ليکڪ : محمد عامر رانا
تازو مئي ۾ ڀارت سان ٿيل تڪرار اوچتو پاڪستان جي عالمي تصوير کي نئون رُخ ڏنو آهي، ۽ ملڪ کي سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ محاذ تي هڪ ناياب برتريءَ جو موقعو مليو آهي. جيڪو ملڪ اڳي جيو اقتصادي حوالي سان مشڪلاتن جو شڪار هو، اهو هاڻ عالمي منظرنامي تي نه فقط ردعمل ڏيندڙ جي حيثيت ۾، پر پنهنجي علائقائي ۽ عالمي سڃاڻپ کي نئين سر ترتيب ڏيندڙ طور سامهون اچي رهيو آهي.
اهو تڪرار، جيتوڻيڪ خطري سان ڀريل هو، پر پاڪستان لاءِ هڪ اڻڄاتل سفارتي فائدي جو سبب بڻيو. ڀارت جي دهشتگردي بابت بيان بازي، جيڪا گهڻي وقت تائين پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندي رهي، هاڻ وڌيڪ غير مؤثر محسوس ٿي رهي آهي، خاص طور تي پهلگام واري واقعي کان پوءِ جڏهن ڪو به معتبر ثبوت سامهون نه آيو. پاڪستان جو سوچي سمجهي، پر ڀرپور فوجي ردعمل ڪيترن ئي مبصرن کي حيران ڪيو ۽ هڪ نئين اسٽريٽجڪ اعتماد جي نشاندهي ڪئي. ساڳئي وقت، آمريڪا سان حفاظتي لاڳاپن جي خاموش بحالي پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي اثر رسوخ ۾ واڌارو آندو.
هن نئين ترتيب ۾ ڪي اهم عنصر نمايان آهن. چين پاڪستان جو سڀ کان اهم اسٽريٽجڪ ساٿي آهي، جنهن کانپوءِ ترڪي جو نالو اچي ٿو. ساڳئي وقت، ملڪ جا اڻکٽ معدني ذخيرا، جيڪي اڳي نظرانداز ٿيندا رهيا، هاڻ عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي رهيا آهن. افغانستان جي صورتحال ۽ دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين به علائقائي سلامتي جي بحثن ۾ ان جي حيثيت وڌائي آهي. ايران-اسرائيل تڪرار دوران پاڪستان جي سفارتڪاري به ان جي طاقت ۾ اضافو آندو.
اهي تبديليون هڪ تيزي سان بدلجندڙ جيوپولٽيڪل ماحول ۾ ٿي رهيون آهن، جيڪو وچ اوڀر، ڏکڻ ايشيا ۽ ڪاڪيسس تائين پکڙيل آهي. پاڪستان هاڻ مرڪزي ايشيا تائين پنهنجا سفارتي هٿ وڌائي رهيو آهي ۽ ڏکڻ ايشيا جي ڪناري واري علائقي، خاص طور تي بنگلاديش ڏانهن به توجهه ڏئي رهيو آهي. ڀارت بابت وڌندڙ بيزاري ۽ روس جي واپاري انداز واري علائقائي رويي جي پسمنظر ۾، پاڪستان لاءِ نوان اتحاد ٺاهڻ جا امڪان پيدا ٿي رهيا آهن ـ بشرطيڪ پاڪستان پنهنجي اسٽريٽجڪ سمجهه کي برقرار رکي سگهي.
موجوده جيوپولٽيڪل صورتحال پاڪستان جي حق ۾ ڦري رهي آهي. پر اها ٻاهرين موقعا پرستي اندروني استحڪام سان مشروط آهي. پنهنجي نئين جيوپولٽيڪل اهميت کي قائم رکڻ لاءِ، پاڪستان کي اقتصادي، سياسي ۽ اداري طور پنهنجي گهريلو حالتن کي مستحڪم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اندروني طور تي ڪمزور رهيو ته سفارتي ڪاميابيون عارضي ثابت ٿي سگهن ٿيون. پاڪستان هاڻ اهو اهم احساس ڪري چڪو آهي ته اسٽريٽجڪ ۽ سفارتي فائدا برقرار رکڻ لاءِ هڪ وڌيڪ اثرائتي ۽ ترقي يافته دهشتگردي جي خلاف حڪمت عملي جي ضرورت آهي. گذريل هفتي فوجي قيادت به “هر سطح تي فيصلائتا ۽ جامع قدم کڻڻ” جي ضرورت تي زور ڏنو.
هن وقت پاڪستان بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي افغان سرحدي علائقن ۾ دهشتگردي ۽ بغاوت جي خلاف ڪارروايون ڪري رهيو آهي ـ جيڪي عالمي سطح تي به تسليم ڪيون ويون آهن. بهرحال، جيڪو اڃا تائين ڪمزوري جو نقطو آهي ۽ جنهن کي ڀارت لڳاتار استعمال ڪري رهيو آهي، اهو آهي ڀارت والا ريل ڪشمير ۾ اڳ سرگرم دهشتگرد تنظيمن جهڙوڪ لشڪر طيبه ۽ جيش محمد جي رهجي ويل موجودگي. پاڪستان تازن سالن ۾ انهن نيٽ ورڪن کي ٽوڙڻ لاءِ حقيقي قدم کنيا آهن، خاص طور تي FATF جي گهرجن ۽ آمريڪا توڙي يورپي ملڪن جي سفارتي دٻاءَ جي نتيجي ۾.
انهن قدمن جي باوجود، ڀارت اڃا به دعويٰ ڪندو رهي ٿو ته اهي گروپ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ اڃا تائين سرگرم آهن. ڀارت پنهنجي ان بيانبازي کي مغربي پاليسي حلقن ۾ مؤثر طريقي سان استعمال ڪيو آهي، ۽ ان کان هٿ کڻڻ جو ڪو اشارو نه ٿو ڏئي. بهرحال، هاڻ لڳي ٿو ته اهڙي رويي کي برقرار رکڻ لاءِ صرف بيانبازي نه، پر قابلِ اعتماد متبادل گهرجن. جيڪڏهن ڀارت جي اها حڪمت عملي بغير ثبوت جي بي اثر ٿيڻ لڳي، ته هو به پنهنجو انداز بدلائڻ تي مجبور ٿي سگهي ٿو ـ ۽ شايد برابري جي بنيادن تي ڳالهين لاءِ دروازو کلي.
ڀارت ۽ پاڪستان پاران FATF ڏانهن پيش ڪيل تازي رپورٽن مان ٻنهي ملڪن جي دهشتگردي جي مالي مدد جي خلاف مختلف رويي جو پتو پوي ٿو. پاڪستان جي رپورٽ هڪ منظم ۽ ادارتي بنيادن واري ڪوشش کي ظاهر ڪري ٿي، جڏهن ته ڀارت جي رپورٽ چونڊ واقعن تي ٻڌل آهي، جيڪا ان جي جاري بيانبازي جي مدد لاءِ ترتيب ڏني ويئي آهي.
ڀارت ٻن ڪيسن جا حوالا ڏنا: پهريون، 3 اپريل 2022 تي گورک ناٿ مندر تي حملي جي ڪوشش؛ ٻيو، فيبروري 2019 ۾ ڀارتي سيڪيورٽي قافلي تي خودڪش حملي جو واقعو، جنهن ۾ 40 سپاهي مارجي ويا. پر، FATF جي رپورٽ ۾ پهلگام واري واقعي جو ذڪر ناهي، ۽ پاڪستان جي عملدرآمد تي ڪا به ناراضگي ظاهر نه ڪئي وئي.
پاڪستان پاران پيش ڪيل ڪيس اسٽڊيز ۾ TTP ۽يعني داعش IS-K جهڙن گروپن جي فنڊنگ جا تفصيل ڏنا ويا آهن، جن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته اهي گروپ غير رسمي بينڪنگ نظام ۽ اغوا براءِ تاوان جهڙن طريقن ذريعي فنڊ گڏ ڪندا آهن. پاڪستان جي رپورٽ ۾ نيشنل ڪائونٽر ٽيررزم اٿارٽي کي ذريعي طور ڄاڻايو ويو، جيڪو ان جي رپورٽ کي وڌيڪ اعتبار ڏئي ٿو.
ٻنهي ملڪن جي رويي ۾ هي فرق اهم آهي. جتي ڀارت بيانن کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، اتي پاڪستان آهستي آهستي اداراجاتي اعتبار ۽ قانوني عمل ذريعي پنهنجو مقام تبديل ڪري رهيو آهي. هن بدلجندڙ عالمي ماحول ۾، اهڙي سنجيده ۽ ادارا جاتي بُنياد تي ٻڌل سفارتڪاري وڌيڪ پائيدار نتيجا ڏئي سگهي ٿي.
ڀارتي ميڊيا FATF جي نتيجن کي غلط طريقي سان پيش ڪيو آهي، ۽ چونڊيل اقتباسن ذريعي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان اڃا به عملدرآمد نٿو ڪري. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته FATF طرفان پاڪستان خلاف ڪابه تنبيه جاري نه ٿي آهي، ۽ ان جي دهشتگردي جي مالي مدد خلاف قدمن کي ميمبر ملڪن ساراهيو آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيئن ڀارت جي دهشتگردي بابت بيانبازي عالمي سطح تي غير مؤثر ٿي رهي آهي، پاڪستان به هاڻ ساڳيو انداز اختيار ڪري رهيو آهي، ۽ تقريبن هر دهشتگرد حملي کي ڀارت سان ڳنڍي رهيو آهي. پر ڀارت جي بيانبازي جو جواب بيانبازي سان ڏيڻ بدران، پاڪستان لاءِ بهتر ٿيندو ته هو پنهنجو الڳ اسٽريٽجڪ رستو اختيار ڪري. موجوده عالمي ماحول پاڪستان جي حق ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن پاڪستان هن موقعي مان پورو فائدو وٺڻ چاهي ٿو ته ان کي دهشتگردي ۽ بغاوت خلاف باقاعده، معتبر ۽ ڊگهي مدي وارا قدم کڻڻا پوندا. صرف بيانن سان نه، پر حقيقي عمل سان دنيا کي فرق ڏيکارڻو پوندو.(ليکڪ سيڪورٽي معاملن جو تجزيه ڪار آهي. هي مضمون ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو جيڪو سندن ٿوتن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










