ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اروناچل پرديش ۾ فوجي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي فوج جي چيتا هيلي ڪاپٽر سان حادثو پيش آيو جنهن جي ڪري اروناچل پرديش ۾ تاونگ جي ويجهو هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ پائلٽ اجل جو شڪار ٿي ويو. ميڊيا رپورٽ مطابق فوجي اختيارين جو چوڻ آهي ته هيليڪاپٽر روٽين واري اڏام تي هيو جنهن ۾ ٻه پائلٽ سوار هئا ۽ ٻنهي ڄڻن هيليڪاپٽر مان ٽپو ڏنو جڏهن ته ٻنهي کي زخمي حالت ۾ استپال منتقل ڪيو ويو جتي هڪ پائلٽ ڪرنل سوارب ياديو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوجي اختيارين موجب هيليڪاپٽر جي حادثي جو سبب فوري طور تي سامهون نه اچي سگهيو، تنهن هوندي به ان حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي.










