چيٽ جي پي ٽي ۾ ” جي پي ٽي“ جو مطلب ڇا آهي؟

چيٽ جي پي ٽي ۾ ” جي پي ٽي“ جو مطلب ڇا آهي؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)چيٽ جي پي ٽي اهڙو هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي تي ٻڌل چيٽ بوٽ آهي جيڪو تيزيءَ سان سموري دنيا ۾ مقبول ٿي رهيو آهي. آمريڪي ڪمپني اوپن اي آءِ طرفان تيار ڪيل اي آءِ چيٽ بوٽ ٽيڪنالاجي دنيا کي بدلائي ڇڏيو آهي ڇو جو هاڻي گهڻي قدر وڏيون ڪمپنيون هن ئي ٽيڪنالاجي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. چيٽ جي پي ٽي تي وڃي اوهان مختلف سوالن جا جواب ڄاڻي سگهو ٿا، ڪوڊنگ سکي سگهو ٿا ۽ اهڙو گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا جيڪو پهريان ڪرڻ ڏکيو يا ناممڪن هوندو هو. پر ڪڏهن اوهان سوچيو آهي ته چي جي پي ٽي ۾ ” جي پي ٽي جو مطلب ڇا آهي؟ . ان جو جواب اسان سڌي ريت چيٽ جي پي ٽي تي ئي وڃي ئي ڄاڻيو جنهن موجب جي پي ٽي لفظ جنريٽيو پري ٽرينڊ ٽرانسفارمر جو مخفف آهي، مڪمل نالو ڄاڻڻ سان اِهو واضح ٿئي ٿو ته هي چيٽ بوٽ ڪهڙو ڪم ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو