واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي آهي ته ڀارت ٻيهر پاڪستان تي جنگ ڪرڻ وارو آهي.وائيٽ هائوس ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ڳالهه ٻولهه ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن دنيا ۾ 8 وڏيون جنگيون روڪيون آهن، جن تي کيس فخر آهي.صدر ٽرمپ چيو ته هن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ روڪي ڇڏي، مون پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ به روڪي ڇڏي جيڪا ٻيهر شروع ٿيڻ واري هئي.هن چيو ته ٻئي هاڻي هڪ سٺو قدم کڻي رهيا آهن، مون واپار جي بنياد تي جنگيون روڪي ڇڏيون.










