چين دنيا جو سڀ کان وڏو طاقتور راڪيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين 2020 ۾ پنهنجي مريخ مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور راڪيٽ لانچ ڪري ڇڏيو آهي. چين جي سرڪاري نشرياتي اداري سي سي ٽي وي تي ڏيکاريل سنئين سڌي نشريات ۾ شي جيان 20 ٽيسٽ سيٽلائيٽ تي لوڊ تي مشتمل وڏي لانگ مارچ 5 راڪيٽ کي ڏکڻ جزيري بينان ۾ واقع لانچ سائيٽ سان رات 8 لڳي 45 منٽن تي خلاف ۾ موڪليو ويو. چين جي سرڪاري خابرو ايجنسي زون هوا مطابق 2000 سيڪنڊن کان پوءِ شيجيان 20 سيٽلائيٽ کي پنهنجي پهرين طئي ٿيل مدار ۾ موڪليو ويو. رپورٽ مطابق راڪيٽ لانچ مستقبل ۾ خلائي مشينن بابت ڪليدي ٽيڪنالوجين جي جانچ ڪندو. اهو ڪامياب لانچ ايندڙ سال ريڊ سياري جي مشن ۽ 2022 تائين عملي تي خلائي اسٽيشن بڻائڻ جي اميد سان چين جي منصوبن جو هڪ اهم حصو آهي. چين جي نيشنل اسپيس ايڊمنسٽريشن جي نائب سربراهه ينهوا گذريل هفتي نشرياتي اداري سي سي ٽي وي ذريعي جاري هڪ ويڊيو ۾ چيو هو ته لانگ مارچ جي راڪيٽ کي اهم مشن جي ذميواري سونپي وئي هئي. ان جو چوڻ هو ته ان مريخ جي چين جي پهرين تحقيقات، چانگ 5 قمري تحقيقات ۽ انسان دوست خلائي اسٽيشن لاءِ هڪ بنيادي ماڊل جي لانچنگ سميت اهم مشينن جي هڪ سيريز جي ذميواري سونپي ويندي. چين جي طاقتور راڪيٽ لانچ جي آن لائن براه راست نشريات 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن ڏٺي ۽ رات جي وقت آسمان تي راڪيٽ لانچ ڪرڻ جو منظور ڏسندي جزيري جي لانچ سائٽ ويجهو جمع ٿيل هجوم خوشيءَ جو اظهار ڪيو جنهن کي سوشل ميڊيا تي تي پوسٽ ٿيندڙ وڊيوز ۾ ڏٺو ويو. راڪيٽ جو اڌ نالو (عرفي نام) فاسٽ فائيو چين جي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ وڊيو تي ٽرينڊنگ ۾ رهيو. جولاءِ 2017 ۾ ان راڪيٽ جي لانچ جي ناڪام ڪوشش کان پوءِ گذريل ڏينهن جي ڪاميابي سبب چين جو خلائي پروگرام واپس پنهنجي رستي تي اچي ويو آهي. واضح رهي ته بيجنگ پنهنجي حريف آمريڪا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي خلائي پروگرام ۾ اربين ڊالرن جي سرمائيڪاري ڪئي آهي ۽ پاڻ هڪ وڏي عالمي طاقت ظاهر ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو