بربادي جي وڌيڪ خطرن کان پريشان ڪري چڏي ٿو۔
هي قرارداد تراوري جي اقتدار جو شروعاتي تجزيو پيش ڪرڻ جي ڪوشش آهي۔جنهن جو مقصد مغربي سامراجي حملن،خاص طور تي افريڪوم(AFRICOM ) ادارن کي ننگو ڪرڻ ۽ اهو موقف اجاگر ڪرڻ آهي ته استحصال کان پريشان طبقن جي اتحاد سان گڏ پرولتاريا جي قيادت ۾ برپا ٿيڻ وارو سوشلسٽ انقلاب ئي برڪينا فاسو،افريقا ۽ سموري دنيا کي سامراجي سرمائيداراڻي ڏاڍ کان چوٽڪارو ڏياري سگهي ٿو۔
تراوري حڪومت جا جقيقي ميووا:
هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته تراوري جي قيادت ۾ قائم فوجي وقتي حڪومت برڪينا فاسو جي عوام کي ڪجه ٺوس فائدا رسايا آهن۔محض هڪ سال جي عرصي ۾ ان حڪومت هيٺيان اهم قدم کنيا آهن۔
*قومي وسيلي جي واپسي : ملڪ جي اندر سون جي ريفائنري جو قيام ۽ ڪوئلي جي کاڻ وارن معاهدن تي ٻيهر ڳالھ ٻولھ جي وسيلي رياست قدرتي وسيلن تي پنهنجو ڪنٽرول وڌايو آهي۔جيڪا دولت اڳ ۾ مڪمل طور تي بين الاقوامي ڪارپوريشنن جي طرف کان ڦري پيئي وئي هئي۔هينئر ان جو ڪجه حصو قومي ترقي ڏانهن لاڙيو پيو وڃي۔
* زرعي بحالي:رياست هارين کي مفت ڀاڻ،جديد اوزار ۽ بهتر ٻج ميسر ڪيا آهن۔جنهن سان غذائي سفر ۾ بهتري آئي آهي ۽ مقامي سطح تي ڪپھ۔مڪئي ۽ ٽماٽن جي پراسيسنگ ۾ واڌارو ٿيو آهي۔
*سماجي انفراسٽرڪچر جي تعمير جي شروعات:هڪ هزار کان وڌيڪ بي گهر خاندانن کي تمام سستيون رهائشون ڏئي ڪري ٻيهر آباد ڪيو ويو آهي۔نوان اسڪول ۽ ڪلينڪون تعمير ڪيون پيون وڃن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بجلي و پاڻي جا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن ۔جنهن جو مقصد ڪيترين ئي ڏهائين جي رياستي لاپرواهي جو پورائو ڪرڻ آهي۔
*جديد بيٺڪيتي نظام کي چيلينج ڪرڻ :فرانسيسي فوج جي واپسي(مغربي طاقتن سان)سيڪيورٽي معاهدن جي خاتمي ۽”فرانس کي ڪرڻو پوندو!“جهڙن عوامي نعرن هڪ اڀرندڙ سامراج مخالف شعور جو اظهار ڪيو آهي۔
اهي ڪي معمولي ڪاميابيون ناهن۔عوام جو سڌو سنئون جهموري ڪنٽرول ۾ نه هئڻ جي باوجود اهي قدم عام ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ واري ڪوشش جو اظهار آهن۔اهي به اهڙين حالتن ۾ جتي قومي تباهي۔آئي ايم ايف جون رڪاوٽون،ماحولياتي بحران ۽ هٿياربند بغاوتون گڏ آهن۔
ڪپتان جو(Cult)۔
تراوري جي مقبوليت جا سبب فهم جي لائق آهن۔ليڪن هاڻي اها صورتحال مسئلا به پيدا ڪري رهي آهي۔ان جي شخصيت ڄڻ چي گويرا ۽ سڪارا سان گڏ فوٽوئن ۾ ڏيکاري پئي وڃي۔هينئر صرف مزاحمت جي نشاني ناهي رهي بلڪ تيزي سان شخصيت پرستي جي اهڙي لاڙي ۾ پوئجندي پئي وڃي جيڪو سياسي تنظيم جي جڳھ وٺندو پيو وڃي۔
مارڪس وادي سمجهن ٿا ته محنت ڪش عوام جو چوٽڪارو ڪنهن هڪ فرد يا سماجي تي نٿو ٿي سگهي۔چاهي اهي ڪيترائي انقلابي يا سچي نيت رکڻ وارا چو نه هجن۔جڏهن ڪا شخصيت چوٽڪارو ڏيڻ واري طور تي اڀرندي آهي ۽ ڪنهن طبقي جي تنظيمي يا سياسي خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته اها بونا پارٽزم (Bonapartism) جي نشاني هوندي آهي۔
جنهن جي نموني جو تعين ان جي طبقاتي بنياد ۽ انهن طبقاتي مفادن سان هوندو آهي۔جن جي سنڀال اهو بوناپارٽزم ڪري ٿو۔ليڪن کاٻي ڌر جي بوناپارٽسٽ لاڙن ۾ به مختلف طبقن جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ،محنت ڪش طبقي جي آزاداڻي سرگرمي کي دٻائڻ ۽ ”مٿان“ کان حڪمراني ڪرڻ جو لاڙو موجود هوندو آهي۔جيتوڻيڪ اهو سڀ ڪجه اهي عوام جي نالي تي ڪري رهيا هوندا آهن۔
وڌيڪ اهو ته مزدورن ۽ هارين کي پاڻ تي ڪيل انهن ”احسانن“ جي به قيمت چجائءي پوي ٿي۔جيڪا اقتدار ۾ موجود بيورو ڪريسي جي سهوليتن ۽ ڪو قت کليل ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جي صورت ۾ ٿيندي آهي۔مارڪس وادين جو ڪم تحريڪن کي هرونڀرون ساراهڻ يا انهن جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ ناهي هوندو۔اسان انهن تحريڪن جي نتيجي ۾ حاصل ڪندڙ حاصلات کي بچائڻ جي جدوجهد ڪن ٿا۔خامين ۽ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪن ٿا۔رجعتي پاسن تي تنقيد ڪن ٿا ۽ داخلي ٽڪرائن کي اجاگر ڪري انقلابي چهنب کي تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا۔
ان جوالي سان جيستائين مزدورن۔هارين ۽ سپاهين جي اقتدار جا جهموري ادارا يا تنظيمون موجود نه هونديون۔تراوري جي حڪومت مٿان کان مڙهيل ۽ فوجي طرز تي ئي قائم رهندي۔(برڪينا فاسو ۾) اختلاف واري راء کي دٻائڻ،صحافين کي گرفتار ڪرڻ ۽ مظاهرو ڪندڙن جي گم ٿيڻ جو سلسلو اڳ کان جاري آهي۔اهي سڀ هڪ سنگين خطري جون نشانيون آهن۔
ان سلسلي ۾ ويجهي ماضي ۾ وينزويلا جو تجربو وڏو سبق وارو آهي۔هوگوشاويز سامراج جي مخالفت،تيل جي صنعت کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ ۽ سماجي فلاحي پروگرامن جي سبب سڄي دنيا ۾ مقبوليت حاصل ڪئي هئي۔ليڪن ان جي حڪومت نه ته سرمائيداري جو خاتمو ڪيو،نه ئي منظم محنت ڪش طبقي جي جهموري ڪنٽرول کي يقيني بڻايو۔وقت سان گڏ خاص طور تي شاويز جي وفات کانپوء اقتدار وڌيڪ بگڙجندو ويو۔اختلاف کي دٻايو ويو،مزدور يونينن کي ڪ،زور ڪيو ويو ۽ روسي و چيني سرمايي سان اتحاد قائم ڪيا ويا۔اڄ وينزويلا جي حڪومت بوليوارين انقلاب جي شروعاتي خوابن ۽ اميدن جي آسرو بڻجي ڪري رهجي وئي آهي۔
برڪينا فاسو کي به انهيء قسم جا خطرا آهن بلڪ ان صورت ۾ اهي خطرا وڌيڪ سنگين ۽ شديد آهن۔چاڪاڻ ته تراوري جي اقتدار جو مهور ئي فوج آهي۔
مشرقي سامراج ڪو متبادل ناهي:
تراوري جي ”سامراج دشمن“ پرڏيهي پاليسي هاڻي هڪ خطرناڪ رستي تي راهي آهي۔فرانس جي وڃڻ کانپوء برڪينا فاسو هٿيارن جي لاء روس ۽ انفراسٽرڪچر و سرمائيڪاري جي لاء چين کان ڪري رهيو آهي۔اهوئي لاڙو سامونڊي ڪناري وارن ٻين رياستن ۾ به ڏسڻ جي لاء ملي رهيو آهي۔
مارڪس وادي ان عمل کي رد ڪن ٿا ته ماسڪو يا بيجنگ سان اتحاد جو مطلب آزادي ۽ چوٽڪارو آهي۔اهي ڪي ٿرقي پسند متبادل قوتون ناهن بلڪ(مغربي سامراج سان) ۾ سرگرم سامراجي طاقتون آهن۔روس جي واگنر گروپ مالي ۽ وچ افريقي جهموريا ۾ نهايت وحشياڻين ظلمن جو ڏوھ ڪيو آهي۽ نفعي خوري جي لاء اتان جي معدنيات کي ڦري رهيو آهي۔چين جو بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو ۽ شرطن،استحصالي قرضن۔ماحولياتي تباهي ۽ مزدورن تي ڏاڍ جي حوالي کان بدنام آهي۔
سامراجي طاقتن جي پنهنجي ٽڪراء کي بحيثيت پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻو پئجي سگهي ٿو۔ليڪن اهڙي مصالحت بلڪل عارضي ۽ نج هئڻ گهرجي۔ڪنهن هڪ سامراجي بلاڪ کي ”گهٽ“يا”ترقي پسند“قرار ڏئي ڪري نظرياتي سبب بخشڻ يا اپنائڻ سياسي ۽ اخلاقي غداري جي برابر هوندو آهي۔
اهڙي نازڪ صورتجال ۾ محنت ڪش طبقي جي جهموري ڪنٽرول ۽ مارڪسي قيادت ۾ موجود انقلابي رياست ئي مناسب طريقي سان منهن ڏئي سگهي ٿي۔برڪينا فاسو ۾ چاڪاڻ ته اهڙا بنياد ناهن۔ان ڪري اهڙيون مصلحتون۔ڪاروباري تعلقات ۽ سرمائيڪاري جا معاهدا سموري انقلابي عمل کي بدعنوان ڪري بگاڙڻڻ۔اندر کان کوکلو ڪرڻ ۽ گمراھ ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا۔
آقا بدلائڻ سان يا پنهنجي مرضي جو آقا چونڊي وٺڻ جو مطلب آزادي ناهي هوندو۔اها طبقاتي جدوجهد۔عوامي چرپر ۽ هڪ بين الاقوامي انقلابي پارٽي جي تعمير جي وسيلي ئي ممڪن آهي۔جنهن جو مقصد اقتدار کي هارين ۽ سپاهين کي پاڻ سان گڏ اتحاد ۾ جوڙڻڻ واري پرولتاريا جي حوالي ڪرڻ هجي۔
افريڪوم جي منافقت:
ويجهڙائي ۾ افريقا ۾ امريڪي ڪمانڊ (AFRICOM )جي اڳواڻ مائيڪل لينگليء تراوري جي حڪومت تي”جهموري ڏيوالي “جو الزام مڙهيو آهي ۽ دعوي ڪئي آهي ته برڪينا فاسو ”پنهنجي عوام کي مايوس ۽ نامراد ڪري رهيو آهي“۔
ان قسم جو الزام من گهڙت۔غليظ ۽ ڪوڙ تي مشتمل سامراجي پروپيگنڊه کانسواء ڪجه به ناهي۔
افريڪوم ان وقت ڪٿي هو جڏهن سڄي افريقا ۾ جهموريت جي ڳچي قرضن۔فرانسيسي فوجي اڏن ۽ ڪٺ پتلي حڪومتن جي وسيلي مروڙي رهيو هو؟مصر۔سعودي عرب۔پاڪستان۔روانڊا ۽ سڄي دنيا ۾ آمريتن جي مدد ۽ حمايت ڪرڻ واري امريڪا کي برڪينا فاسو سان ڪهڙو مطلب آهي؟صرف اهو ته برڪينا فاسو پنهنجين اڳوڻن بيٺڪيتي آقائن جي سامهون ٿي بيٺو آهي؟
افريڪوم کي جهموريت جي نه بلڪ مغربي افريقا جي وسيلن تي سامراجي ڪنٽرول ۽ ان جي جغرافيائي اهميت جو فڪر آهي۔واشنگٽن کي تراوري سان مسئلو انهيء ڪري ناهي ته هو آمر آهي۔بلڪ ان لاء آهي ته هو(گهٽ ۾ گهٽ هينئر تائين)امريڪي حڪمن تي ناهي هلي رهيو۔
افريڪوم کي ننگو ڪرڻ کپي:اهو ادارو سرمائيداراڻي ڦرلٽ ۔ڊرون حملن ۽ بيٺڪيتي نظام جو اوزار آهي۔تراوري تي ان جي تنقيد ڪو اصولي موقف ناهي بلڪ سراسر موقعي پرستي آهي۔
اقتدار کان بنا اميد خطرناڪ آهي!
تراوري عوام ۾ مقبول آهي۔ان جي اڀار عالم ڏکڻ ۾ موجود ان حقيقي تڙپ جو اظهار آهي۔جيڪا مغرب کي چيلينج ڪرڻ واري ۽ بنيادي ضرورتن و انصاف ميسر ڪرڻ وارن اڳواڻن جي لاء عوام ۾ موجود آهي۔
برڪينا فاسو ۾ اها تڙپ ۽ اميد حقيقي ذلتن ۽ ٺوس حاصلات تي مشتمل آهي۔
وينزويلا ۾ انقلاب نيٺ مٿان کان مڙهيل ڪنٽرول ۽ سرمايي سان ٺاھ جي سبب کان ناڪام ٿي ويو۔ڪجه ڏهائيون اڳ ايٿوپيا ۾ اسان مينگسٽو جي بونا پارٽسٽ حڪومت جي بحران ۽ نيٺ زوال کي ڏٺو۔جنهن کانپوء ميلي زيناوي جا وعدا به ستت ئي نيو لڀرلزم ۽ ڏاڍ ۾ وڃائجي ويا۔ساڳئي قسم جون شيون يمن۔انگولا ۽ موزمبيق ۾ به ڏيک ڏين ٿيون۔جتي انقلابي اميدن جا نشان راه وڃائڻ بي پٺيان نه صرف ٻاهريون سامراجي مداخلتون بلڪ ڳوڙها اندريان ٽڪراء ۽ ٻيون ڪمزوريون به موجود هيون۔
برڪينا فاسو ۾ به انقلابي عمل کي انهن يا ساڳئي نموني وارن اندرين اختلافن جي بنياد تي زوال جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو۔
اڳتي وڌڻ جو انقلابي سوشلسٽ رستو:
مارڪس وادي فوجي حڪومتن جي مخالفت صرف ان جي سياسي شڪل يا طريقيڪار جي سبب کان نٿا ڪن۔نه ئي اهي صرف ظاهر ۾ ترقي پسند نظر اچڻ جي سبب کان انهن جي بنا شرط جي حمايت ڪن ٿا۔اسان عوام جي حاصل ڪيل ميوون جو دفاع ڪريون ٿا۔رجعتيعنصرن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ انقلابي پارٽي جي وسيلي محنت ڪش طبقي جي اقتدار تي قبضي جي جدوجهد ڪريون ٿا۔
ان سلسلي ۾ اسان هيٺيان نعرا ۽ مطالبا پيش ڪريون ٿا:
*سامراجين کي برڪينا فاسو کان ڪڍو!سامراجي مغربي مداخلت۔پابنديون ۽ سازشون نامنظور۔
*هڪ انقلابي دستور ساز اسيمبلي ڪوٺائي وڃي جيڪا عوام جي ووٽ سان چونڊجي ۽ برڪينا فاسو جي عوام جي انقلابي خواهشين تي مشتمل نئون آئين مرتب ڪري۔
* مزدورن ۔هارين ۽ شاگردن کي هٿياربند ڪري هڪ هٿياربند مليشيا جوڙي وڃي۔جيڪا سامراجي حملن جي خلاف انقلاب جو دفاع ڪري۔
* انقلابي زرعي سڌارن جي وسيلي مقامي جاگيردارن جاگيردارن۽جاگيردارن سامراجي ڪمپنين جون زمينون هارين ۾ ورهايون وڃن۔اشتراڪي زراعت ۽ سبز انقلاب جي لاء رياستي منصوبابندي ۽جديد ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو وڃي۔
* فوج ۾ طبقاتي سهوليتن ۽ ڪميشن سسٽم جو خاتمو ڪيو وڃي۔آفيسرن ۽ سپاهين کي هڪ جيتريون پگهارون ڏنيون وڃن۔آفيسرن جي چونڊ سپاهين جي ڪميٽين جي وسيلي ڪئي وڃي۔
*سامراج دشمن قدمن جي حمايت ڪئي وڃي،معدنيات جي کاڻين کي سامراج کان آزاد ڪرايو وڃي ۽ معشيت جي مرڪزي شعبن کي(چاهيڌ اهي سامراجي ڪمپنين جي قبضي ۾ هجن يا مقامي سرمائيدار طبقي جي)قومي ملڪيت ۾ ورتو وڃي۔سمورا سامراجي قرض بنا شرط تي رد يا ضبط ڪيا وڃن۔
*محنت ڪش طبقي جي آزاد تنظيم ڪاري کي واڌ ڏني وڃي۔جنهن ۾ يونينون۔هاري تنظيمون۔شاگردن ۽ نوجوانن جون تحريڪون شامل هجن۔
*مزدورن ۽ هارين جون ڪائونسلون(سوويتيون)جوڙيون وڃن۔جيڪي هيٺ کان وٺي مٿي تائين جهموري طرقي سان چونڊجن ۽ معشيت جي منصوبا بندي ڪن ۽هڪ نئين انقلابي رياست جو بنياد وجهن۔
* عورتن جي خلاف سمورا رجعتي و ڏاڍ وارا قانون مڪمل طور تي ختم ڪيا وڃن۔هر قسم جي جنسي ٿعصب کي ختم ڪيو وڃي۔محنت ڪش عورتن کي برابري وارا حق۔پگهارون ۽ نمائندگي ڏني وڃي۔ هن مهينن جي مڪمل پگهار سان گڏ ويم جون موڪلون ڏنيون وڃن ۽ عورت جي ويم کي رياست جي طرف کان صجت جون مڪمل سهوليتيون ڏنيون وڃن۔گهريلو ۽ مزدوري جي هٿرادو ورهاست کي ختم ڪيو وڃي ۽ گهريلو ڪمن کي گڏيل بڻايو ڃي ته جئين سموريون صنفون هر شعبي ۾ برابري سان حصو وٺي سگهن۔
*سمورن سامراجي بلاڪن۔چاهي اهي مشرقي هجن يا محربي،سان تعلق ٽوڙيو وڃي۔نيٽو ۽ برڪس ٻنهيء کي رد ڪيو وڃي۔واگنر گروپ کي به ڪڍيو وڃي۔
*سمورن بين الاقوامي معاهدن کي شفاف بڻايو وڃي۔واپار۔سرمائيڪاري ۽ انفراسٽرڪچر جي معاهدن کي عوامي جانچ پڙتال جو پوئلڳ ڪيو وڃي۔سمورا ڳجها معاهدا منظرعام تي آندا وڃن ۽ جيڪڏهن اهي محنت جش عوام جي مفادن کي نقصان رسائيندا هجن ته انهن کي رد ڪيو وڃي۔انفراسٽرڪچر جي تعمير،صنعتڪاري يا ٽيڪنالوجي جي منتقلي جي باري ۾ ڪنهن به معاهدي ۽ انتظام کي مڪمل طور تي شفاف هئڻ گهرجي۔جنهن ۾ سمورين شقن کي کليل جانچ پڙتال۔بحث ۽ جهموري ڪنٽرول جي لاء شايع ڪيو وڃي۔غير ملڪي سرمائيڪاري ۽ واپار کي استحصالي ڪردار کان پاڪ ڪري عوامي بهبود جي وسيلن ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ مزدورن،هارين ۽ مقامي ڪميونٽن جي جهموري نگراني ۽ منظوري جون پوئلڳ هجن۔
* سمنڊ جي ڪناري ۽ سموري علائقي ۾ هڪ سوشلسٽ فيڊريشن قائم ڪئي وڃي جيڪا سامراج،سرمائيداري ۽ ماحولياتي بحران جي خلاف ٻڌي ۽ گڏيل جدوجهد تي مشتمل هجي۔
*بين الاقواميت تي مشتمل پرڏيهي پاليسي اپنائي وڃي جنهن جو بنياد قومپرستي يا تعصب نه بلڪ طبقاتي ٻڌي هجي۔برڪينا فاسو جي جدوجهد کي عالمي سوشلسٽ تحريڪ سان ڳنڍيو وڃي۔
وردي جي نه،انقلابي عوام جي حمايت:
تراوري جو اڀرڻ بذات پاڻ ڪو انقلاب ناهي۔ليڪن اها هڪ غيرمعمولي تبديلي ضرور آهي۔اهو عوامي ڪاوڙ ۽ انقلابي خواهشين جو اظهار آهي۔بيٺڪيتي نظام سڙي ڳري چڪو آهي ۽ وکري رهيو آهي۔مگر سوال اهو آهي ته اڳتي چا ٿيندو؟
اسان ڄاڻو ٿا ته عوام تراوري جي چوڌاري چو گڏ ٿي رهيا آهن۔هڪ نئون۔آزاد ۽ وقار ڀريو افريقا اسان جو به خواب آهي۔ليڪن محنت ڪش طبقي جي اقتدار،جهموري ۽ آزاداڻي تنظيم ڪاري ۽ انقلابي قيادت جي بنا ريڊيڪل ترين فوجي حڪومتون به نيٺ ڳچيء جون ڳٽ بڻجي وڃن ٿيون۔
مسئلي جو حل ۽ چوٽڪاري جو رستو فوجي حڪومتون يا بونا پارٽسٽ خوش فهمين ۾ ناهي بلڪ برڪينا فاسو۔افريقا ۽ سڄي دنيا جي سوشلسٽ انقلاب ۾ لڪل آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو