چيئرمين پي سي بي رميز راجا پاران استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو

چيئرمين پي سي بي رميز راجا پاران استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب رميز راجا نئين حڪومت جي قيام کانپوءِ به پي سي بي جو چيئرمين رهندو ۽ هو پنهنجي مستقبل بابت حڪومت جي پيغام جو انتظار ڪري رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته رميز راجا جي استعيفيٰ جي صورت ۾ چيئرمين شپ لاءِ اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي جي نالي تي غور ڪيو ويندو.ذريعن موجب نجم سيٺي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين چيئرمين لاءِ مضبوط اميدوار طور سامهون آيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نجم سيٺي جيڪو ماضي ۾ پي ايس ايل سميت ڪيترائي وڏا پراجيڪٽ ڪاميابي سان هلائي چڪو آهي، کيس دوستن طرفان مبارڪون ڏنيون پيون وڃن پر هو ڳالهين کان پاسو ڪري رهيو آهي.ذريعن موجب رميز راجا سومر تي ڪجهه دير لاءِ پي سي بي هيڊڪوارٽر آيو پر گهڻو وقت نه ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو